اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان خيبر پختونخواهه جي نامزد وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن روڪي ڇڏيا.
ذريعن موجب 8 فيبروري جي چونڊن ۾ علي امين گنڊاپور اين اي 144 ۽ ڪي پي 113 تي ڪامياب ٿيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي ۽ صوبائي ڪامياب اميدوارن جي نوٽيفڪيشن ۾ علي امين گنڊاپور جو نالو ناهي.
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ اين اي 44 ۽ پي ڪي 113 جا خانا داخل ناهن.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ علي امين گنڊاپور کي خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير نامزد ڪيو آهي.
You might also like