2024 ع جي اليڪشن فلم ڇو ناڪام ٿي رهي آهي؟

تحرير: سيد مجاھد علي

2024 جي چونڊن ۾  2018ع جي ”اليڪشن فلم “ ڏيکاري پئي وڃي. فلم جا ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر پراڻا آھن،باقي  اداڪار تبديل ٿيل آهن.اهي نوان اداڪار اڳي به ان ڪردارن ۾ ايندا رھيا آهن، ماڻهو  حيران آهن ته جيڪڏهن پراڻن آزمايل ناڪام اداڪارن کي ئي آڻڻو ھو تھ، گهٽ ۾ گهٽ ڪهاڻي تھ بدلائي وڃي ها، اهو ئي سبب آهي جو ھي اليڪشن فلم جي فلاپ ٿيڻ جا امڪان گهڻا آهن.

ڪهاڻي پراڻي هئڻ ڪري،پروڊڪشن نئين هجڻ باوجود  عوام لاءِ ڪا دلچسپيءَ  پيدا نه ٿي سگهي آھي. حقيقت ۾ فلم جو هر منظر، ڊائلاگ ۽ سڄي ترتيب  پراڻي آهي.ڪنهن  منظر کي اڳتي پوئتي ڪري فلم ۾ ڪنھن سسپنس پيدا ڪرڻ جي ڪوشش بھ ناهي ڪئي وئي.البتھ  تشدد جي منظرن کي زوري وجھي  ڪري خوف جو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي، جنهن سان ماڻهن ۾ جوش بدران مايوسي وڌي آهي.

اهو خوف مستقبل جي حوالي سان به آهي ۽ ملڪ بابت به ڪيئي سوال ڪر کڻن ٿا. اڪثريت انهن سوالن جا مناسب جواب ڳولڻ چاهي ٿي. بلڪه ان افسوسناڪ صورتحال کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿي،  پر کين لڳي ٿو ته پراڻي حڪمت عملي مان نئون نتيجو ڪڍڻ ممڪن نه هوندو. 2018ع ۾ به نواز شريف ۽ مريم نواز چونڊن کان اڳ جيل ۾ ھئا ۽ ڪيسن ۾ نااهل قرار ڏئي چونڊ عمل کان ٻاھر ڪيو  ويو.ھاڻي وري عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کانسواٰءِ عمران خان جي زال بشرا بي بي کي ڊگھي سزا ڏئي جيل وڌو ويو، تحريڪ انصاف جا ٻيا به اڳواڻ جيل ۾ آهن. عدالت کين آزاديءَ جو حڪم ڏئي، تڏهن به پوليس وٽ ان شخص جي گرفتاري جا نوان حڪمناما ھوندا آهن ۽ جيل ٻاهران سندس آزاديءَ جو انتظار ڪري رهي ھوندي آهي. وري واپس جيل موڪلجي يا ڪنهن ”ڳجھي“ هنڌ منتقل ڪري ڪجهه ڏينهن ۾ عدالت مان رمانڊ تي جو بندوبست ڪجي.

ڪو به نٿو چئي سگهي ته  قانون جو احترام نه پيو ٿئي. هر قانون تي ان جي حوالي سان عمل ڪيو پيو وڃي.

اليڪشن فلم کي اسڪرپٽ مطابق  هلائڻ جو ارادو ڪيو ويو  آهي، جيڪو اڳ ئي ۾ تيار آهي ۽ جنهن کي عام طور تي فول پروف سمجهيو ويندو آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته هن ’فول پروف‘ ڪهاڻيءَ ۾ رڳو ڪردار تبديل ڪرڻ سان مسئلا ڪيئن حل ٿيندا ۽ پراڻا تجربيڪار سياستدان  ڇو عمران جھڙي ،”اڻ آزمايل ۽ جذباتي“ ليڊر جي مقابلي ۾ تري تي جنت جو عملي مظاھرو ڪندا.

حڪمت  جي تقاضا اھاآهي ته ڪهاڻي پراڻي هجي ته ان ۾ڪردار نوان هجن ۽ جيڪڏهن اداڪار پراڻا هجن ته ڪهاڻيءَ ۾ نواڻ ھجي.نوان موڙ شامل ھجن. بھرحال ملڪ ۾ هلندڙ اليڪشن فلم ڏسندي  سخت بوريت جو احساس ٿئي ٿو. ائين لڳي ٿو تھ،ٽي وي اينڪر کان وٺي جج جو ڪردار نڀائيندڙ اداڪار تائين، پراڻا ڊائلاگ ايتري تائين جو رواجي ڀڙڪن سان ئي ڪم ھلي پيو. ڊائريڪٽر جي اهڙي غلطي سان ڏسندڙن جي دلچسپي گهٽجي وئي آهي ۽ عام طور تي اهو چيو پيو وڃي ته جنھن راند جو پڄاڻي جي خبر  اڳ ۾ ئي ھجي، ان کي  ڏسڻ ۾ وقت ضايع ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو ؟

حيرت جي ڳالهه اها آهي ته نه رڳو پڄاڻيءَ جي خبر پئجي وئي آهي، پر اهو به اندازو لڳايو پيو وڃي ته ’هيرو‘ قرار ڏنل ڪردارن جا سمورا مسئلا ۽ ڏکيايون ڪنھن اڻ ڏٺل قوت ذريعي حل ٿي رهيا آهن. هن ڀيري جنهن شخص کي ’ولن‘ قرار ڏنو ويو آهي، ان سان به ساڳيو ئي سلوڪ ڪيو پيو وڃي، جيڪو اڳوڻن ولن سان ڪيو ويو هو. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جيڪي خوشيءَ سان ’هيرو‘ جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جيتوڻيڪ اهي ماضيءَ ۾ ڏکوئيندڙ پڄاڻيءَ کي منھن ڏيندا رھيا آھن، پر اھي حقيقت کان بلڪل بي خبر آهن ته ڪهاڻيڪار ڪنهن به وقت هيرو کي ولن ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو. بلڪ جنهن اسڪرپٽ تي عمل ڪيو پيو وڃي، ان مطابق هڪ هيرو جي ڪاميابيءَ جو عرصو فقط ٻه ٽي سال هوندو آهي. رڳو ڪنھن خاص صورتحال ۾ گهاٽي واڌي ٿي سگهجي ٿي. پر ھر صورت ۾  هيرو کي زيرو بڻائي اھو باور ڪرائڻ لازمي ھوندو آھي تھ سندس حيثيت ڇا آهي.

بدقسمتي سان، ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر ڪهاڻي ۾ گھڻي موڙ ڏيڻ تي ناھن ويچاريندا، جئين  اھي سڌيءَ طرح سوچڻ ۽ ڏسڻ جا عادي ھوندا آهن.کين لڳي ٿو تھ ليفٽ ۽ رائيٽ جيان ھميشھ ھر قدم درست رخ ۾ کڄي ٿو ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ ڌمڪ  ڏسندڙ تي ڌاڪ  ڇڏيندي آهي. ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر جي اهڙي مزاج کي سمجهي سگهجي ٿو ڇو ته اهي ٻه جمع ٻه ٿيا چار جي  سمجهاڻي ۾ تربيت ورتل آهن. پر هنن، جن ڪردارن جي چونڊ ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر ٻھ ٻھ  چار جو نتيجي ورتو آھي، اهي چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا، ڊگهي تجربي، سرد ۽ گرم ذائقي جو احساس آھي تھ سياست ۽ چونڊن جي راند ۾ مقرر فارمولو هميشه ڪامياب نه ٿيندو آهي. انڪري جو اھو رڳو رياضي جو اصول ناھي، پر انساني جذبن، ضرورتن ۽ سوچن جو معاملو آهي. ان ڪري وڌيڪ سرپرائيز انهن ڪردارن تي ٿيڻ گهرجي، جيڪي ڊائريڪٽر جي هر خواهش کي موقعو ملندي ئي ”واهه سبحان الله“ چوندا آهن، جنهن جي باري ۾ اھي ڄاڻن ٿا ته معاملو ابتو بھ  ٿي سگهي ٿو.

تھ اهي ڪردار ڇا ڪندا؟ انهن کي گهٽ ۾ گهٽ ڪهاڻيءَ جي کوٽ بابت  ٻڌائڻ گهرجي ۽ ڪهاڻيڪار کي ان ڳالھھ تي قائل ڪرڻ گھرجي تھ ھر ڀيري ڪنھن اڳوڻي وزير اعظم جي خواھشن جي لاش تي نئون وزير اعظم ٺاهڻ سان، عوام ان ڪهاڻيءَ جي هڪجهڙائي کان بيزار ٿيندو ۽ ڪاوڙ ۾ ڪجھه به ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو.

اهي ڪردار ان حقيقت کان به واقف آهن ته اڄ جيڪڏهن اڳوڻي وزيراعظم کي بي آبرو ڪيو پيو وڃي  ته سڀاڻي سندس تقدير ۾ اها ئي بي عزتي لکي ويندي. اڳ ۾ ئي ناڪام ۽ پراڻي ڪهاڻي  اجاين غلط طور طريقن سبب راند اڳ ئي افاديت ۽ اھميت وڃائي رھي آھي. جنھن ڪھاڻي جو هيرو  لاچار آهي ۽ عوام جي دانھن ڪوڪ تي ڪجهھ نھ ڪري سگھي. ان کي تھ ماڻهو ولن کان گهٽ اهميت ڏيندا.

سڀ اشارا طئي ڪري رهيا آهن ته نواز شريف 8 فيبروري تي رليز ٿيندڙ  ”اليڪشن فلم“ جو هيرو آهي. هو اڳ اهڙين فلمن ۾ هيرو ۽ ولن به ٿي چڪو آهي. هن کي بي وسي جو چڱيءَ طرح اندازو ٿيڻ گهرجي، جيڪو هڪ هيرو جي تخت تان لاهي پاتال ۾ اڇلايو ويندو آهي. ان ڪري جيستائين کيس هيرو جي حيثيت حاصل آهي، تيستائين گھٽ ۾ گھٽ ھو وزيراعظم جو وقار برقرار رکي سگهي ٿو. ان عهدي تي فائز ڪنهن به شخص کي ڏوهن جي سزا ضرور ڏني وڃي، پر گهٽ ۾ گهٽ اھڙي عدالت مان ڏياري وڃي، اھڙي  عدالت جو  فورم تجويز ڪيو وڃي جيڪو گھٽ ۾ گھٽ ھاءِ ڪورٽ جي برابر رتبي وارو تھ ھجي.۽ ان جي  فيصلي خلاف اپيل سڌو سنئون سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌي وڃي. ڪنهن به اڳوڻي وزيراعظم کي تيستائين گرفتار ڪري  جيل ۾ نھ وڌو وڃي جيستائين مٿس سنگين ڏوهه پورو ثابت نه ٿئي ۽ سزا ۾ تبديلي جو ڪو به امڪان نه هجي. اڳوڻو وزير اعظم جيڪڏهن بغاوت يا ان جهڙي سنگين ڏوهن ۾ ملوث رهيو ھجي ته پوءِ به کيس ڪنھن داغدار ٽرائل ۾ بي عزت ڪرڻ جو اھتمام نه ڪرڻ گهرجي.

ممڪن آھي اليڪشن معرڪي بعد ٺهندڙ حڪومت کي اها رعايت ڪنهن اھڙي شخص کي ڏيڻي پوي جنهن کي نيچ ڏيکارڻ  سياسي طور ضروري هجي. پر اهو ياد رکڻ گهرجي تھ ملڪ جي مختصر تاريخ ۾ منظر تبديل ٿيڻ ۾ گهڻو وقت نه ٿو لڳي. اڄ ھوشمندي سان ڪيل فيصلا سڀاڻي سڀني کي فائدو ڏئي سگهن ٿا.

 

2024 جي چونڊن ۾  2018ع جي ”اليڪشن فلم “ ڏيکاري پئي وڃي. فلم جا ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر پراڻا آھن،باقي  اداڪار تبديل ٿيل آهن.اهي نوان اداڪار اڳي به ان ڪردارن ۾ ايندا رھيا آهن، ماڻهو  حيران آهن ته جيڪڏهن پراڻن آزمايل ناڪام اداڪارن کي ئي آڻڻو ھو تھ، گهٽ ۾ گهٽ ڪهاڻي تھ بدلائي وڃي ها، اهو ئي سبب آهي جو ھي اليڪشن فلم جي فلاپ ٿيڻ جا امڪان گهڻا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.