ڌانڌلي جي اوٽ ۾ تحريڪ ملڪ کي بگاڙ ڏانھن ڌڪيندي

تحرير: سيد مجاھد علي

جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان  ڪاوڙ ۾ اچي ”تخت يا تختھ“ جو نعرو هنيو آھي ۽ چئي ٿو  تھ هاڻي فيصلا ”ميدان“ ۾ ٿيندا. جيڪڏهن معاملي کي مولانا جي بد حواسي کان الڳ ڪجي تھ معلوم ٿيندو تھ ملڪ جو ڪو به مذهبي اڳواڻ جمهوريت تي يقين نٿو رکي، پر پنهنجي ھٿ جي ’تقدس ‘ جي بنياد تي حڪمراني کي حق سمجهي ٿو. جمهوري عمل ۾ مذهبي اڳواڻن جي مسلسل ناڪامي سندن مايوسي ۾ اضافو ڪري رهي آهي.

مولانا فضل الرحمان جي تازي بيان ۽ انڪشاف کي ان پس منظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي.ياد ھوندو، پاڻ جنھن ”ميدان“ ۾ سياسي فيصلن ڪرڻ جو اعلان ڪري پيو، اهو ميدان هن آڪٽوبر/نومبر 2019ع ۾ سجايو هو ۽ اڄ هو ان پارٽيءَ جي اڳواڻن سان گڏجي ڌانڌلي خلاف وڙهڻ جو اعلان ڪري رهيو آهي. ڪالهه ئي ھو  ان پارٽي جي باني چيئرمين  کي ”يهودين ۽ قاديانين“ جو ايجنٽ قرار پئي ڏنو.مولانا جي زور ڀرڻ باوجود ن ليگ ۽ پ پ ھن جي آزادي مارچ ۾ شامل نھ ٿيون. سياسي پارٽين  ان وقت احتجاج کان پاسو ڪرڻ جو مشورو ڏنو ھو. ان باوجود مولانا فضل الرحمان 18 ڏينهن تائين اسلام آباد ۾ آزادي مارچ جي نالي تي ڌرڻو هنيو.هاڻي مولانا کي اوچتو ياد آيو آهي ته عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ اپريل 2022 ۾ اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ جنرل فيض حميد جي حڪم تي آندي وئي ھئي.

اها حقيقت عوام کي تڏھن ئي  معلوم ٿي وئي ھئي ۽ مولانا سچ ڳالهائڻ بدران شهباز شريف جي حڪومت ۾ پنهنجي پوزيشن کان وڌيڪ حصو وٺڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رھيو. بهرحال اها حقيقت اڃا لڪيل آهي ته مولانا صاحب آڪٽوبر 2019ع ۾ آزاديءَ مارچ جي رٿابندي ڪنهن جي حڪم تي ڪئي ؟ ۽ پوءِ ڪجھ حاصل ڪرڻ بنا، اھو مارچ ختم ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن کيس راز فاش ڪرڻ جو خيال اچي ويو  آهي ته پوءِ اهو به ٻڌائڻ گهرجي ته آزادي مارچ  ڪري چونڊيل حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ جو مشن ڪنهن ڪھڙن شرطن تي ڏنو هو ؟

ڇا مولانا فضل الرحمان جي  پريشاني اھا ناهي ته هو اسٽيبلشمينٽ جو ”تابعدار۽ مفيد“ سهولتڪار طور اسٽيبلشمينٽ جو خدمت گذار رهيو آهي، پر کيس 8 فيبروري جي چونڊن ۾ خدمتن جو پورو ”معاوضو“ نه مليو آھي؟ هو  چونڊن ۾ بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت ٺاهڻ جي حيثيت حاصل ڪرڻ جو خواهشمند هو. قومي اسيمبليءَ ۾ بھ پوزيشن مضبوط ڪرڻ جي خواھش ھئي. جيئن هر پارٽيءَ  سندس ڳالهه ٻڌي ۽ حڪومت ٺاهڻ ۾ سندس شرط قبول ڪري. چونڊ نتيجن سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ تحريڪ انصاف جي مٽجي وڃڻ جو تجزيو ڪندڙ ماھر شرمسار ٿي ويا. پر مولانا فضل الرحمان کي لڳل لوڏو شايد وڌيڪ آھي.پهريان ڪجهه ڏينهن  تائين ھو صدمي مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، پوءِ هن چونڊ نتيجن کي رد ڪندي فيصلا ايوان بدران ميدان ۾ ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

واضح رهي ته مولانا فضل الرحمان جي ڪاوڙ جو اظهار چوڌري شجاعت حسين جي گهر  ٿيل پريس ڪانفرنس کانپوءِ سامهون آيو .جنھن  ۾ ميان شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري ٻين  پارٽين سان گڏجي اتحادي حڪومت ٺاهڻ ۽ ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ جو عزم ڪيو هو. آصف زرداري چيو ته ان مقصد لاءِ وسيع بنياد تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ هو ان حوالي سان تحريڪ انصاف سان لاڳاپا قائم ڪرڻ گھرجن. ان موقعي تي 2 سيٽن  حاصل ڪندڙ پاڪستان استحڪام پارٽي جو نمائندو به موجود هو پر 4 سيٽون حاصل ڪندڙ جميعت علماءِ اسلام (ن) کي نظر انداز ڪيو ويو ھو. يا ته مولانا کي  دعوت نه ڏني وئي هئي يا وري ھو پنهنجي چئن چونڊيل ميمبرن لاءِ وزارتون ۽ بلوچستان ۾ حڪومت جو گھري رھيو ھوندو.هن وقت اتحاد ۾ شامل  وڏين پارٽين لاءِ اهي مطالبا پورا ڪرڻ ممڪن نه ھوندو  ۽ ان ڪري مولانا جي سھپ جواب ڏئي وئي.

ٽي وي پروگرامن ۽ پريس ڪانفرنسن ۾ هن جي ڳوڙهن ڳاڙڻ ۽ محرومين جو داستان ٻڌايو پيو وڃي. مولانا فضل الرحمان پنهنجي سياسي ڪيريئر ۾ مفاهمت ۽ هڪ زيرڪ سياستدان جي شهرت ماڻي ھئي.ھن وقت جذباتيت ۽ ڪنهن حد تائين ڀڙڪندڙ بيانن سان هو ان کي ناس ڪري رھيو آھي. مولانا جو بيان ته فيصلا هاڻي ميدان ۾ ٿيندا، دراصل پاڪستاني عوام جي اجتماعي عقل جي توهين برابر آهي. اهو موقف آئين کان انڪار ۽ عدالتي نظام تي بي اعتمادي جو اظهار آهي. پاڪستان جو آئين چونڊيل اسيمبلين ۾ فيصلا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو. جڏهن ته مولانا فضل الرحمان هاڻي اسيمبلين بدران ميدان ۾ پنهنجو زور آزماڻ چاهي ٿو ۽ ان ويڙهه لاءِ پهرين تحريڪ انصاف جو عمران خان  جي هدايتن تي بئريسٽر گوهر علي خان ۽ اسد قيصر مولانا سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات بعد بئريسٽر گوهر اعلان ڪيو ته ٻئي پارٽيون  چونڊ ڌانڌلي خلاف احتجاج ڪنديون.

تحريڪ انصاف 9 مئي سانحي کانپوءِ ڪو خاص اسٽريٽ پاور نه ڏيکاري سگهي آهي. ان جي باني چيئرمين کي جيل ۾ وڌو ويو ۽ چونڊن کان ٿورو  اڳ  عمران خان سان گڏ سندس پرديدار زال کي به ٻن ڪيسن ۾ ڊگهي سزا ڏني وئي، پر تحريڪ انصاف ڪو مظاھرو نھ ڪري سگهي. هاڻي چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ به هو مفاهمتي رويو اختيار ڪرڻ بدران ڌانڌلي جو گوڙ ڪري رھي آهي ۽ اعلان پئي ڪري  ته کين قومي اسيمبليءَ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي ۽ پنجاب اسيمبليءَ ۾ واضح اڪثريت حاصل آهي. ان مشڪل وقت ۾ تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين کي ڪو سھارو نظر آيو آھي تھ اهو مولانا فضل الرحمان آهي. ٻئي ڄڻا ھڪٻئي خلاف اھڙي  دعويٰ جي تاريخ رکن ٿا،جنھن کي لکڻ ممڪن نھ آھي. پر هاڻي گڏيل مقصد لاءِ گڏجي هلڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن.

تازين چونڊن ۾ جميعت علماءِ اسلام (ف) 2018ع جي چونڊن جي مقابلي ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ 12 ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبليءَ ۾ 6 سيٽن کان محروم ٿي آھي.جتي ھاڻي ان وٽ ترتيبوار 4 ۽ 7 سيٽون  آهن. بلوچستان ۾ جي يو آءِ ف 11 سيٽون مليون آهن. بلوچستان کان علاوه مولانا ڪٿي بھ بارگيننگ پوزيشن ۾ ناهي. جيڪڏهن مولانا تحريڪ انصاف سان گڏجي بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهڻ چاھي ٿو ته  شايد اھو ممڪن نھ ھجي. 51 سيٽن مان هنن ٻنهي پارٽين کي 17 سيٽون مليون آهن، جڏهن ته حڪومت ٺاهڻ لاءِ 26 ميمبر گهربل آھن.تحريڪ انصاف جا ميمبرآزاد چونڊيا آهن،سو کين مخصوص سيٽن جو حصو بھ  نه ملندو. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن حڪومت ٺاهڻ لاءِ بهتر پوزيشن ۾ آهن. اھو بھ ممڪن آھي ته مولانا جي نئين حڪمت عملي  اڳتي جي ھجي ۽ کيس تحريڪ انصاف کي ”نڪيل “ وجھڻ جو مشن سونپيو ويو ھجي.پر سندس اھو مشن ڪامياب ٿيڻ جو امڪان گھٽ آھي.ڇو ته عمران خان کي پاڪستاني عوام ۾ وسيع شخصي مقبوليت حاصل آهي. ان جو مظاهرو 8 فيبروري جي چونڊن جي نتيجن ۾ ٿي چڪو آهي. ان کان علاوه اهو به ممڪن آهي ته عمران خان هن بحران ۾ ڌانڌلي جي دعويٰ کي ”حقيقي“ بڻائڻ جي مقصد لاءِ مولانا تائين ھٿ وڌائي رهيو آهي.

مولانا فضل الرحمان جي سياسي قلابازي جو  سبب  ڪھڙو بھ ھجي پر اھو طئي آھي تھ ھو نھ تھ ڪو وڏو سياسي مقصد حال ڪري سگھي ٿو نھ ئي  ان حڪمت عمليءَ سان نه  سندس سياسي اهميت وڌندي.  حڪومت ٺهڻ کان ڌانڌلي تي ڪو نئون احتجاج شروع ٿيو  ته اهو وڌيڪ بگاڙ طرف قدم هوندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.