جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو سربراھ مولانا فضل الرحمان سخت جلال ۾ آھي ۽ ھڪ دفعو وري ” تخت“ يا ”تخته“ جو نعرو ھڻندي اعلان ڪري رھيو آھي ته ھاڻي فيصلا ميدان ۾ ٿيندا.مولانا جي ان بيان مان جيڪر مايوسيءَ کي الڳ ڪري ڏٺو وڃي ته معلوم ٿيندو ته شايد ھن ملڪ جو ڪو به مذھبي اڳواڻ جمھوريت تي يقين نٿو رکي پر پنھنجي نام نھاد تقدس جي بنياد تي حڪمرانيءَ تي پنھن جو جائز حق سمجهي ٿو.مولانا جي تازن بيانن کي به انھيءَ ئي پس منظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آھي.خير سان ھو جنھن ميدان ۾ سياسي فيصلا ڪرڻ جي ڳالھه ڪري رھيو آھي اھو ميدان ھن نومبر 2019ع ۾ پڻ سجايو ھو ۽ اڄ جنھن پارٽيءَ جي اڳواڻن سان ھو ڀاڪر پائي چونڊن ۾ ڌانڌليءَ خلاف جدوجھد جو اعلان ڪري رھيو آھي،گذريل وقت ۾ ھو ان ئي پارٽيءَ جي چيئرمين کي يھودين ۽ قاديانين جو ايجنٽ قرار ڏيئي ان جي خلاف ”آزادي مارچ“ ڪڍي رھيو ھو.ٻين سمورين سياسي پارٽين ان وقت مولانا کي ان احتجاج کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھن 18 ڏينھن تائين اسلام آباد ۾ ڌرڻو ڏنو ھو.ھاڻي اوچتو مولانا صاحب کي ياد آيو آھي ته اپريل 2022ع عمران خان خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ اڳوڻي آرمي چيف ۽ آئي ايس آئي جي اڳوڻي سربراه فيض حميد جي چوڻ تي آندي وئي ھئي،جيڪر اھو سڀ ڪجھه سچ آھي ته مولانا ان وقت سچ ٻڌائڻ جي بدران شھباز حڪومت ۾ پنھنجي لاءِ گهڻي ۾ گهڻو حصو حاصل ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ رڌل ھو.البت مولانا اھو سچ اڃا تائين پڌرو نه ڪيو آھي ته آڪٽوبر 2019ع جو ڌرڻو ڪنھن جي چوڻ تي لڳو ھو ۽ پوءِ بنا ڪنھن مقصد حاصل ڪرڻ جي اھو ڌرڻو ڪنھن جي چوڻ تي ختم ڪيو ويو؟
ڇا مولانا جي مايوسيءَ ۽ پريشانيءَ جو سبب اھو ته ناھي جو ھن جھڙي اسٽيبلشمينٽ جي تابعدار ۽ سھولتڪار کي 8 فيبروريءَ واري ديڳ مان پنھن جو مناسب حصو ناھي مليو ۽ بلوچستان توڙي ڪي پي ۾ حڪومتون جوڙڻ کان سواءِ ملڪ جي صدارت جو خواب به ٽٽي پيو آھي.اھو صحيح آھي ته ھاڻوڪن چونڊ نتيجن سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آھي پر مولانا کي لڳندڙ جهٽڪو شايد گهڻو سخت آھي.اھو ئي سبب جو پھريان ڪجھه ڏينھن ته ھو ان ذھني صدمي واري ڪيفيت مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو پر بعد ۾ پريس ڪانفرنس ۾ چونڊ نتيجن کي رد ڪندي، فيصلا ايوانن بدران ميدان تي ڪرڻ جا اعلان ڪري ويٺو ۽ اڄ انھيءَ ئي سياسي حريف سان راز نياز جون ڳالھيون ڪرڻ لڳو آھي جنھن کي ڪالھه تائين پنھنجي حقن تي ڌاڙو ھڻندڙ رھزن سڏي رھيو ھو.
ھاڻي ٽي وي پروگرامن ۽ پريس ڪانفرنسن ۾ ھو پنھنجي محرومين جا داستان ٻڌائي رھيو آھي.وقت جي ستم ظريفي آھي جو مولانا پنھنجي ڊگهي سياسي زندگيءَ ۾ ھڪ زيرڪ سياستدان ھئڻ واري جيڪا شھرت ڪمائي ھئي پنھنجي جذباتي ۽ اشتعال انگيز بيانن سان ھن پاڻ ئي برباد ڪري ڇڏي.مولانا جو اھو چوڻ ته ھاڻي فيصلا ميدانن ۾ ٿيندا ڪنھن به طرح ڪنھن جمھوري رويي جي نمائندگي نٿو ڪري.وري ميدان ۾ مقابلو ڪرڻ لاءِ جيڪي ساٿي چونڊي رھيو آھي سي اھي ئي آھن جن تي اھو الزام آھي ته انھن اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي پاڪستان ۾ جمھوريت جو ٻيڙو غرق ڪيو آھي.تحريڪ انصاف جيڪا 9 مئي بعد پنھنجي اسٽريٽ پاور جو مظاھرو نه ڪري سگهي ھئي اھا ھاڻي چونڊن ۾ پنھنجي شاندار ڪاميابيءَ بعد به ڌانڌليءَ جو شور برپا ڪري رھي آھي ۽ تحريڪ انصاف جي ان بياني سان جيڪر اڄ ڪو گڏ بيٺل نظر اچي ٿو ته اھو مولانا فضل الرحمان ئي آھي.
ھاڻوڪين چونڊن ۾ جي يو آئي ف کي 2018غ جي چونڊن جي ڀيٽ ۾ قومي اسيمبلي اندر 12 ۽ ڪي پي ۾ 6 سيٽن جو فرق پيو آھي جتي ھن کي ھاڻي ترتيبوار 4 ۽ 7 سيٽون ملي سگهيون آھن.البت بلوچستان اسيمبليءَ ۾ ھن پنھنجي پوزيشن برقرار رکي آھي جتي ھن کي 11 سيٽون مليون آھن.بلوچستان اسيمبليءَ سواءِ جي يو آئي ڪنھن به اسيمبليءَ ۾ بارگيننگ واري پوزيشن ۾ نه آھي.ٿي سگهي ٿو ته مولانا بلوچستان ۾ تحريڪ انصاف جي مدد سان حڪومت بڻائڻ جو سوچي رھيو ھجي پر اھو ناممڪن نظر اچي ٿو.بھرحال مولانا جي سياسي قلابازيءَ جو سبب ڇا به ھجي پر اھو طيءَ آھي ته ھو پاڪستان پيپلز پارٽي يا نون ليگ جي تعاون سواءِ ڪو وڏو سياسي مقصد حاصل ڪري نٿو سگهي.جيڪر ڌانڌليءَ جي نالي تي ڪو احتجاج شروع ڪيو ويو ته ان جا نتيجا سياسي طور تي صحيح نه نڪرندا ۽ اھڙي حڪمت عملي ملڪ کي وڌيڪ بي يقينيءَ طرف ڌڪي ڇڏيندي.جن وس وارن ھي پورو سياسي نقشو ترتيب ڏنو آھي اھي ڪنھن کي به اھڙي اجازت نه ڏيندا ته سندن پروگرام ۽ پاليسين ۾ ڪا رڪاوٽ پيدا ڪئي وڃي.ٻيھر چونڊن جو ته ڪو امڪان نظر نٿو اچي ۽ نه ئي چونڊ نتيجا اھڙيءَ طرح تبديل ڪري سگهجن ٿا جو اصل واڳ ڌڻين کي پنھن جن فيصلن تي ڪا نظرثاني ڪرڻي پئجي وڃي.
ھر سياسي رانديگر کي پنھنجي حاصل ڪيل اسڪور کي ئي قبول ڪرڻو پوندو ۽ ھر ڪنھن کي ساڳي پگهار تي ڪم ڪرڻو پوندو.ٻيا سڀ قصا ماڻھن کي ٻڌائڻ. پنھنجي وڃايل ساک بچائڻ ۽ پنھنجي بارگيننگ پوزيشن مضبوط بنائڻ لاءِ آھن. ملڪ جنھن سخت مالي ۽ سلامتيءَ وارن بحرانن ۾ ورتل آھي ان ۾ احتجاج جي نالي تي ڪنھن کي به نئين راند رچائڻ جي اجازت ڏيڻ وارا ڪڏھن به اجازت نه ڏيندا.
ٻئي طرف نواز ليگ جي رڌڻي ۾ نئون رولو پئجي ويو آھي.اطلاعن موجب نواز ليگ جي گڏجاڻين ۾ ميان وڏي جي حامي ھڪ حلقي طرفان اھا صلاح ڏني ويئي آھي ته نواز ليگ مرڪز ۾ حڪومت بنائڻ واري فيصلي تي ٻيھر نظرثاني ڪري ۽ ھاڻوڪين حالتن ۾ نواز ليگ لاءِ مرڪزي حڪومت نه رڳو مٿي جو سور بڻجي ويندي پر نواز ليگ جو رھيل سھيل سياسي اثاثو به برباد ٿي ويندو.نواز ليگ آخري فيصلو ڇا ٿي ڪري يا وس وارا نواز ليگ کي حڪومت کان ڀڄڻ جي اجازت ڏين ٿا يا نه؟ ايندڙ ڪجھه ڏينھن ۾ واضح ٿي ويندو.