ڪراچي (عدنان هاشمي) ذريعن جو چوڻ آهي ته استعيفيٰ ڏيندڙ ڪمشنر راولپنڊي لياقت علي چٺا پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي چونڊيل ايم اين اي احمد چٺا جو ڪزن آهي. هو پي ٽي آءِ دور ۾ عثمان بوزدار علائقي ڊيرا غازي خان ۾ ڏيڍ سال ڪمشنر رهيو، جنهن دوران مٿس ٻه سئو ارب جا ڪاغذي منصوبا شروع ڪرڻ جو الزام آهي. لياقت چٺا جو پٽ عمار چٺا درجنين هائوسنگ سوسائٽين جو مالڪ آهي. گوجرانوالا ۾ بطور ڊي جي ڊولپمينٽ اٿارٽي مبينا طور تي پٽ جي غيرقانوني سوسائٽين جي منظوري ڏني، سندس پٽ الرحمان ڊولپرز لاهور جو پارٽنر پڻ آهي. لياقت چٺا جي ننهن برطانوي شهري آهي ۽ لنڊن ۾ تحريڪ انصاف جي احتجاج ۾ حصو وٺندي رهي آهي، گذريل هفتي لياقت چٺا پنهنجي لنڊن ڄائي پٽ جي شادي برطانوي شهريت رکندڙ ڇوڪري سان لاهور ۾ ڪئي. لياقت چٺا شادي تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا، الرحمان هائوسنگ جو مالڪ ميان مشتاق ۽ تحريڪ انصاف جو ميان اسلم اقبال شادي جو خرچ ادا ڪندڙن ۾ شامل آهن. سندس پٽ جا پي ٽي آءِ اڳواڻ انيل مسرت سان به ويجها لاڳاپا آهن. اهو به معلوم ٿيو آهي ته هڪ نيوز ٽي وي جي مالڪ لياقت چٺا جي پٽ کي اڇي مرسڊيز ۽ ريوو تحفي ۾ ڏني، چيو پيو وڃي ته اهو چينل به ڪمشنر ڪيس ۾ ڌر بڻجي سگهي ٿو. ذريعن موجب لياقت چٺا رٽائرمينٽ کانپوءِ صوبائي محتسب پنجاب مقرر ٿيڻ چاهي پيو، جنهن لاءِ هو مسلم ليگ ن سان مسلسل رابطي ۾ هو. هن اسٽيبلشمينٽ کان ريٽائرمينٽ کانپوءِ نوڪري جي گارنٽي گهري، جيڪا نه ملي. هاڻي هو ساڳي خواهش خيبرپختونخواهه ۾ پوري ڪرڻ چاهي ٿو. ڪمشنر راولپنڊي ۽ حافظ صاحب صبح جو واڪ به گڏجي ڪندا رهيا آهن ۽ سندس پٽ هڪ ڪامياب ريئل اسٽيٽ بزنس مين آهي، جنهن جا بزنس ٽائيڪون ملڪ رياض سان ويجها لاڳاپا آهن. ڪمشنر جي پريس ڪانفرنس پٺيان ملڪ رياض جو نالو اچي رهيو آهي، سندس ترديد باوجود ن ليگ ۽ ٻيا ذريعا ان ڳالهه تي قائم آهن ته سڄي معاملي ۾ ملڪ رياض ملوث آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ رياض اڳوڻي صدر آصف زرداري جي معرفت لياقت چٺا جي پوسٽنگ راولپنڊي ۾ ڪرائي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي ۽ مونس الاهي وانگر ڪمشنر راولپنڊي دوکي جو شڪار ٿيو آهي ۽ ان اسٽيبلشمينٽ جو پيغام سمجهي غلطي ڪئي آهي، جنهن جا نتيجا کيس ايندڙ ڏينهن ۾ ڀوڳڻا پوندا.