مير جان محمد ٽالپر مياڻي جي جنگ جو هيرو آهي:اعجاز قريشي

حيدرآباد(رپورٽر) مياڻي يادگار جنگ ڪميٽي پاران مياڻي واري جنگ ۾ شهيد ٿيل جرنيل مير جان محمد ٽالپر ۽ ٻين شهيدن کي ڀيٽا پيش  ڪرڻ لاءِ انڊس لا ڪاليج حيدرآباد ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار کي صدارتي خطاب ڪندي ناليواري تعليمي ماهر ۽ دانشور اعجاز قريشي چيو ته سنڌين سدائين ڌارين خلاف مزاحمت ڪئي آهي، اهڙو ئي ڪردار مياڻي جنگ جي هيري مير جان محمد ٽالپر ادا ڪيو، جنهن مياڻي جي ميدان ۾ انگريز سامراج سان مهاڏو اٽڪايو ۽ هزارين جانثارن سان گڏ پنهنجي جان جو نذارنو پيش ڪيو. هن چيو ته افسوس آهي ته ڄاڻي واڻي سنڌ جي اهڙن هيروز کي نظرانداز ڪيو آهي جن جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان سان ئي اهڙا ڪردار محفوظ رهي سگهندا، اڄ سنڌ جو هڪ تاريخي ڏينھن آھي، هن ڏينهن تي سنڌ جي سپوتن پنهنجي زندگي جو نذرانو ڏنو هو، اسين ھنن شھيدن کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا. ان موقعي تي محمد امين جويو، مير جان محمد ۽ مياڻي جنگ ۾ شهيد ٿيل سورمن جا نالا ٻڌايا، هنن سنڌ حڪومت قديم آثارن واري کاتي کان گهر ڪئي ته مياڻي جنگ ۾ شهيد ٿيل جوڌن جي ياد ۾ هڪ گنج شهيدان جوڙائي ان تي شهيدن جا نالا لکيا وڃن. سيمينار ۾ اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو ته مياڻي جي جنگ جي شھيدن ۽ ميرن جي مسجد جو يادگار جوڙائڻ سان گڏ اٽڪل 20 ايڪڙ زمينن تائين قبضو ڇڏرائي ان کي چوديواري ڏياري وڃي. ھن يادگار  تائين روڊ تعمير ڪرائي اتي مستقل بنيادن تي چوڪيدار مقرر ڪيو وڃي ۽ اتي موجود تاريخي مسجد جو مرمت ڪم ڪرايو وڃي. ان کان اڳ پروفيسر اعجاز قريشي جي اڳواڻي ۾ مياڻي جنگ ۾ شهيد ٿيل سورمن جي آخري آرامگاهه تي گلن جي چادر چاڙهي حاضري ڀري وئي ۽ گهر ڪئي وئي ته جنگ ۾ شهيد ٿيلن جي قبرستان کي چئوديواري ڏياري مير جان محمد ٽالپر جي آخري آرامگاهه مٿان مقبرو اڏايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.