ملڪ ۾ چونڊن کان اڳ ۽ پوءِ ان جي ساک تي سوين سوال اڀري رھيا ھئا، اھو تاثر ملي رھيو ھو تھ ڪا بھ جماعت چونڊن ۽ نتيجن مان مطمين نھ آھي مٿان وري اھڙي ٻڏتر واري ماحول ۾ ھڪ ئي وقت ڪيتريون ئي ڌريون سرگرم ٿي ويون آھن.گذريل ڏينھن راولپنڊي جي ڪمشنر پاران اڌوري ڳالھايل سچ ان تي وڌيڪ شڪ پئدا ڪري ڇڏيا آھن.جنھن بعد سموري دنيا ۾ ان تي چرچا ٿي رھيا آھن، اڳي کان تڪراري بڻيل نتيجا وڌيڪ تڪراري ٿي ويا آھن.جنھن ڪري ھاڻي وري ملڪ ھڪ نئين بحران جي ور چڙھندو نظر اچي رھيو آھي. چونڊن بعد عوام جي ذھن ۾ موجود شڪ پڪ ۾ بدلجي رھيو آھي تھ تازين چونڊن ۾ ڌانڌليون ٿيون آھن.
اليڪشن ڪميشن پاران نتيجن ۾ دير ڪرڻ ۽ انھن تي اعتراض ڪندڙن جي لاءِ اليڪشن ٽربيونل جوڙڻ ۾ دير ڪرڻ سبب آيل نتيجا بھ ملڪ کي ڪنھن بحران مان ٻاھر ڪرڻ واري واٽ نھ پيا ڏسين.ڪنھن بھ جماعت وٽ وفاق ۾ حڪومت جوڙڻ جو گھربل سيٽن جو تعداد نھ آھي.
اھڙي صورتحال ۾ جئين جئين حڪومت جوڙڻ ۾ دير ٿي رھي آھي تئين تئين بي يقيني واري ڪيفيت وڌي پئي،جنھن سان ملڪ جو ھر ادارو دٻاءَ جو شڪار ٿي رھيو آھي.اھو ڪنھن بھ سطح تي ڪو بھتر سونئڻ نھ آھي.جئين نتيجا سامھون آيا ھئا تھ ھر ڌر جي اندر خواھش پيدا ٿي ھئي تھ اھا حڪومت جوڙيندي پر مڪمل نتيجن ۾ دير ٿيڻ ۽ سمورين جماعتن پاران چونڊ نتيجن تي اعتراضن سموري اليڪشن جي مرحلي کي وڌيڪ مشڪوڪ ڪري ڇڏيو آھي.چونڊن جي شروعاتي ڏينھن ۾ جڏھن ھارائيندڙ کٽي ويا ۽ کٽندڙ ھارائي ويا تھ عام ماڻھون وٽ چونڊن جي ڪا ساک باقي نھ رھي آھي.
نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن جي سموري ڪارڪردگيءَ تي سوال اٿڻ بعد ھاڻي ٻڏتر جي اھڙيءِ ڪيفيت جنم ورتو آھي جو ڪنھن بھ ڌر کي اھا پڪ نھ آھي تھ ان جي پوزيشن ڪھڙي آھي ؟ شروعات ۾ اھڙو اشارو مليو ھو تھ ن ليگ جي اڳواڻي ۾ پ پ ۽ ٻيون اتحادي جماعتون حڪومت جوڙڻ جو فيصلو ڪري چڪيون آھن پر ان بعد مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ نوازشريف وري نئين سر جائزي وٺڻ بعد ان موقف تان پوئتي ھٽي رھيو آھي.ميڊيا ۾ سامھون آيل خبرن موجب مسلم ليگ ن جي اندر ان خيال تي اختلاف بھ ٿي پيا آھن. نوازشريف جو خيال آھي تھ، اتحادي حڪومت جڙڻ جي صورت ۾کين آئيني عھدا نٿا ملن تھ ن ليگ اپوزيشن ۾ ويھندي.نوازشريف کي اھو خيال ان ڪري بھ اچي رھيو آھي جو جڙندڙ ڪمزور اتحادي حڪومت وٽ فيصلن ڪرڻ جو ڪو گھڻو اختيار نھ ھوندو. گذريل 16 مھينن جي حڪومت سنڀالڻ جي ڪري سڀني کان گھڻو نقصان سياسي ميدان ۾نوازليگ کي ٿيو آھي.
ملڪ جي معاشي صورتحال بھ ڪنھن کان لڪيل نھ آھي جيڪا بھ حڪومت ايندي ان وٽ عوام ڏيڻ جي لاءِ ڪجھھ گھڻو نھ ھوندو،ملڪ جي معيشيت کي ھٿي ڏيڻ جي لاءِ واحد حل عالمي اداري وٽ وڃڻ آھي،جنھن جي ڳاٽي ٽوڙ شرطن سان ملڪ جي معاشي حالت کي جلد بھتر ڪرڻ جا بھ آثار نھ آھن. ان ڪري نوازشريف جو اھو خيال درست آھي تھ حڪومت ۾ اچڻ سان سندن جماعت کي پورائي نھ ٿي سگھڻ جھڙو نقصان ٿيندو.
ن ليگ جي حڪومت جي حصي نھ بڻجڻ بعد اھو امڪان آھي تھ پ پ پ ،پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ گڏجي حڪومت جوڙين پر ان بابت تاحال صورتحال چٽي نھ آھي،ڇاڪاڻ پاڪستان تحريڪ انصاف في الحال اھڙي ڳالھھ ڪرڻ تي راضي نظر نھ پئي اچي.
اھا عجيب ڳالھھ آھي تھ سمورن صوبن ۾ تھ حڪومت جڙي سگھڻ جھڙي صورتحال آھي ۽ اتي اڪثريت حاصل ڪيل جماعتون حڪومت جوڙڻ لاءِ تيار آھن پر وفاق ۾ اچڻ کان سڀ ڪو لھرائي رھيو آھي.جنھن ڪري حالتون وڌيڪ ڳڻتي جوڳيون ٿي رھيون آھن.
سياسي صورتحال بابت مبصرن جو خيال آھي تھ حڪومت جوڙڻ جي لاءِ ن ليگ ۽ پ پ پ ۾ اتحاد ٿي ويندو،ڇاڪاڻ جو اسٽيبلشمينٽ فوري طور ڪنھن ٻي ڌر کي اڳيان اچڻ جي حامي نھ ڀري آھي.
اھو خيال ھو تھ عام چونڊن بعد ملڪ ۾ استحڪام اچي ويندو پر گھڻي وقت کان اسٽيبلشمينٽ جي ملڪي سياست ۾ اجائي مداخلت سياست کي وڌيڪ پيچيدھ بڻائي ڇڏيو آھي.ميثاق جمھوريت بعد ھاءِ برڊ رجيم جي ڪيل ناڪام تجربي باوجود ملڪ جي طاقتور ڌرين جو زور ھڪ ڀيرو ٻيھر ھاءِ برڊ سسٽم جوڙڻ جو آھي،جنھن سان نھ رڳو عوام پر ادارا پڻ مستقبل ۾ وڌيڪ دٻاءِ جو شڪار ٿي ويندا،جنھن سان حالتون بھتري طرف نھ وڃي سگھنديون.
ماھرن جو خيال آھي تھ جڏھن وفاق ۾ ھڪ بحران جھڙي ڪيفيت آھي تھ پوءِ سمورين سياسي ڌرين کي گڏيل طور اڳيان اچي ڪري ملڪ جي بھتري جي حق ۾ گڏيل حڪومت جوڙڻ گھرجي،جيڪا حالتن کي بھتري ڏانھن آڻي.ٻي ڪا صورت فوري طور تي نظر نھ اچي رھي آھي.
ھڪ اھڙي گڏيل حڪومت جيڪا سرچاءِ جو ايجنڊا تيار ڪري ملڪ جي ھر اداري کي ان جي آئيني حدن ۾ رھندي ڪم ڪرڻ جو پابند ڪري عوام جي راءِ کي لتاڙڻ کان پاسو ڪري،انساني حقن جو احترام ڪري، صوبن کي وڌ کان وڌ اختيار ڏئي ڪري انھن کي ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي.عوام کي سياسي سماجي طور آزادي ھجي.ڪنھن کي فقط ان جي سياسي نظرئي جي بنياد تي انتقام جو نشانو نھ بڻايو وڃي،سمورين ٻولين ۽ ثقافت کي ھٿي ڏني وڃي.اھڙي ماڊل واري ھڪ حڪومت جوڙي وڃي،جنھن سان ملڪ ھن ايڪيھن صديءَ ۾ دنيا جي اسرندڙ ملڪ سان قدم کڻي اڳتي ھلي سگھي.
ويجھي ماضي جي تجربن مان بھ طاقتور ڌر سکڻ نٿي چاھي تھ ان جو اڳتي ھلي ڪري ملڪ کي نقصان پھچندو.جنھن جو پورائو ڪرڻ گھڻو ڏکيو ٿي ويندو.پي ٽي آءِ اختلافن باجود جي يو آءِ سان ھٿ ملائي سگھي ٿي تھ پوءِ باقي ٻين سياسي ڌرين سان گڏ ويھڻ ۾ ڪھڙي خرابي آھي.ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ سموريون ڌريون سجنيدگيءَ جو مظاھرو ڪري پاڻ ۾ گڏجي حڪومت ڇو نٿيون جوڙي سگھن ؟