اڌ مٿي جي سور جو وڏو ڪارڻ دريافت

جيتوڻيڪ صحت جا ماهر اڳ به ٻڌائي چڪا اهن ته ننڊ جي کوٽ جتي ٻين ڪيترن ئي موتمار مرضن جو سبب بڻجي سگھي ٿي، اتي ئي اڌ مٿي جي سور (مائگرين) جو سبب به بڻجي سگھي ٿي.
پر تازو ٿيل تحقيق مان خبر پئي آهي ته ننڊ جي کوٽ جو مائگرين سان گھرو واسطو آهي ۽ مڪمل ننڊ نه ڪندڙ ٽن يا وڌيڪ ڏينهن تائين مائگرين ۾ مبتلا رهي سگھن ٿا.
طبي رسالي نيورولاجي ۾ ڇپيل تحقيق موجب آمريڪي ماهرن لڳ ڀڳ 5 هزار ماڻهن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو.
ماهرن سمورن ماڻهن جي ننڊ جي وقت، سمهڻ جي عادتن سميت سندن عمر ۽ کين ٿيندڙ مائگرين جي نوعيت جو جائزو ورتو ۽ سمورن رضاڪارن جي اليڪٽرانڪ ڊوائيسز سان مانيٽرنگ به ڪئي.
رضاڪارن ۾ شامل سڀ کان ننڍي عمر وارن ماڻهن جي عمر 7 سال هئي جڏهن ته وڌيڪ کان وڏ 84 سالن جي عمر جا ماڻهو هئا ۽ اڌ انگ عورتن جو هو.
ماهرن نوٽ ڪيو ته جيڪي ماڻهو رات ختم ٿيڻ کان ٻه ڪلاڪ اڳ ننڊ مان جاڳي پوندا آهن انهن ۾ مائگرين جي مبتلا هجڻ جا امڪان 22 سيڪڙو تائين وڌي ويندا آهن.
تحقيق مان خبر پئي آهي ته مڪمل ۽ پرسڪون ننڊ نه ڪرڻ سان نه رڳو مائگرين ٿيڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن پر اهڙن ماڻهن ۾ شديد مائگرين ٿي سگھي ٿو جيڪو ٽن کان وڌيڪ ڏينهن تائين هلي سگھي ٿو.
ماهرن موجب اهڙن ماڻهن ۾ مائگرين کانسواءِ شديد ٿڪ، چِڙ، کائڻ پيئڻ جو احساس ختم ٿيڻ سوڌو ٻيون پيچيدگيون به پيدا ٿي سگھن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.