اچو ته اظهار جي آزادي لاءِ هڪٻئي سان سهڪار ڪريون

هن ايڊيٽوريل ذريعي ملڪ جي ساڃاهه وندن سان مخاطب ٿي اهو بحث ڪرڻ چاهيون ٿاته باوجود ان جي ته اسين سڀ بظاهر اظهار جي آزادي جا حامي آهيون پر ڇا سبب آهي جو عملي طور اهڙو ماحول پيدا نه ڪري سگهيا آهيون  جو هڪٻئي کي اظهار جي آزادي ڏئي سگهون ، ان جا آخر ڪارڻ ڪهڙا آهن؟

ڪٿي ايئن ته ناهي ته اسان اظهار جي آزادي جي روح کي ئي ناهيون سمجهي سگهيا، ڪٿي ايئن ته ناهي ته اسان اظهار جي آزادي جي نالي ۾ ڇڙواڳي، غير ذميواري، بدنيتي، ڪردار ڪشي، گروپنگ، لابنگ ۽ پروپئگينڊا ڪريون ٿا ته ڪنهن کي لوئڻ، ڪنهن کان ڪو انقام يا پلاند وٺڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا. دل ۾ ڪو مير، تعصب ۽ زهر کي اوڳاڇيون ٿا تنهن ڪري اظهار جي آزادي جي مقصد سان انصاف نه ڪري سگهيا آهيون؟ ڇا ايئن ته ناهي جو اسان جيڪا تنقيد ڪندا آهيون  تنهن جي مفهوم کي به سمجهي ناهيون سگهندا تنهن ڪري ڪنهن کان به تنقيد برداشت نٿي ٿئي ڇاڪاڻ ته تنقيد کي اسان وٽ عام طور تي نقطئه چيني ۽ تنقيد براءِ تنقيد تائين محدود سمجهيو ويندو آهي جڏهن ته تنقيد پنهنجي جوهر ۾ ڪنهن به شئي جي مڪمل جائزي/ڪٿ کي چئبو آهي جنهن جو بنيادي مقصد صرف ۽ صرف ”اصلاح“ ڪرڻ هوندو آهي پر هتي رڳو تنقيد براءِ تنقيد آهي، ڇا اهو ته ڪارڻ ناهي جنهن سبب هتي تنقيد کي هضم نٿو ڪيو وڃي؟

اسان کي پنهنجي ان لاڙي جو به جو به جائزو وٺڻ گهرجي جنهن ۾ اسان وڏي هام هڻندا آهيون ته اسان سچ منهن تي ڦهڪو ڪري چئي ڏيندا آهيو پر ڇا اسان ايڏي وڏي دل سان ٻئي جو سچ ٻڌڻ جي به همت ساري سهندا آهيون. ايئن ڇو آهي ته اسان جا معيار پنهنجي لاءِ هڪڙا ۽ ٻين لاءِ ٻيا هوندا آهن پوءِ اهي ذاتي نوعيت جا هجن مقامي يا ملڪي سطح جا هجن؟

مٿي اٿاريل انهيءَ سوال ۽ بحث جو مقصد اهو آهي ته ڪٿي ايئن ته ناهي جو اسان اظهار جي آزادي ۽ تنقيد جي جيئن ته روح کي ئي ناهي سمجهيو تنهن ڪري انهن کي سماج ۾ جوڳي يا مثبت موٽ نه ملي سگهي آهي.

اسان جو خيال آهي ته اظهار جي آزادي ۽ تنقيد کي پنهنجو حق ملڻ گهرجي پر اسان کي گڏوگڏ اهو به سمجهڻو پوندو ته اظهار جي آزادي ۽ تنقيد جو اهڙو حق ٻين کي به ڏيڻو پوندو جيڪو اسان ڏيڻ لاءِ تيار ناهيون هوندا شايد ان ڪري جو اسان سمجهندا آهيون ته اظهار جي آزادي يا تنقيد جو درست استعمال نٿو ٿئي.

سو اسان کي ان اظهار يا تنقيد جي ضرورت آهي جنهن سان مجموعي طور تي اصلاح ٿئي، اهڙي تنقيد ٿئي جنهن سان ڪنهن کي گمراهيءَ کان بچائي سگهجي. تاريخ جو رڪارڊ درست رکي سگهجي، پاڻ کي غلط فهمين ۽ خوش فهمين مان ڪڍي سگهجي.

هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اسان وٽ اظهار جي آزادي وارو حق مڪمل ذميواري ۽ ايمانداري سان استعمال ٿئي ٿو ۽ ڇا تنقيد جو معيار پنهنجي جوهر ۾ اصلاحي آهي جيڪڏهن ناهي ته پوءِ اسان جي اصلاح اها هوندي ته پهريون اسان کي اظهار جي آزادي توڙي تنقيد جي روح کي سمجهڻو پوندو، ان جي اخلاقي ضابطن کي سمجهڻو پوندو. اخلاقي ضابطن مان مراد اها آهي ته تنقيد جو مقصد  ڪنهن جي دل آزاري ۽ تذليل ڪرڻ نه هجي.

پر جيڪڏهن اسان دعويٰ ڪيون ٿا ته اسان اظهار جي آزادي توڙي تنقيد جي روح کي خوب سمجهون ٿا ته پوءِ ان جي اخلاقي ضابطن جو پابند ٿيڻو پوندو. اظهار جي آزادي توڙي تنقيد جو ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي رول ماڊل بڻائي پيش ڪرڻو پوندو مثال طور  اسانکي پنهنجي رياستن، ملڪ، مذهب، قوم پنهنجي سياسي، سماجي، ادبي نظرين توڙي سياسي، سماجي، ادبي ۽ مذهبي شخصيتن تي تنقيد ڪرڻ جي کلي عام ۽ وڏي دل سان اجازت ڏيڻي پوندي ۽ پوءِ ان جو جواب به ان ذميواري ۽ اخلاقي ضابطن تحت ڏيڻو پوندو. ايئن نه هجڻ گهرجي ته تنقيد ڪنهن اخبار، رسالي، ٽي وي ٽاڪ شو، تقرير ۾ ٿئي ته جواب وري وڳوڙ ڪري، هڙتالون ڪري، شهر بند ڪري ٽائر ساري باهيون ڏئي ڪري ڏيون؟ مطلب ته اسان کي پوءِ جواب به اخلاقي طور تي ان سطح تي ڏيڻ گهرجي جنهن سطح تي تنقيد ڪئي وئي آهي ۽ تنقيد مضمون ۾ ٿي آهي، ڪنهن خبر ۾ٿي آهي، ٽي وي ٽاڪ ۾ ٿي آهي، تقرير ۾ ٿي آهي ان جو جواب به مضمون، خبر، ٽي وي ٽاڪ يا تقرير ۾ ڏيڻ گهرجي.

سو اظهار جي آزادي توڙي تنقيد  جي حق ۾ اهو ئي آهي ته اسان اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ ۾ هڪٻئي سان سهڪار ڪريون، مدد ڪريون ته جيئن اظهار جي آزادي کي ڇڙواڳي ۽ غير ذميواري نه سمجهيو وڃي ۽ تنقيد کي به تنقيد براءِ تنقيد جي بيماري نه سمجهيو وڃي. ٻيو ته پنهنجي اندر اها صلاحيت پيدا ڪيون ته تنقيد جواب مهذب ۽ پارلياماني انداز ۾ ڏجي ۽ اهو رويو ان احساس وچان اختيار ڪرڻ گهرجي ته اهو سڀ اظهار جي آزادي ۽ تنقيد جي حق ۾ ويندو، اهو سندن بقا جو سوال به آهي.

عام ماڻهن جي ته دل ننڍي ٿي سگهي ٿي پر رياستن حڪومت، مذهبن ۽ سياسي سماجي پارٽين کي دل وڏي ڪرڻ گهرجي ۽ اظهار جي آزادي توڙي تنقيد کي برداشت ڪرڻ جو ماحول پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي نه ڪي رياستي ۽ حڪومت عتاب جو مظاهرو ڪجي ۽ ٻئي موقف کي جبري طور کنڀي گم ڪري ڇڏجي. ڪنهن به ڪارروائي کان اڳ اهو ذهن ۾ ضرور رکڻ گهرجي ته اهو ممڪن آهي ته اڄ جو سج سڀاڻي جو ڪوڙ ۽ اڄ جو ڪوڙ سڀاڻي جو سچ ثابت ٿئي  تنهن ڪري اظهار جي آزادي جو ڪنهن ريت به رستو روڪڻ نه گهرجي ۽ تنقيد جي حق ۾ ويندو، اهو سندن بقا جو سوال به آهي.

سو بحث اهو ئي آهي ته باوجود انجي ته اسين سڀ اظهار جي آزادي چاهيون ٿا، ان جي حق ۾ به آهيون پر جڏهن ان جو نشانو اسان پاڻ بڻجندا آهيون ته پوءِ ڇو آپي کان ٻاهر ٿي ويندا آهيون ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن. هن وقت جيئن ته چونڊن جو ماحول آهي، سياسي مهم اوج تي آهي ان ماحول ۾ ٿڌائپ ۽ خاص ڪري سهپ جو عملي مثال قائم ڪرڻ گهرجي ۽ هڪٻئي کي پنهنجو پنهنجو موقف ۽ منشور پيش ڪرڻ جي جمهوري اجازت ڏيڻ گهرجي.   هڪٻئي جي چونڊ جلسن ۽ پارٽي آفيسن تي حملا ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته اهو غير جمهوري ۽ سياست جو پرتشدد رويو آهي اظهار جي آزادي جي به اها ئي تقاضا آهي ته هڪٻئي کي برداشت ڪجي ان ماحول لاءِ ئي گذارش ڪجي ٿي ته اچو ته اظهار جي آزادي جي ماحول لاءِ هڪٻئي سان سهڪار ڪريون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.