ھڪ طرف اقتدار جي لاءِ اقتدار جي ميوزيڪل چيئر (موسيقي واري ڪرسي) جو ساز وڄي رھيو آھي،شھر شھر ڪارنر گڏجاڻيون ۽ جلسا ٿي رھيا آھن ،ته ٻئي پاسي ڪورٽ سڳورين جي طرفان پي ٽي آءِ جي چيئرمين جي خلاف فيصلا ٻڌايا پيا وڃن، 2017ع اپريل جي پوئين تاريخن ۾ جڏھن نوازشريف جي خلاف پاناما ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ھن کي اقتدار کان ڌار ڪيو ھو، ته اقتدار جي ڪرسي تان لھندي ئي نوازشريف جي مٿان ڪيسن ۽ فيصلن جو سلسلو شروع ٿي ويو ھو ،مريم نواز،شھباز شريف، حمزا شھباز کان سواءِ مسلم ليگ جي ھيٺين ليڊرشپ پڻ جيل ڀيڙو ٿيندي ۽ ضمانتن تي ٻاھر ايندي رھي، مسلم ليگ نواز جا ترجمان توڙي وزير و مشيرن جا به ڪورٽن ۾ چڪر ھئا.
نواز شريف کي 7 سال وري 10 سال قيد توڙي تاحيات نااھلي جي سزا بنا ڪنھن اپيل جي ٻڌائي ويئي،پاناما ڪيس جنھن ۾ ملڪ جي تقريبن 450 کان وڌيڪ ملڪي طاقتور شخصيتن جا نالا ھئا پر ان وقت انصاف صرف چونڊ ڪجھه سياسي اڳواڻن ۽ نوازشريف جي لاءِ گھربل ھو.
آئون عمران خان توڙي سندس پاليسين جو شروع کان وٺي نقاد رھيو آھيان ۽ پي ٽي آءِجي ڌرڻن کان وٺي پي ٽي آءِجي اقتدار ۾ اچڻ تائين جي سڀني معاملن تي ھميشه کلي لکيو آھي،جھڙي ريت عمران خان يا ان جي خاندان کي تڪڙو انصاف ڏنو پيو وڃي اھڙي ريت ته پاڪستان جي تاريخ ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي خلاف به فيصلو نه ڪيو ويو ھو.ذوالفقار ڀٽو جو ٽرائيل 7 مھينا ھليو ۽ عمران خان کي گذريل سال آگسٽ کان جيل ڀيڙو ڪيو ويو آھي يعني ڇھن ميھنن جي اندر ئي خان جي خلاف فيصلا اچڻ شروع ٿي ويا آھن.تحريڪ انصاف جي لاءِ جڏھن پلئينگ فيلڊ کي بلڪل خالي ڪرايو ويو ھو ۽ ھڪ ئي کيڏاري کي کلي کيڏڻ ڏنو ويو ھو ته ان وقت جماعت علماءِ اسلام ، نوازليگ توڙي پيلزپارٽي ملڪ ۾ ليول پلئينگ فيلڊ جي نه ھجڻ جون ڳالھيون ڪندا ھئا.اڄ عمران خان جيل ۾ آھي ، پارٽي تي جھڙوڪ پابندي آھي، ورڪ کان وٺي تحريڪ انصاف جا اميدوار جلسا جلوس نه ٿا ڪري سگھن.
عمران خان جنھن کي قومي اسيمبلي ۾ 2008ع کان پھرئين ناڪام سياستدان ۽ ناڪام سياسي جماعت جي اڳواڻ ھجڻ جو طعنو ڏنو ويندو ھو تنھن پاڪستاني حاڪميت واري سياست ۾ پنھنجي جڳھه ٺاھڻ جي لاءِ سڀ کان پھرئين پرويزمشرف سان ھٿ ملايو ۽ آمر پرويزمشرف جي ريفرنڊم ۾ ھن ڀرپور حمايت ڪئي پر پرويزمشرف ۽ عمران خان جا لاڳاپا گھڻو وقت تائين درست نه رھي سگھيا ، مشرف جي زباني ته 2003ع ۾ ٿيندڙ نام نھاد چونڊن ۾ عمران خان قومي اسيمبلي ۾ ھن کان ھڪ سو سيٽون گھريون ھيون، جنھن جي ڪري مون (مشرف ) ھن کي جواب ڏنو. ميثاق جمھوريت ٿيڻ ۽ ان کانپوءِ محترمه جي شھادت جھڙي سانحي ۽ پاڪستان کپي جي نعري کانپوءِ جڏھن اقتدار ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي آئي ،جنھن جي لاءِ اڄ ڏينھن تائين اھو ابھام آھي ته بااثر ڌرين پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن ۾ معاھدو طئي ڪرايو ھو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت کانپوءِ مسلم ليگ ن کي وفاق ۾ حڪومت ڏني ويندي، ڪنھن حد تائين اھي مبينا افواھه عملي طور تي درست پڻ ثابت ٿيون.
پيپلزپارٽي جي حڪومت ايندي ئي عمران خان جي مزاحمتي سياست زور ورتو لانگ مارچن ۽ ڌرڻن جي ابتدا به 2008ع کانپوءِ ڪنھن اھڙي سياسي جماعت جي طرفان ڪئي ويئي جنھن جي وفاق ۾ ڪابه ھڪ سيٽ نه ھئي، عمران خان،طاھرالقادري جي ڪلھي تي سوار ٿيو يا طاھرالقادري عمران خان جي ڪلھن تي منھنجو خيال آھي ان سوال جو جواب پاڪستان جي سياست ڏيئي چڪي آھي.
ان وقت ملڪ جي ادارن ۾ عمران خان جي فين فالوئنگ ايتري ٿي چڪي ھئي ملڪي ادارن تي چڙھائي ھجي يا سول نافرماني جي تحريڪن جا اعلان ھجن سڀ سڌوسنئون عوام توڙي ميڊيا کي ڏيکاريو ويندو ھو، عوام کي اھو سمجھايو ويندو ته انقلابي عمران خان ملڪ جو حالتون تبديل ڪرڻ وارو آھي، پر پاڪستان جي سياست ۾ اھو سڀ نئون نه ھو.
اڄ وقت تبديل ٿي چڪو آھي اقتدار کان پھرئين ، اقتدار واري خان ۽ اڄوڪي عمران خان ۾ وڏو فرق اچي چڪو آھي .ڪورٽ سڳوريون به تبديل ٿي چڪيون آھن ،عمران خان جيل جي شيخن جي پويان آھي، سندس وڪيل ضمانتن مٿان ضمانتون وٺي رھيا آھن يا ڪيس وڙي رھيا آھن ته ڪن ڪيسن جا فيصلا پڻ اچي رھيا آھن .
ڪورٽ سڳوري عمران خان ، شاھ محمود قريشي کي ڏھ ڏھ سال ۽ بشرا بيبي کي پنھنجي ور سميت چوڏھن چوڏھن سالن تائين جي سزا ٻڌائي آھي،پي ٽي آءِانھن ٻنھي فيصلن کي چيلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي، پي ٽي آءِجا وڪيل ھرممڪن ڪوشش ڪندا ته عدالتن مان ريليف ملي سگھي ، يقينن عمران خان ۽ ھن جي جماعت ھڪ دفعو ٻيھر ثاقب نثار جي ڪيل فيصلن جي گونج عدالت اعليٰ مان ٻڌڻ جا خواھشمند ته ضرور ھوندا پر جيڪڏھن اھا گونج ٻڌڻ ۾ نه ٿي اچي ۽ پي ٽي آءِجي چيئرمين توڙي اڳواڻن جون اھي سزائون معطل نه ٿيون ٿين ته ڪا وڏي ڳالھه ناھي وري اھي ئي دروازا ڳوليا ويندا جن مان پاڪستاني سياستدان ڪھڙي نه ڪھڙين شرطن تحت فائدو حاصل ڪندا آھن. پاڪستاني سياست توڙي قانون کي اڄ ڏينھن تائين ھوائن جي رخن تي ئي ھلندي ڏٺو ويو آھي ، نوازشريف کي جڏھن اقتدار کان الڳ ڪري 7 سال ۽ 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ويئي ھئي ، اڊيالا جيل جون ڪمزور ديوارون پنجاب جو ڊوميسائل رکندڙ ۽ ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ کي گھڻو وقت قيد ۾ نه رکي سگھيون ھيون ، اڄ 2024 آھي حالتون تبديل ٿي چڪيون آھن يعني ھوائن جو رخ تبديل ٿي ويو آھي ۽ ڪورٽ سڳورين جون ٻڌايل سزائون توڙي ضمانتن جا رستا ھموار ڪيا ويا آھن ، تا عمر جي نااھلي کان وٺي سزائن وارا فيصلا ھڪ ھڪ ڪري ختم يا وري اھڙا رستا ڪڍيا ويا آھن.
2013ع ۾ خيبرپختونخواھ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٺھندڙ حڪومت ۽ مبينا طور تي قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جي فرينڊلي مخالف ڌر جي بينچن مان سڀ صحيح آھي واري خاموشي ۾ ايوان توڙي روڊن تي ھڪ آواز کي ئي ايترو بلند ڪيو ويو يا ڪرايو ويو ھو.انھي لامحدود مليل اختيار ۽ لامحدود اظھار جي آزادي عمران خان کان 2008ع واري شائستگي توڙي تدبري واريون ڳالھيون ڇڏرائي ڇڏيون ،عوامي ميڙن عمران خان جون متيون ئي منجھائي ڇڏيون ھيون بلڪل ايئن جيئن ذوالفقار علي ڀٽو کي پڪ ھئي ته عوام منھنجي لاءِ ٻاھر نڪري پوندو مان نه صرف ملڪ پر اسلامي ملڪن جي سربراھن کان پڻ چاھيو وڃان ٿو ۽ ھي مونکي قيد ته ڪري سگھن ٿا پر تخت دار تي نه چاڙھيندا پر ڇا ٿيو ڪنھن کان ڳجھو ڪونھي، پر عمران خان جو ڊوميسائل ڪنھن ننڍي صوبي جو ناھي انڪري پاڪستاني حاڪميت توڙي سياست جي ھوائن جو رخ تبديل ٿيڻ اڻٽر آھي.
پاڪستان ۾ جھڙي ريت تاريخ پاڻ کي ورجائيندي آھي جيڪر حال ۾ ويھي مستقبل جي پيشنگوئي ڪرڻ ۾ ڪنھن قسم ڪا ھٻڪ نه ٿي ٿئي ته مستقبل ۾ ڇا ٿيڻ وارو آھي ؟ ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي عمران خان تائين جيڪو ڪجھه سياستدانن سان ٿيندو آيو آھي ان ۾ ڪردار ته ضرور تبديل ٿيندا آھن پر اڌ صدي کان اسڪرپٽ ساڳيو ئي رھيو آھي، بس وقت گذرڻ سان ايترو ئي آهي فرق آيو ته اسين بيلڪ ان وائيٽ دور کان نڪري اڄ اسين ايڇ ڊي جي عڪس بند ڪيل ناٽڪ ڏسي رھيا آھيون.ان ڪري ھن ايڇ ڊي دور ۾ جڏھن سڀ ڪجھه صاف شفاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو اتي اھا اڳڪٿي ڪندي مان پڻ ڪا ھٻڪ محسوس نه ٿو ڪريان ته ايندڙ ڪجھه عرصي ۾ تحريڪ انصاف جي لاءِ ھوائن جو رخ تبديل ٿيندو .