سياسي رواداري جو مثال، ثمر بلور، آزاد اميدوار کي مبارڪباد ڏيڻ لاءِ سندس گهر پهتي

پشاور (م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ثمر بلور پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد اميدوار مينا خان کي مبارڪباد  ڏيڻ لاءِ گهر پهچي وئي. خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي تڪ پي ڪي 83 تي مينا خان جي مقابلي ۾ ثمر بلور بيٺي ۽ هوءَ هارائي وئي. سياسي رواداري ۽ جمهوري رويو ڏيکاريندي هوءَ پنهنجي پٽ سميت پي ڪي 83 تي ڪامياب اميدوار مينا خان جي گهر پهتي. هن مينا خان کي اليڪشن کٽڻ تي گلدستو پڻ پيش ڪيو ۽ کيس مبارڪباد ڏني. ان کان اڳ، ثمربلور پڻ سماجي رابطي جي سائيٽ ايڪس ذريعي مينا خان کي مبارڪباد ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.