عام چونڊون، موجوده حالتن جو جائزو ۽ شفافيت جو سوال

تحرير:  ساگر ميمڻ 

سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ  پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل ايم اين اي ۽ ايم پي اي آزاد اُميدوار طور اليڪشن وڙھي رھيا آھن، جن کي جيڪي نشان الاٽ ڪيا ويا آھن، اُھي کل ۽ حيرت جوڳا آھن، جن بابت خود پي ٽي آءِ جي آزاد اُميدوارن کي اعتراض پڻ آھي، سوال ھي آھي ته ڇا پي ٽي آءِ جا قومي توڙي صوبائي اسيمبلي جا اُميدوار – آزاد حيثيت ۾ پنهنجي پارٽي جو ووٽ ميڙي ۽ سهيڙي سگهن ٿا؟ جڏھن ته پي ٽي آءِ سربراھه عمران خان ۽ شاھه محمود قريشي ٻنهي جو جيلن ۾ ھجڻ ۽ ڪيس کي منهن ڏئي رھيا آھن، پي ٽي آءِ ڀڃ ڊاھه جو شڪار پڻ ٿي وئي آھي، جنهن جي ھاڻي شڪل اُھا ناھي رھي جيڪا ماضي ۾ ھئي!

اھڙي صورتحال ۾ سوال ھيءَ پڻ پيدا ٿئي ٿو ته ڇا پي ٽي آءِ پنهنجو ووٽ بينڪ بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي؟ منهنجو ھن حوالي سان خيال ھي آھي ته پي ٽي آءِ جو ووٽ سياسي بنيادن تي نه پر شخصيت جي بنياد تي ٺهيو ھو ۽ آھي، پي ٽي آءِ ۽ اسٽيڀلشميينٽ جي ٽڪراءُ کان پوءِ  پي ٽي آءِ جي جيڪا صورتحال ۽ حالت پيدا آھي، تلخ حقيقت ھيءَ آھي ته اُھا پي ٽي آءِ جي ووٽ بينڪ تي اثر انداز ٿي ناھي سگهي، جنهن جو سبب ھيءَ آھي ته جيئن آئون مٿي ذڪر ڪري آيو آھيان ته پي ٽي آءِ جو ووٽ بينڪ عمران خان جي شخصيت جي بنياد تي ٺهيو آھي، آئون اڪثر ڪري سوچيندو آھيان ته پي ٽي آءِ جي سابق وفاقي توڙي صوبائي ٽي سالا دور حڪومت جي انتهائي بدتر  ڪارڪردگي عمران خان جون سياسي احمقاڻيون غلطيون ۽ ناقص پاليسين جي باوجود آخر اُھو ڪهڙو سبب ۽ ڪرشمو آھي ته عمران خان جي نالي تي اڃان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ ووٽ بينڪ موجود آھي، حالانڪ عمران خان جو سنڌ ۽ بلوچستان صوبن ۾ ايترو ووٽ بينڪ ڪونهي، جيترو پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ آھي؟ ھتي ھن سوال کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جا آزاد اُميدوار کٽي اچن ٿا، ڇا انهن جي اڳيان “ نظريه ضرورت“ تحت پاليسيون ۽ آئيني منجهاڙا کڙا نه ڪيا ويندا!؟

عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ اچڻ ۽ ڪامياب ٿي وڃڻ کان پوءِ  اُن جو ستارو مسلسل گردش ۾ آھي ۽ ھن جي خلاف تڪليفن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو وڃي پيو، 9 مئي جي واقعن کان پوءِ  وڌيڪ اضافو آيو آھي، عمران خان جي مٿان ڪيس، شاھه محمود قريشي سميت مختلف اڳواڻن جي مٿان ڪيس، پارٽي جي اندر ڀڃ ڊاھه، پي ٽي آءِ مان ڪافي سينيئرس توڙي جونيئر اڳواڻن جي ڇڏي وڃڻ، پاڪستان تحريڪ استحڪام ۽ پي ٽي آءِ باغي گروپ جهڙا اتحاد ٺهڻ،  پارٽي ڪارڪنن جي گرفتاريون ۽ گهرن تي چڙھاين سميت ڪافي مسئلا پيدا ٿي ويا آھن.

آئون سمجهان ٿو ته اُھو عمران خان جي غلط، ناقص ۽ احمقاڻي پاليسين جو نتيجو آھي، ھن ڳالهه کان ڪو به انڪار ڪونهي ته عمران خان بيشڪ ڪرڪيٽ جي راند ۾ آل رائونڊر طور بهترين رانديگر ھو، البته اَئين به چئي سگهجي ٿو ته ھو ڪپتان به سُٺو ھو، پر سياستدان سُٺو ته پري جي ڳالهه آھي، اُنهي ۾ سياستدان ھجڻ جا ڪي به گُر نظر نٿا اچن، اِھو ئي سبب آھي ته پنهنجي ٺهيل ۽ ٺڪيل ويڙھي کي پنهنجي غلط، ناقص ۽ احمقاڻي پاليسين جي ڪري ويران ڪري ڇڏيائين، ھاڻي جيل مان ويهي، سپريم ڪورٽ ۽ ججن جي لا۽  قرآن شريف جو آيتون اُماڻي رھيو آھي.

پي ٽي آءِ جنهن دور مان گذري رھي آھي، ماضي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پڻ اُن کان وڌيڪ بدتر، ڏکين ۽ ڪٺن دورن مان گذري آھي، پ پ جي انتخابي نشان تلوار تي پابندي ھنئي وئي، پ پ قيادت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي چونڊيل حڪومت جو تختو اُونڌو ڪري کيس جيل اُماڻڻ کان پوءِ  ڪوڙي ۽ من گهڙت ڪيس ۾ ڦاھي چاڙھيو ويو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جون ٻه چونڊيل جهموري حڪومتون پروپينگنڊا تحت ختم ڪيون ويون، شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي جيل و بند جو صعبتون ۽ اذيتون ڏنيون ويون،  پ پ ڪارڪنن کي جيلن ۾ بند ڪرڻ، ڪوڙن ۽ ڦٽڪن جو سزائون ڏنيون ويون، گهرن تي چڙھايون ٿيون، پر ڇا ھن ملڪ جي ڪنهن به سياسي پارٽي وٽ اھڙي قسم جي قرباني آھي، جنهن جي پارٽي جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاھي ڏني وڃي!؟ ڇا ھيءَ ملڪ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪارنامن جي کٽيو نه کائي رھيو آھي!؟ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي گولي ۽ ڌماڪي جي ذريعي ماريو ويو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي سري عام روڊن تي گوليون ھڻي ماريو ويو، شاھنواز کي زھر ڏئي ماريو ويو، ڇا پيءُ، ڌيءَ ۽ پٽن جي شهادت ٻئي ڪنهن پارٽي وٽ آھي!؟ ڇا قيادت کان ڪارڪنن تائين قربانين جي تاريخ ٻئي ڪنهن پارٽي وٽ آھي!؟

مسلم ليگ نواز به ماضي ۾ ڏکين دورن مان گذري آھي، ھنن جي چونڊيل حڪومتن کي وقت کان ختم ڪيو ويو، ميان نواز شريف ۽ شهباز شريف کي جيلن ۾ واڙھيو ويو، پر ھن ڳالهه کان به ڪو نه انڪار ڪونهي ته مسلم ليگ نواز ڏکين جي دورن ۾ پنهنجي ملڪ ۾ ويهي سياست ڪرڻ جي بجا۽ ڊيل ۽ معاھدي جي ذريعي ٻاھر ملڪ ھلي وئي آھي، اسان پري نٿا وڃون، ويجهي ماضي پرويز مشرف جي دور کي مثال طور ياد رکون، يا وري عمران خان جي دور حڪومت کي مثال طور ياد ڪريون!؟ پرويز مشرف جي دور ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جيل ڪاٽيو پر سمجهوتو نه ڪيائين، ھن کي جيل جي دوران اذيتون ڏنيون ويون، سندس زبان کي ڪٽيو ويو، ھن کي مارائڻ جي سازش ڪئي وئي، پر شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري آمر پرويز مشرف جي اڳيان ڪو نه جهڪيا، ھو آمر پرويز مشرف سان وڙھندا رھيا، ڪورٽن جا چڪر ڪوڙن ۽ من گهڙت ڪيسن تحت ڪاٽيائون پر سمجهوتو نه ڪيائون، واضع رھي اڳتي ھلي اُھي ڪيس ڪوڙا ثابت ٿيا، ۽ آصف علي زرداري کان سيف الرحمان معافي پڻ ورتي، عمران خان جي دور حڪومت به پاڪستان پيپلز پارٽي جي لا۽ پرويز مشرف جي دور حڪومت جي فوٽو ڪاپي ھئي، اُنهي ۾ به آصف علي زرداري، فريال ٽالپر سميت پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جيلن جو منهن ڏٺو ۽ ڪورٽن جا چڪر ڪيس جي ذريعي ڪاٽيائون، نيب آفيسن جي ٻاھران پارٽي ڪارڪنن تي لاٽي چارج ڪئي وئي.

 

چوڻ جو مقصد ھيءَ آھي ته عمران خان سان جيڪو ڪجهه ٿي رھيو آھي، اُھا نئين ڳالهه ڪونهي، ماضي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز سان به ائين ٿيو آھي، پر عمران خان سان جيڪو ڪجهه ٿي رھيو آھي، انهي جو ڏوھه ۽ غلطيون آھن، ڇا ھن پنهنجي دور حڪومت ۾ انتقامي سياست ڪو نه ڪئي!؟ ڇا ھن اظهار جي آزادين تي پابندي ڪو نه لڳائي!؟ عمران خان جي ڪهڙين ڪهڙين پاليسين ۽  ڪارنامن جو ذڪر ڪجي، اگر تفصيل سان ذڪر ڪبو، موضوع ڊيگهه جو شڪار ٿي ويندو.

ڳالهه جو حاصل مطلب ھيءَ آھي ته منهنجي خيال مطابق ته 8 فيبروري تي ٿيندڙ اليڪشن جي حوالي سان جيڪي شڪ ۽  شبها ظاھر ٿي رھيا ھئا، ھاڻي جيئن وقت اڳتي گذري رھيو آھي،  سينيٽ جي ٽن ٺهرائن کان پوءِ  اليڪشن ڪميشن جي وضاحتي موقف اچي وڃڻ کان پوءِ  ھاڻي اليڪشن جي بابت جيڪي به خدشا پيدا ٿي رھيا ھئا، اُھي تقريبن دُور ٿي چڪا آھن، ھونئن به ملڪي عوام جي خواھش آھي ته اليڪشن مقرره تاريخ تي ٿيڻ گهرجي، جيڪي به پارٽيون يا ڌريون اليڪشن ملتوي ڪرائڻ جي سازش ڪري رھيون آھن، اُھي ملڪ توڙي عوام جون سڄڻ ڪو نه ليکبيون.

هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسٽيبلشمينٽ ، سپريم ڪورٽ  ۽ اليڪشن ڪميشن ملڪ جي چونڊ کي صاف ۽ شفاف بنائين، سمورين پارٽين کي ھڪجهڙي ليول پليئينگ فيلڊ ڏني وڃي، لاڏلا پاليسي تحت ملڪ کي ذاتي مفادن جي سولي تي نه چاڙھيو وڃي، نه ته موجوده چونڊون ايندڙ وقت ۾ تاريخ جون سڀ کان وڌيڪ تڪراري چونڊون ليکيون وينديون، ۽ پوءِ  ملڪ ۾ ھٿ وٺي وڌيڪ بحران پيدا ڪيو ويندو.

 

هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسٽيبلشمينٽ ، سپريم ڪورٽ  ۽ اليڪشن ڪميشن ملڪ جي چونڊ کي صاف ۽ شفاف بنائين، سمورين پارٽين کي ھڪجهڙي ليول پليئينگ فيلڊ ڏني وڃي، لاڏلا پاليسي تحت ملڪ کي ذاتي مفادن جي سولي تي نه چاڙھيو وڃي، نه ته موجوده چونڊون ايندڙ وقت ۾ تاريخ جون سڀ کان وڌيڪ تڪراري چونڊون ليکيون وينديون، ۽ پوءِ  ملڪ ۾ ھٿ وٺي وڌيڪ بحران پيدا ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.