راحت فتح علي خان جي تشدد جي شڪار ملازم جو موقف سامهون اچي ويو

لاهور (ُويب ڊيسڪ) راڳي راحت فتح علي خان جي تشدد جو نشانو بڻيل ملازم جو موقف سامهون اچي ويو.
ملازم نويد حسنين پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته راحت فتح علي خان منهنجو استاد ۽ آئون سندس شاگرد آهيان، اسان جي شاگردي جو سلسلو 40 ورهين کان هلندو پيو اچي، استاد هجڻ جي ڪري هو مون کي مارڪٽ يا دڙڪا ڏئي سگھي ٿو.
ملازم نويد حسنين چيو ته جيڪو ڪجهه به هلي رهيو آهي اُهو ڪوڙ تي ٻڌل آهي، وڊيو ۾ جنهن بوتل جو ذڪر ٿيو اُها پاڻي جي بوتل هئي جيڪا مون کان گم ٿي وئي هئي، دَمَ واري پاڻي جي بوتل راحت فتح علي خان جي مرشد کيس ڏني هئي.
ملازم نويد چيو ته منهنجي پيءُ جو راحت فتح علي خان سان 40 سالن جو واسطو آهي، وڊيو ۾ منهنجو پيءُ به موجود آهي، جنهن به اها وڊيو ٺاهي آهي ان سازش ڪئي ۽ هو وڏو بليڪ ميلر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.