عام روٽين ۾ اسان سڀني کي آفيس، مارڪيٽ ۽ گهر جي ڪمن ڪارن ۾ مصروف ٿيڻو پوندو آهي جنهن سبب اسان پنهنجي کل جو خيال رکڻ ۾ لاپرواهي ڪندا آهيون.
پوءِ جڏهن روزانو گهر کان اسڪول، ڪاليج، آفيس يا ڪنهن ٻي سرگرمي لاءِ ٻاهر وڃڻو پوندو آهي ته گدلو ۽ ڌوڙ مٽي سان ڀريل چهرو، هٿ ۽ پير به ميرا ٿي کل کي متاثر ڪندا آهن.
اهڙي صورتحال ۾ گهرن ۾ رهندي اوهان پنهنجي خوبصورتي ۽ کل تي ڌيان ڏئي سگهو ٿا.