سراج الحق ميمڻ جون گهڻ رخيون خدمتون

سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سچو عشق رکندڙ، ڏاهي دانشور، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، محقق، قانوندان ۽ ماهر لسانيات ’سراج‘ جو پورو نالو سراج الحق ولد محمد يعقوب ميمڻ هو، هن 24 آڪٽوبر 1933ع تي ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد يعقوب ’نياز‘ميمڻ وقت جو بهترين تعليمدان ۽ علم ۽ ادب سان اٿاهه چاهه رکندڙ شخص هو. سندس ترجمو ڪيل ’ديوان حافظ‘ سنڌي ادب ۾ يادگار حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ نه رڳو حافظ شيرازيءَ جي زندگيءَ جو تفصيل آهي پر سندس غزلن جو اونهو اڀياس ۽ لفظن جي معنيٰ به ڏني وئي آهي.

سراج تي پنهنجي والد جي مزاج ۽ علميت جو گهرو اثر ٿيو ۽ شروع کان ئي لکڻ، پڙهڻ سان واسطو رهيس. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ مان وٺڻ کانپوءِ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ پوري يونيورسٽيءَ ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. سندس تعليم بي. اي (آنرس)، ايم. اي (ايڪانامڪس) ۽ ايل. ايل. بي هئي. سراج ملازمت جي ابتدا محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي پريس ۾ ڪم ڪرڻ سان ڪئي، جتي هو پروف ريڊنگ ۽ ترجمي جو ڪم ڪندو هو، جتان 1953ع ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۾ نوڪريءَ لاءِ کيس سنڌ جو برک ڏاهو محمد ابراهيم جويو وٺي آيو. ۽ 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1957ع ۾ سي. ايس. ايس. جو چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو ۽ سندس جاءِ تي شمشير الحيدري، سنڌي ادبي بورڊ ۾ آيو.

سراج صاحب کي جنرل يحيٰ 1969ع ۾ جبري طور 303 پهرينءَ صف جي سنڌي آفيسرن سان گڏ ملازمت مان رٽائر ڪيو. سندس خلاف الزامن مان مکيه سرڪاري ملازمت ۾ هوندي قومپرست ۽ ترقي پسند ادبي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ ۽ قوميت جي موضوع تي لکڻ هو. ان کانپوءِ ڪجهه وقت وڪالت ڪيائين ۽ ڪامياب وڪيل رهيو.

1971ع ۾ ڪراچيءَ مان ’هلال پاڪستان‘ اخبار جو اجراءُ ٿيو، جنهن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کيس ايڊيٽر مقرر ڪيو. هن اخبار ذريعي سراج، جديد صحافت ۾ نوان ۽ اڇوتا لاڙا آندا. ان تي کيس سنڌي جديد صحافت کي ’نئون جنم ڏياريندڙ‘ چيو وڃي ٿو. هن امر جليل، فقير محمد لاشاري، نصير اعجاز، هدايت منگي، جي. اين. مغل، دستگير ڀٽي ۽ ٻين کي ڪالم نگاريءَ ۽ صحافت جي ميدان ۾ متعارف ڪرايو. 1977ع ۾ ضياءُ الحق جي دور ۾ هن فوجي حڪومت کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪندي، هلال پاڪستان مان استعيفا ڏني ۽ واپس وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي ويو ۽ عمر جي آخري عرصي تائين سپريم ڪورٽ جو سينيئر وڪيل رهيو. انڪم ٽيڪس قانون تي سندس مهارت سبب کيس ان مضمون جي ميدان ۾ ’انسائيڪلوپيڊيا‘ چيو ويندو هو.

سراج، سنڌي ادب جي هڪ گھڻ پاسائين شخصيت رهيو، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 1961ع ۾ ’اي درد هلي آءُ‘ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو ’اٺون ماڻهو‘ 1985ع ۾ شايع ٿيو. جديد سنڌي ادب ۾ سراج سڀ کان وڌيڪ تخليقي ناول لکيا ۽ هي اهو پهريون سنڌي ليکڪ هو، جنهن ٽن ناولن تي ٻڌل ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ جي نالي سان سنڌي ادب جي پهرين ٽريالاجي لکي. سراج، سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو، جن سنڌ جي تاريخ اڳ ۾ ڪانه پڙهي هئي، تن سراج جا ناول پڙهي پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي ورتي. سراج جو پهريون جڳ مشهور ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ 1979ع ۾ ڇپيو، هي ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي قهري دور جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پيش ڪري ٿو. سندس ٻيو ناول ’مرڻ مون سين آءُ‘ 1988ع ۾ ڇيپو، ان کانسواءِ ’منهنجي دنيا مرگھه ترشنا‘، ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’ سڀ رنگ سانول‘ سندس اهم ناول آهن، جن جي بعد ۾ ٽريالاجي ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ عنوان سان شايع ٿي.

سراج ڪيترائي ڊراما به لکيا، جن وڏي مقبوليت ماڻي، جن ۾ ’اڪبر جي حياتيءَ جو هڪ ڏينهن‘ (نورا رچردس جي ڊرامي جو ترجمو)، ’گهاتو گهر نه آئيا‘ (شاهه جي سر گهاتوءَ تي ٻڌل ناٽڪ)، ’جر ۾ ڦوٽو جيئن‘، ’پوچا ڏٺم پير، ڍڪڻي مٿي ڍول جا‘، ’تنهنجي تند تنوار‘ (سر پيرويءَ تي ٻَڌل آزاد نظم ۾ ناٽڪ) ۽ ’پروفيسر‘ وغيره شامل آهن. هڪ مترجم جي حيثيت سان هن ’چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي‘، ’چونڊ آمريڪي افسانا‘ (غلام ربانيءَ سان گڏ)، ’ڏکڻ مان ٿو سج اڀري‘ (ڪرشچندر جو ناول) ۽ ڊاڪٽر ايس. پي ڇٻلاڻيءَ جي ڪتاب: (Economic Conditions in Sindh 1595-1984) جو ترجمو ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ جا ترجما ڪيا. سندس ناول ۽ افسانن جا مجموعا، افسانوي ادب ۾ تمام گھڻي اهميت جا حامل آهن.

سراج پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهڻ دوران اهم مسئلن تي ايڊيٽوريل لکڻ کانسواءِ ’رتيءَ جي رهاڻ‘ ۽ ’ملان جي ڊوڙ‘ ۽ جاڳو اخبار ۾ ’سياسي منظرنامو‘ جي سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا. هن س. م. لاهوتيءَ جي نالي سان به ڪافي مضمون ۽ ڪالم لکيا. سراج شاعري به ڪئي، ابتدا ۾ هو ’بسمل‘ تخلص ڪم آڻيندو هو. سندس مختصر شعري ذخيري (collection) ۾ پنج کن گيت، هڪ نظم، ٻه منظوم ترجما ۽ پنج آزاد نظم ملن ٿا، جن ۾ ’ پريم پارڪ ۾ . . . ‘، ’باز گشت‘، ’اندر سڀا‘، ’ياد جا تابوت‘ ۽ ’ڪراچي‘ آزاد نظم مشهور آهن. ڪراچي نالي تاريخي آزاد نظم هو، جيڪو هن ڪراچيءَ جي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جي موقعي تي لکيو هو.

لسانيات جي حوالي سان سندس اهم تصنيف ’سنڌي ٻولي‘ 1964ع ۾ ڇپيو، جنهن سنڌي ادب ۾ ٻوليءَ جي ارتقا جي حوالي سان نوان بحث ڇيڙيا. هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو هن سنڌ جي ٻين عالمن سان اختلاف ڪندي سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرت مان نڪتل زبان، دراوڙي ڪُل جي زبان ۽ ’سامي سٿ‘ جي زبان وارن نظرين ۽ مفروضن کي رد ڪيو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اصلوڪي ۽ بنيادي ٻولي قرار ڏنو، سندس راءِ کي شروع ۾ جن عالمن قبول نه ڪيو هو، تن به تحقيق بعد آخر ۾ اچي ساڳي ڳالهه ڪئي. هن ڪتاب کي ’پاڪستان رائيٽرس گلڊ‘ پاران انعام پڻ مليو ۽ 2009ع ۾ هن ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ٻيو ڇاپو ۽ انگريزي ترجمو پڻ شايع ٿيو، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ 2009ع ۾ شايع ڪيو. سراج، زندگيءَ جي آخري سالن ۾ ٻه انگريزي ڪتاب لکي مڪمل ڪيا. (1) History of Sindh and Sindhi Language (2) Biography of an Unknown Sindhi. جن مان پهريون ڪتاب اشاعت هيٺ آهي.

سنڌ جي هن عاشق ۽ باوقار اديب ۽ عالم، 2 فبروري 2013ع تي اسُر ويل، دل جي دوري سبب نيشنل ميڊيڪل سينٽر ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو، کيس 4 فيبروريءَ تي گِزري قبرستان، ڊفينس، ڪراچيءَ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

(انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.