حافظ نعيم جي به خواهش پوري، ايم پي اي سيٽ تي ڪامياب

ڪراچي(رپورٽر)  امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان سنڌ اسيمبلي جي سيٽ تان ڪامياب ٿي ويو، هو پهريون ڀيرو  صوبائي اسيمبلي ۾ پهتو آهي.سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 129 ڪراچي سينٽرل 8 جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي ۾ حافظ نعيم الرحمان پنهنجي مخالف کي 6 هزار 318 ووٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي.پي ايس 129 جي 147 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب حافظ نعيم الرحمان 26 هزار 926 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي، جڏهن ته متحده قومي موومينٽ جو معاذ مقدم 20 هزار 608 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.