جوهي: قمبراڻين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، 4 زخمي

جوهي (ويب ڊيسڪ) جوهي لڳ ڦلجي وليج ٿاڻي جي حد ۾ زميني تڪرار سبب قمبراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران هڪ ڄڻو قتل ۽ چار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

ڦلجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪوٽ باجو ۾ پراڻي زميني تڪرار تان قمبراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو.

6 کان وڌيڪ هٿياربندن حملو ڪري ذوالفقار علي قمبراڻي کي سخت زخمي ڪيو جڏهن ته زخمي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.