سڄي ملڪ جيان راڻي پور ۾ به ھر طرف مختلف پارٽين سان واسطو رکندڙ ۽ آزاد اميدوارن جا بينر، جھنڊا ۽ اسٽيڪر لڳل نظر اچي رھيا آھن، قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 204 تي پي پي پي، پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي جي اميدوارن جي ھڪ ٻئي سان زور آزمائي، صوبائي اسيمبليءَ جي تڪ پي ايس 30 تي پڻ ٽنھي وڏين پارٽين جي اميدوارن جي زورآزمائي جاري آھي.
راڻي پور خيرپور ضلعي جي قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 204 ۾ اچي ٿو. جتي پي پي پي پاران اڳواڻي کٽيل اميدوار سيد جاويد شاھ کي ٻيھر ٽڪيٽ ڏئي ميدان ۾ لاٿو ويو آھي. جڏھن ته ھن ڀيري جي ڊي اي پاران معظم خان عباسيءَ کي سامھون بيهاريو ويو آھي. جڏھن ته ساڳئي تڪ تي پي ٽي آءِ پاران اڳوڻي ضلعي ناظم سيد نياز حسين شاھ کي ٽڪيٽ ڏني وئي آھي. جيڪو پڻ ٻنھي اميدوارن کان گوءِ کٽڻ لاءِ ورڪ وڏي تيزيءَ سان ڪري رھيو آھي. ڪجھه ماڻهن جو چوڻ آهي ته ھن ڀيري جي ڊي اي اميدوار معظم خان عباسيءَ جي کٽڻ جا امڪان پي پي اميدوار کان وڌيڪ ۽ چٽا نظر اچي رھيا آھن. ان جو سبب اھو ٻڌايو پيو وڃي ته سيد جاويد شاھ تڪ واسين کي ڏکئي وقت ۾ ڇڏي پنجن سالن بعد وريو آھي. جيڪو سندس شڪست جو سبب بڻجي سگھي ٿو. پر ان جي باوجود پي پي پي جا ڪجھه سرگرم ڪارڪنن ۽ اڳواڻ پارٽي پاليسن کان مايوس ٿي ڪري مختلف پارٽين ۾ اعلان ڪري ويٺا آھن.جنھن پڻ ڪيتريون ئي رڪاوٽون ۽ ھڪ ٻئي مٿان رنڊڪون پيدا ٿي رھيون آھن. جي وري مڪمل تڪ جي صورت حال جو جائزو وٺبو ته اصل مقابلو پي پي، جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ اميدوارن جو مقابلو نظر اچي رھيو آھي. ان کان سواءِ جيڪڏهن پي ايس 30 جي ڳالهھ ڪبي ته اتي به ڪجھه دلچسپ صورتحال نظر اچي رھي آھي. اڪثر ماڻھو پيپلز پارٽيءَ کان مايوس ٿي ھن ڀيري آزمايلن کي نه آزمائڻ جو وچن ڪري ورتو آھي. ھن تڪ تي پي پي پاران سينئر سياستدان 3 ڀيرا ھن ئي تڪ تان کٽيندڙ نعيم احمد کرل کي بيھاريو ويو آھي. جڏھن ته ان ئي تڪ تي جي ڊي اي پاران گمبٽ سان واسطو رکندڙ اڳوڻو ٽائون چئيرمين خالد شيخ کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آھي. جيڪو پڻ ھن وقت نعيم کرل کي ٽف ٽائيم ڏئي سگھي ٿو.
جيڪو به پنھنجي تڪ ۾ تمام گھڻي ورڪ ڪري رھيو آھي. جنھن سان پي پي اميدوار جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آھن. ان کان سواءِ پي ٽي آءِ جي حمايتي پير احمد علي شاھ، ان کان سواءِ تحريڪ ليبڪ پاڪستان پاران به ھن ڀيري ھن تڪ تي پنھنجو اميدوار سامھون آندو آھي. جيڪو پڻ ورڪ ڪرڻ ۾ مصروف آھي. جڏھن ته آزاد اميدوار طور پير سيد نياز حسين شاھ، اعجاز علي کوکر، پيرسيد شفقت حسين شاھ پڻ ميدان ۾ لٿل اھن جيڪي پڻ زور آزمائي ڪري رھيا آھن. ھاڻي ڏسجي ته 8 فيبروريءَ تي قسمت جي ديوي ڪنھن جي مٿان مھرباني ٿئي ٿي ۽ ڪير ميدان ماري ٿو.
اڪثر ماڻھو پيپلز پارٽيءَ کان مايوس ٿي ھن ڀيري آزمايلن کي نه آزمائڻ جو وچن ڪري ورتو آھي. ھن تڪ تي پي پي پاران سينئر سياستدان 3 ڀيرا ھن ئي تڪ تان کٽيندڙ نعيم احمد کرل کي بيھاريو ويو آھي. جڏھن ته ان ئي تڪ تي جي ڊي اي پاران گمبٽ سان واسطو رکندڙ اڳوڻو ٽائون چيئرمين خالد شيخ کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آھي. جيڪو پڻ ھن وقت نعيم کرل کي ٽف ٽائيم ڏئي سگھي ٿو.