گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس عام چونڊن جي نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس عام چونڊن جي نتيجن کي رد ڪندي چيو آهي ته 2024 جون چونڊون پاڪستان جي تاريخ  جون وڏي ۾ وڏي ڌانڌلي واريون ٿيون، جلد لائحه عمل جوڙيو ويندو، اهڙو اظهار گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس اڳواڻن صدرالدين شاهه راشدي، مرتضي‏ جتوئي، ذوالفقار مرزا، سيد زين شاهه، اياز لطيف پليجو، لياقت جتوئي، ارباب رحيم ۽ صفدر عباسي گڏيل بيان ۾ ڪيو، هنن اليڪشن ڪرائيندڙ ادارن کي خبردار ڪيو آهي ته جتي عوام جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ٿيندي آهي اتي ملڪ کي وڏو نقصان ٿيندو آهي، هنن چيو ته فراڊ تي ٻڌل اليڪشن کي رد ڪيون ٿا ڪنهن کي به مينڊيٽ چورائڻ نه ڏنو ويندو، قيادت جي فيصلي جو انتظار ڪيون پيا، جلد لائحه عمل جوڙي اعلان ڪنداسين، هنن چيو ته اسان ڌانڌلي تي ٻڌل اليڪشن جي نتيجن تي ڪاوڙيل ڪارڪنن کي پر امن رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.