پشاور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽرينز سان تعلق رکندڙ خيبرپختونخواهه جا 2 اڳوڻا وڏا وزير عام چونڊن ۾ به پنهنجون سيٽون بچائي نه سگهيا ۽ ٻنهي کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. پرويز خٽڪ جيڪو 2013ع کان 2018ع تائين تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير ۽ 2018ع ۾ عمران خان حڪومت ۾ بچاءَ وارو وزير رهيو، کيس قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ٻنهي سيٽن تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. اين اي 33 نوشهره 1 جي سمورن 319 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري نتيجن موجب پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار سيد شاهه احد علي شاهه 90 هزار 145 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽرين جو چيئرمين پرويز خٽڪ 25 هزار 582 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو. ان کان علاوه پرويز خٽڪ پي ڪي 87 نوشهره 3 تي به اميدوار هو، جتي غير حتمي غير سرڪاري نتيجن موجب پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار خليق الرحمان 44 هزار 762 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته پرويز خٽڪ 18 هزار 176 ووٽ حاصل ڪيا. ٻئي پاسي 2018 جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جو وڏو وزير چونڊيل محمود خان به پنهنجي سيٽ نه بچائي سگهيو. اين اي 4 سوات مان پي ٽي آءِ جو حمايت يافته آزاد اميدوار سهيل سلطان 88 هزار 99 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو محمود خان 16 هزار 813 ووٽ کڻي ٽئين نمبر تي رهيو.