محمد علي پٺاڻ: ادب جي باغيچي جو مالهي

تحرير: حسن پٺاڻ

محمد علي پٺاڻ ادبي لڏي جو اهو فرد آهي جيڪو تسلسل سان لکندو پيو اچي، اکيون الا چنڊ، اَگهيا اوجاڳا، عاشورا آهن، ڀڳوآرس اکڙين، جهڙا شاعري جا ڪتاب سنڌي ٻولي جي جهولي ۾ وجهندڙ، محمد علي پٺاڻ شاعري جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. غزل،وايون، نظم، نثري نظم، ترائيل، ٽيڙو، چوسٽا، سانيٽ لکيا آهن. کيس پابند شاعري تي مهارت حاصل آهي سندس تخليقون ڪنهن خوبصورت باغيچي جيان هجن ٿيون ۽ هي ادب جو مالهي جتي ۽ جهڙو خوبصورت گل پوکي پنهنجي باغيچي کي خوبصورت بڻائي سگهي ٿو. هن جي شاعري ۾ فني نزاڪتون آهن، ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ خيالن جي جستجو کي ترتيب ڏيڻ جو فن آهي.

محمد علي پٺاڻ  پنهنجي ٽهي، اڳين ٽهي (يعني بزرگ اديبن کان) نئين ٽهي جي وچ ۾ وجود رکندڙ هڪ تخليقڪار سان گڏ ڪل وقتي ادبي ورڪر، جيڪو پنهنجي ٽهيءَ سميت، بزرگن، نوجوانن ۽ ٻارن سان هڪ ئي وقت رابطي ۾ رهي لکرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري ٿو.

هن يگاني اديب شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي فلسفي ڌرتي سان محبت ڪرڻ واري درس تي ايمان رکڻ واري اڏول انسان ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي کان ٻيهر لکرائڻ جون ڪوششون ڪيون جنهن ۾ ڪاميابي ماڻي، اهڙي طرح  بهترين ڪهاڻيڪار بادل جمالي کان ٻيهر ڪهاڻيون لکرايون، سدائين ڪوشش رهندي آهي ته  ادب سرجندو رهي، ڪهاڻيڪار انور شيخ محمد علي پٺاڻ جي لاءِ لکيو ته  ”هڪ محبتي ۽ محنتي ماڻهو“ سندس چوڻ آهي ته  ”محمد علي پٺاڻ کي ڪو ڪهاڻي جو پلاٽ ٻڌائي پوءِ صبح شام پيو فون ڪندو سائين ڪهاڻي لکي ورتوَ، بس پيو ائين ئي منٿون ڪندو، ڪهاڻي مان لکندس نالو منهنجو ٿيندو خوشي هن جي منهن تي پئي نچندي.“

محمد علي پٺاڻ شاعري سميت نثر به  تمام بهترين لکيو آهي، جنهن ۾ ڪهاڻي، ناول، ڊراما، اسٽيج ڊراما، ڪالم، خاڪا، لکيا آهن، نثر ۾ به   پاڻ ملهايو آهي، ”ميندي لهڻ کان اڳ” ، ”اڇي رات ڪارو چنڊ“،”جي هلن هيکليون“ آتم ڪهاڻي ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي، ”روشني جي پنڌ ۾“ آتم ڪهاڻي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سميت  ڪهاڻين ۽ ڊرامن جا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن سندس مختلف موضوعن تي 31 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.

شاعري کان  پوءِ اظهار جو سگهارو ذريعو نثر ۾ ڊرامي کي سمجهيو ويندو آهي، محمد علي پٺاڻ سنڌ ۾ ڪڌي رسم ڪاروڪاري تي ڪيئي ڪهاڻيون لکيون آهن ۽ جنهن کانپوءِ انهي رسم خلاف ٽي وي ڊراما سيريز اڇي رات ڪارو چنڊ لکي انهيءَ بيهوده ۽ ڪڌي رسم خلاف پنهنجو اظهار ڪيو، جنهن کي ڀرپور موٽ ملي.

هن سنڌي ڊرامن ۾ نوان  تجربا ڪيا آهن، جن ۾ هن جا ڊائلاگن کانسواءِ لکيل ڊراما ٽيليڪاسٽ ٿيل آهن. سئو اکر هڪ ڪهاڻي لکي سنڌي ڪهاڻي ۾ نئون تجربو ڪيو آهي، جڏهن ته   ”مسافتون ياد جون“ ڪويتا ناول به  سندس نئون تجربو هو، جنهن ۾ هن ڪويتا وسيلي هڪ تسلسل سان زندگي جي ڌار ڌار وارتائن کي پنهنجي تخليقي آرٽ ۽ صلاحيت آڌار خيال کي  وڏي مهارت سان جديد ڪويتا جو روپ ڏئي بيان ڪيو آهي. سندس ڪتاب جو اردو ترجمو به  شايع ٿيو آهي، جنهن کي تمام گهڻي پذيرائي ملي آهي، جنهن کي اردو جي نالي واري ليکڪن فخر زمان،حفيظ خان سميت پڻ ڪيترن ئي اديبن ساراهيو آهي، ان کانسواءِ هڪ ڪتاب منهنجو ڏک انور پيرزادي تي سوانحي ناول پڻ لکيو آهي. سندس شاعري ۽ ڪهاڻين جي ڪتابن جا انگريزي ترجما پڻ شايع ٿي چڪا آهن جيڪي مختلف ناليواري ليکڪن پروفيسر ڄام جمالي، پروفيسر محمد هاشم سولنگي ۽ ٻين ليکڪن ڪيا آهن .

محمد علي پٺاڻ جي لکڻين کي ناليوارن ليکڪن سوڀي گيانچنداڻي، انور پيرزادي، مهتاب اڪبر راشدي،بدر ابڙي، تاج بلوچ، حسن مجتبيٰ، رزاق مهر، ادل سومري، مدد سنڌي، انور ابڙي، رکيل مورائي، سميت ڪيترن ئي ليکڪن ساراهيو آهي.

محمد علي پٺاڻ معصوم طبيعت جو مالڪ، يارن جو يار، سندس رسڻ پرچڻ به  اهڙو ئي معصوم اٿس، مون سان رت جي رشتي سميت ڪيترن ئي سڳن سان جڙيل آهي، اڄ 3 فيبروري سندس جنم ڏينهن آهي کيس جنم ڏينهن جون لک لک واڌايون شال سدائين جڙيو رهي.

هن سنڌي ڊرامن ۾ نوان  تجربا ڪيا آهن، جن ۾ هن جا ڊائلاگن کانسواءِ لکيل ڊراما ٽيليڪاسٽ ٿيل آهن. سئو اکر هڪ ڪهاڻي لکي سنڌي ڪهاڻي ۾ نئون تجربو ڪيو آهي، جڏهن ته   ”مسافتون ياد جون“ ڪويتا ناول به  سندس نئون تجربو هو، جنهن ۾ هن ڪويتا وسيلي هڪ تسلسل سان زندگي جي ڌار ڌار وارتائن کي پنهنجي تخليقي آرٽ ۽ صلاحيت آڌار خيال کي  وڏي مهارت سان جديد ڪويتا جو روپ ڏئي بيان ڪيو آهي. سندس ڪتاب جو اردو ترجمو به  شايع ٿيو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.