اقتدار جا ايوان زرداري جي انتظار ۾ !

ڊاڪٽر موھن مالھي

سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب چونڊون اٺ فيبروري تي ٿيڻيون آھن. پر باوجود ان جي چونڊن جي حوالي سان ھڪ مونجهارو برقرار آھي. پاڪستان ۾ قاسم جي پي جي سرڪار ختم ٿي چڪي ھئي، ملڪ جو نئون سربراهه شھباز شريف ٿي چڪو ھو پر اھو سڀ ڪجهھ ممڪن ڪرڻ وارو زرداري صاحب ھو. عوام جي خيال مطابق اسٽيبلشمينٽ  ڪمزور ٿي رھي ھئي ۽ اھو ٽاسڪ زرداري صاحب کي مليو جنھن پنھنجي سياسي  ڏاھپ سان انھي ٽاسڪ کي جھموري انداز ۾ پورو ڪيو. ماڻھن کي حيراني تڏھن ٿي جڏھن زرداري صاحب شھباز شريف کي ملڪ جو وزير اعظم ڪرايو . شھباز شريف اھو ماڻھو ھو جنھن زرداري صاحب لاءِ اھو چيو ھو ته جڏھن منھنجي حڪومت ايندي ته آئون زرداري کي سر عام چورائي تي ڦاسي تي ٽنگيندس. پاڪستان ۾ ڪھڙي سياست ۽ حڪومت ھلي سگھي ٿي زرداري کان سوا ڪو به سياسي اڳواڻ نٿو ڄاڻي،پر زرداري اھو سڀ ڪجھه پرکي ٿو.

آئون زرداري کي پاڪستاني سياست جو ھيرو سمجھندو آھي. ان زرداي پاڪستاني سياست جي مزاج جو حڪمران آھي. جڏھن سياست دان حڪمران بڻبا آھن تڏھن طاقت جي نشي ۾ پنھنجن مخالفن سان بدلا وٺندا آھن انھن تي ڪوڙ ڪيس ٺاھي جيلن ۾ وجھندا آھن ۽ اھو سڀ ڪجھه بينظير ۽ زرداري سان ٿيندو رھيو آھي خاص ڪري نواز حڪومت جي دور ۾ پر زرداري انھن سڀني سياستدانن کا مختلف سوچ جو مالڪ آھي،بدلا ھو به وٺندو آھي پر ذاتي حيثيت جي بجاءِ سياسي ۽ جھموري انداز ۾ ۔مشرف سان بدلو ھن جي سياسي ڏاھپ جو ڪمال ھو پر اڄ ڏينھن تائين ان کي ڪير به سمجھي نه سگھيو !؟

منھنجي نظر ۾ ته ھن بينظير جو به بدلو وٺي ڇڏيو آهي. زرداري جنھن خوبصورتي سان اقتدار کي قاسم جي پي کان جھموري انداز ۾ منتقل ڪري نه صرف ملڪ کي اچڻ وارن سياسي طوري اقتصادي خطرن کان محفوظ ڪيو پر ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ کي به ھڪ دفعو وري مان ڏنو. ۽ يقين ڪيو ڪوبه اھڙو ليڊر ڪونه ھو جو اھو مشڪل ٽاسڪ حاصل ڪري. مشڪل وقت ۾ ڪم اچڻ واري زرداري کي ڪير ڪيئن ٿو وساري سگھي.

اسٽيبلشمينٽ جوڻيجي کان وٺي قاسم جي پي تائين جيڪو به تجربو ڪيو اھو ڪامياب ويو يا ناڪام اھا ڳالهھ اسٽيبلشمينٽ خود سمجھي ٿي

وقتي طور ھو پنھنجي مقصدن ۾ ضرور ڪامياب وڃي ٿي.

ماڻھو الائي اسٽيبلشمينٽ کي ڇا سمجھن ٿا پر دنيا جو ڪوبه ملڪ ايستائين جو گھر به ھن کان سواءِ نٿو ھلي سگھي. ضرورت ھن ڳالھه جي آھي ته ھن کي گھر وانگر مطلب ملڪ کي مضبوط ڪرڻ لا ادارن کي گڏ جي ويھڻو پوندو ان لاءِ ملڪ جي سڀني اسٽاڪ هولڊرن کي سوچڻو پوندو اٺ فيبروري جي لاءِ چونڊ مھم زور شور سان جاري آھي. نواز ۽ شھباز ۾ مڪمل بدلاءُ ھڪ تبديلي محسوس ٿي رھي آھي

نواز پنھنجي سياسي مڪافات عمل جي آخري باب مان گذري رھيو آھي. نواز پنھنجي زندگي ۾ جيڪو پوکيو اھو سامھون اچي ويو. نواز جو اصل ٽارگيٽ پاڪستان پيپلز پارٽي ئي ھئي پر اڄ بلاول جي تنقيد باوجود نواز ۽ شھباز جو رويو انتھائي مثبت آھي. اھا وڏي تبديلي آھي جيڪا سڀ ڪجھه وڃائڻ کان پوءِ سمجهھ ۾ آئي آھي.

هينئر ملڪي ادارا ڪمزوري طرف وڃي رھيا آھن ان ۾ سياست به ھڪ آھي. موجوده صورتحال ۾ ڪا به اڪيلي پارٽي حڪومت ٺاھڻ جي پوزيشن ۾ نه آھي.

پر ان جي باوجود اھو چيو وڃي ٿو ته نواز ھن ملڪ جو وزير اعظم ٿيندو  ۽ ساڳئي وقت زرداري اعلان ڪري چڪو آھي ته اسان جي طرفان بلاول وزير اعظم ھوندو. ٽئين پاسي قاسم جي پيءَ واري پارٽي وارا چون ٿا ته اسان جي وڏي اڪثريت ھوندي، بهرحال سڀني جو اھو حق آھي ته ھو پنھنجي ڳالھه رکي پر حالتون اھڙيون نه آھن، حالتون ھر صورت ۾ ڪنھن ھڪ پارٽي کي اھا اجازت نٿيون ڏين.

حالتون ھر صورت ۾ زرداري جي سياست ۾ صبر تحمل واري پاليسي جو ڏس ڏين ٿيون.

نواز ٿڪجي چڪو آھي قاسم جو پيءَ آئوٽ ٿي چڪو آھي. مريم قابل قبول ھوندي اھو مشڪل آھي. مون کي ته مريم جو پنجاب ۾ به ڪو ڪردار نٿو لڳي. اگر نواز ۽ مريم کي ڪو رول مليو ته به ناڪام ٿي ويندا. شھباز ڪٿي نه ڪٿي ضرور نظر اچي ٿو. بلاول سکڻ واري مرحلي ۾ آھي اھو موجوده صورتحال ۾ وزير اعظم نٿو ٿي سگھي. باقي اھم ترين ڪردار بچي ٿو اھو آھي زرداري صاحب جو جنھن ڏکي وقت ۾ اسٽيبلشمينٽ  جو ساٿ ڏنو.

چونڊون ڪير به کٽي زرداري کان سواءِ حڪومت نه جڙندي، پاڪستان جا ايوان اٺ فيبروري کان پوءِ سڀ خالي ھوندا. ان ۾ وزير اعظم، صدر ۽ سينيٽ جو چيئرمين کان وٺي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر به شامل آھن. موجوده صورتحال ۾ پاڪستان کي جيڪڏهن وزير اعظم کپي اھو صرف زرداري ئي ٿي سگھي ٿو جيڪو سڀني کي قابل قبول ھوندو ڇاڪاڻ ته سياست ۾ ڀائيچارو درگذر ۽ برداشت جو  جيڪو مادو زرداري ۾ آھي اھو ڪنھن ھڪ به سياستدان ۾ نه آھي.

ان ڪري منھنجي اھا دعوي آھي ته اٺ فيبروري کان پوءِ پاڪستان جا ايوان زرداري جي انتظار ۾ آھن. زرداري چاھي ته پاڻ اچي يا ٻئي کي وٺي اچي  پر اھو خال زرداري کان سوا ڪو به پورو نٿو ڪري سگھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.