غير شفاف چونڊن جي عجيب ڪرشماتي نتيجن جي پيٽ مان وڳوڙ ئي نڪرڻا ھئا.هارائيندڙ شڪي حڪومت جي دعويدار۽ کٽندڙ کٽڻ تي قناعت ڪرڻ بجاءِ مزاحمتي گهوڙي تي سوار آهن. ڊبل هائبرڊ رجيم دوئم جي ٺهڻ کان اڳ، لاڏلا نمائشي اقتدار جي حصي پتي تي جھيڙي ۾ رڌل. هاڻوڪي چونڊن ۾ جيڪڏهن ڪو مقابلو ھو ته اهو صرف بي نشان تحريڪ انصاف ۽ مقتدرا ۾ هو، جنهن ۾ معيوب هيرو عمران خان پنجاب جي لاڏلن کي مات ڏئي ڇڏي.ڌانڌلي ڌانڌلي جي گوڙ ۾ تحريڪ انصاف اھڙو مزاحمتي گوڙ ڪيو آھي جو ان هارايلن لاءِ فتح جي خوشفھمي ۽ بظاھر کٽيندڙن لاءِ شرمندگيءَ جو ماحول پيدا بڻائي ڇڏيو. ٻن صوبن خاص ڪري بلوچستان ۾ ھنگامو برپا آهي، جتي سموريون قومپرست پارٽيون چونڊن ۾ ڏنل نيڪالي خلاف سراپا احتجاج آهن، سنڌ ۾ شڪست کاڌل عنصرن ٻاهر نڪتا بھ آھن تھ مارشل لا کي دعوت ڏيڻ. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مسلم ليگ ن ۽ تحريڪ انصاف اڪثريتي ھئڻ ڪري حڪومت ٺاهڻ ۾ مصروف آهن. مبينا وڏي ڌانڌلي جي خلاف اسٽيج سجايو بھ آھي تھ راڄڌاني جي مرڪز ۾ بيھي ڪري تحريڪ انصاف اھو ڪم ڪيو آھي.
تحريڪ انصاف 180 سيٽون حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ اها به فارم 45 (پولنگ اسٽيشنن جا نتيجا) ۽ فارم 47 (مجموعي نتيجا) جي وچ ۾ مبينا فرق جي بنياد تي. پر 25 حلقا اهڙا آهن جتي رد ڪيل ووٽ کٽڻ جي مارجن کان وڌيڪ آهن.رڳو 65 تڪن تي تڪرار آهي جتي ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ برابر سيٽون کٽيون آهن. فافين جي رپورٽ موجب تحريڪ انصاف جي ”آزادن“ 17,845,57 (29.47) ووٽ کڻي ڪري سڀ کان وڌيڪ عوامي حمايت يا مينڊيٽ حاصل ڪيو آهي، جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ نواز ليگ 13,985,560 (23.1) ووٽ کنيا آھن.جيڪي تحريڪ انصاف کان 3,860,011 ووٽ گهٽ آهن. ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي کي 8,234,124 (13.68) ووٽ مليا آهن. پر ٽنهي پارٽين کي مليل ووٽ ڪل ووٽن جو رڳو 31.5 سيڪڙو آهن.يعني ته ٽئي پارٽيون گڏجي ڪري ووٽرن جي هڪ ٽئين حصي جو اعتماد بھ حاصل نه ڪري سگهيون آھن. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته پارٽيون پنھنجي مڪالمي جي گوڙ گھمسان ۾ عوام کي انھن جي حقيقي مسئلن جي حل جي ايجنڊا تي متحرڪ نه ڪري سگھيون.جيتوڻيڪ قومي اسيمبلي جي 256 سيٽن تي ووٽ جو ٽرن آئوٽ 2024ع ۾ (46.47 ) مان 8.7 سيڪڙو گهٽ رھيو آھي.جتي سال 2018 ۾ (52.1 سيڪڙو) ھو. پر 22.2 ملين نوجوان ووٽرن جي رجسٽريشن سبب هن ڀيري انگن اکرن موجب 5.8 ملين وڌيڪ ووٽرز ووٽ وڌا ويا آھن.جيڪي عمران خان جي برتري جو بنيادي سبب بڻيا.
تحريڪ انصاف کي چونڊ مهم کان پري رکڻ ۽ چونڊ نشان کسڻ سبب چونڊ مهم هڪ طرفي رهي ۽ ڀرپاسي وارن ضلعن ۾ تھ اھا مقامي جاگيردارن گروهن جي چوڌاري ڦرندي رھي، جنهن سبب سياسي ماحول نه ته گرم ٿيو نھ ئي ڄميو.
سياسي منظر تي عمران خان کي جيل ۾ مصلوب ڪرڻ جا داستان ڇانئيل رھيا.تحريڪ انصاف جا انصافي ھسجي تھ ويا پر 8 فيبروري تي ”ووٽ صرف خان کي جو“ وارو نعرو کڻي پولنگ اسٽيشنن تي ڇائنجي ويا. نواز ليگ پنجاب تھ پنهنجي ووٽ کي عزت ڏيو واري بيانيئي کي موقعي پرستيءَ ۾ اڇلائي رياستي سرپرستي ۾ پنجاب جي ميدان ۾ آئي، جتي کيس 16 مهينن جي حڪومتي بداعمالي جو نتيجو ڀوڳڻو پيو. پر پنجاب ۾ نواز ليگ (30.6 سيڪڙو) ۽ تحريڪ انصاف (30.1 سيڪڙو) ووٽن جي حساب سان برابر برابر رهي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ وڏي مارجن سان کٽي وئي (44.5 سيڪڙو ووٽن سان) پر ڪراچي ۾ متحده قومي موومينٽ جي 17 تڪن ۾ شڪي ڪاميابي تحقيق جي لائق آهي. خيبرپختونخواهه ۾ جتي ووٽرن جو ٽرن آئوٽ (39.5 سيڪڙو) باقي سڀني صوبن کان تمام گهٽ رهيو، اتي تحريڪ انصاف سڄي صوبي کي وھائي کڻي وئي. جنهن جو وڏو سبب مخالف ڌر جي پارٽين جي ووٽن جي ٿيل ورڇ آهي. پوءِ بھ جي يو آءِ، جي (9_49) ووٽن جي مقابلي ۾ پي ٽي آءِ جا ووٽ (36.5 سيڪڙو) ٻيڻا آھن.
ھاڻي چونڊ نتيجن جو جيڪو تڪرار ٿيو آھي اھو تڏهن ئي حل ٿيندو، جڏهن اليڪشن ڪميشن فارم 45 جي بنياد تي فارم 47 تي اٿاريل سمورا اعتراض ختم ڪري ڇڏيندي. پر سياسي ڳالهين ۾ هر هارجي ويل پارٽي کٽيندڙ پارٽي جي مينڊيٽ تي سوال اٿاريندي رهندي، جيئن مولانا فضل الرحمان خيبرپختونخواھ جي حوالي سان تحريڪ انصاف کي ڏوھ ڏنوآھي.پر محترم مولانا صاحب عمران حڪومت خلاف جنرل باجوا ۽ پي ڊي ايم، جي پارٽين ۽ پيپلز پارٽيءَ جي لاڳاپن جي حوالي سان اهڙو اعترافي بيان ڏنو آهي جو ڀرپاسي ندامت واري دانھن ڪُوڪ پري پري تائين ٻڌڻ ۾ اچي رهي آهي.گناھ جي احساس جو بار ايترو وڌيڪ آھي جو پارٽين جا مستند ترجمان ۽ ڪي مشھور اينڪر زجنرل باجوا کان معافيون گھرندا نظر اچن ٿا.
پر مولانا پنهنجي بيانن سان ڀانت ڀانت جي لڪڙ سان جيڪا ديڳڙي رڌي ھئي، ان ۾ وڏو سوراخ ڪري ڇڏيو آهي.ان مٿان وري سوني تي سھاڳو جي مصداق تحريڪ انصاف جي وفد کي ڀاڪر پائي جنھن ۾ ھڪ اڳوڻي آمر جي پوٽي کي وزيراعظم جي لاءِ ميدان ۾ لاٿو آھي.تحريڪ انصاف ڏکين حالتن ۾ وڏو سياسي معرڪو سر ڪيو آھي.۽ ان کي پارليماني روايت موجب حڪومت ٺاهڻ جو پهريون حق آهي. پر اڪثريت لاءِ نمبر گيم گهٽ آهي، جنهن جو ازالو رڳو اتحادي حڪومت لاءِ ماضي جي حريفن مان ڪنھن ھڪ ٻن سان ھٿ ملائي ڪري سگھجي ٿو. پر اڃان تائين تھ تحريڪ انصاف جارحاڻي موڊ ۾ لڳي ٿي. جنهن سبب ان کي اپوزيشن ۾ ويهڻو پوندو. پر جنھن طرح هوءَ مولانا وٽ مدد لاءِ وئي آهي، ايئين اھا پيپلز پارٽيءَ سان ڳالهه ٻولهه نھ ڪري رھي آھي. سياسي انتظام جي اخلاقي جواز لاءِ فاتح تحريڪ انصاف کي ،جيڪڏھن حڪومت ٺاهڻ ڏني وڃي ٿي ته پوءِ سياسي بحران ختم ٿي سگهي، شرط اھو آھي ته عمران خان هڪ طرف بلاول ڀٽو سان صلح حديبيھ ڪري ته ٻئي طرف وري مقتدرا سياسي خفت کڻڻ بعد ڊبل هائبرڊ رجيم دوئم جي جوڙجڪ واري غلطي کان پاسو ڪيو وڃي.
مسلم ليگ (ن) پنجاب حاصل ڪري خوش، پيپلز پارٽي سنڌ ۾ مگن ۽ تحريڪ انصاف خيبر پختون خواهه ۾ ڪنھن کي شريڪ ڪرڻ کان سواءِ مالڪ . وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ تي هر ڪنھن جا پر سڙي رهيا آهن،جو خراب معيشت جو ڳرو بار ڪير کڻندو؟ اهڙي صورت ۾ ٻه آپشن باقي رھجي وڃن ٿا.يا ته گرينڊ مصالحتي گڏيل حڪومت ٺهي يا وري ڪو قرباني جو ٻڪر ڳوليو وڃي. قرباني جو ٻڪر تھ شهباز شريف ئي لڳي ٿو ،جيڪو هائيبرڊ رجيم II جي زينت بڻجڻ لاءِ بي قرار آھي. پر آصف علي زرداري سندن مشڪون ڇڪڻ لاءِ تيار ويٺو آهي. اصل فيصلو تھ مقتدرا ئي ڪرڻو آهي ته ان کي سياست تان پوئتي ھٽڻو آھي يا وري سسٽم کي اسٽريچ ڪرڻو آھي.پير پاڳاري اھو چئي ڪري فوج سڀني سياستدانن کي آزمائي چڪي آھي،مارشل لا جي دعوت ڏئي ڇڏي آھي. پر مولانا فضل الرحمان مقتدرا کي ”سياست کان توبه“ ڪرڻ جو نسخو پيش ڪيو آهي، يعني سياست کي الوداع! پر سڀ سياستدان ڇو پنهنجا ھٿيار ڦٽا ڪري پارليامينٽ کي مقتدرا ڇو ٿا بڻائين؟ (تمام حقيقتون فافن جي رپورٽ مان ورتل آهن)
مسلم ليگ (ن) پنجاب حاصل ڪري خوش، پيپلز پارٽي سنڌ ۾ مگن ۽ تحريڪ انصاف خيبر پختون خواهه ۾ ڪنھن کي شريڪ ڪرڻ کان سواءِ مالڪ . وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ تي هر ڪنھن جا پر سڙي رهيا آهن،جو خراب معيشت جو ڳرو بار ڪير کڻندو؟ اهڙي صورت ۾ ٻه آپشن باقي رھجي وڃن ٿا.يا ته گرينڊ مصالحتي گڏيل حڪومت ٺهي يا وري ڪو قرباني جو ٻڪر ڳوليو وڃي. قرباني جو ٻڪر تھ شهباز شريف ئي لڳي ٿو ،جيڪو هائيبرڊ رجيم II جي زينت بڻجڻ لاءِ بي قرار آھي