8 فيبروري جو ڏينهن ڪاميابيءَ جو ڏينهن هوندو. ۽ کٽڻ جي تاريخ هر اليڪشني اميدوار ان کٽڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي. چونڊ راند پوري ٿيڻ ۾ باقي 12 ڏينهن وڃي بچيا آهن. گوئر ڏاند گاڏين ۾ ڪلهو وجهي چڪا آهن. هاڻي ڏسڻو آهي ته ڪنهن جو جوڙو ڪيترو مخالف کي پوئتي ڌڪي ڇڏي ميدان ماري ٿو؟
سڄي سنڌ ۾ اليڪشني تجزياڪارن جون نظرون هونئن ته پوري سنڌ جي تڪن تي ڄميل هونديون آهن. پر دلچسپي مقابلا لاڙڪاڻي جي تڪن تي ٿيندي اسين به پنهنجي جوانيءَ جي جوڀن ۾ ڏٺا آهن. پر هاڻي اليڪشن ڪافي ريتن، رسمن ۽ دڳن رستن کان گهڻو مختلف به ۽ عجيب به. عجيب ان ڪري جو هروڀرو هڪ ڌر پارٽي جي اڳواڻ کي لاڏلو بڻايو ويو آهي. يعني ڏاڍ وسيلي هٿن تي ميندي لڳائي پئي وڃي. گهوٽ ۾ مڙسي ئي ناهي ۽ پوڙهو به. پوءِ ان کي زوريءَ هٿن تي ميندي لڳائي پئي وڃي. گهوٽ ڪافي ڀيرا ڀڄڻ جي ڪوشش به ڪئي. پر ان کي ورائي ڊوڙائي بنڊ ڪري زوريءَ جي ميندي هنئي پئي وڃي. جيڪو نوجوان غير شادي شده ۽ شادي جي لائق نيري جوان کي شاديءَ جو موقعو ئي نه پيو ڏنو وڃي. مختلف ان ڪري ته هن ڀيري جي چونڊن ۾ هڪ پارٽي کي زوريءَ ڀت سان چنبڙايو ويو آهي. يعني ان پارٽي کي ميجڪ سان اهڙو ته بند ڪيو ويو آهي جو اها چرڻ کان به لاچاري آهي.
بهرحال ڌريون ڄاڻن، حڪومتي ڪارو وهنوار هلائڻ وارا ڄاڻن، ڄاڃين ڄاڻن گهوٽيتا ڄاڻن اسين ته آهيون شامگير. بحرالحال لاڙڪاڻو پوري پاڪستان ۾ سياست جو ڳڙهه رهيو آهي. لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو اصلي مقابلو جي ڊي اي سان آهي. يعني تير ۽ آئٿ ستارو جو آمهون سامهون. تير هميشه ڪاميابي جو اهڃاڻ طور سڃاتو وڃي ٿو ۽ ستارو آئٿ. جيڪو ساهه واري شيءِ لاءِ پريشان، تنگ ۽ ساهه ٻوساٽڻ طور سڃاتو وڃي ٿو. لاڙڪاڻي شهر جي سيٽ هن ڀيري به پ پ پاران ساڳئي اميدوار جميل احمد سومرو حوالي ڪئي ويئي آهي. پهريان به جميل احمد سومرو سردار معظم علي عباسي جيڪو جي ڊي اي سان سلهاڙيل رهيو آهي هٿان ننڍي چونڊ ۾ شڪست کائي چڪو آهي. دلچسپ ڳالهه ڪندو هلان ته هن ڀيري جميل احمد سومرو سان پي ايس 11 تي سردار معظم عباسي جو ڀاءُ بيرسٽر ڪاظم علي عباسي سندس مد مقابل آهي. ۽ شهر ۾ هڪ دلچسپ اڳڪٿيون عوام جي ٽولن ۾ ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون.
جيترا وات اوتريون ڳالهيون. ڪابه ڳالهه پرفڪيٽ نه هوندي آ. لاڙڪاڻي جي اڪثريت شيخ برادري، لهر برادري، ڊومڪي برادري، چانڊيا برادري، سومرا برادري، ابڙا برادري، کوکر برادري، جتوئي برادري، ميراڻي برادري، چنا برداري، سيد برادري، ڪلهوڙا برادري، تونيا برادري سميت سوين برادرين پنهنجو الڳ اثر رسوخ رکندڙ آهن. ڪجهه برادريون جي ڊي اي سان سلهاڙيل آهن ته ڪجهه پ پ سان. پر تعجب ڏيندڙ ڳالهه اها آهي جيڪڏهن سومرا ذات آهي ته اهي به اڪثر ڪري جميل سومري سان سلهاڙيل ڪونه آهن. انهن مان اڪثر ماڻهو راشد محمود سومري سان وابسطه آهن. ۽ راشد محمود سومرو لاڙڪاڻو اتحاد جو حصو آهي. ان جا اڪثر ووٽ جي ڊي اي جي ڪاظم علي عباسي ڏانهن وڃن ٿا. ان کان علاوه ڏاهاڻي ذات جو اثر رسوخ رکندڙ شخصيت علي حسن خان ڏاهاڻي به پ پ جي آکيري مان اڏار ڪري جي ڊي اي جي آکيري ۾ بلدياتي اليڪشن دوران اچي چڪو آهي. ان جو به لاڙڪاڻي شهر ۾ سياسي اثر رسوخ آهي. حالانڪه علي حسن خان ڏاهاڻي ڪافي وقت پ پ سان سلهاڙيل رهيو. پر هن ڀيري واري بلدياتي اليڪشن ۾ پ پ پاران سندس کي نظر انداز ڪرڻ سبب پ پ کان پنهنجون راهون الڳ ڪيون. ان کان علاوه شهر جا اڪثر عباسي ڪلهوڙا وري پ پ سان سلهاڙيل آهن. جن ۾ محبوب علي عباسي ۽ ٻيا شامل آهن. جن جو سياسي اثر رسوخ ته آهي پر ووٽ بئنڪ به آهي. اهي وري جميل احمد سومرو جي طرف بيٺل آهن.
اصل ۾ مقابلو آهي. ۽ سخت مقابلو جوانن جي خبر 8 فيبروري تي پوندي پر پوءِ به عوام راءِ مطابق جميل احمد سومرو تير جي آڌار تي ميدان ماري وٺندو. پر هن مقابلي تي شرطون به لڳل آهن. اچون ٿا لاڙڪاڻي جي تڪ پي ايس 12 تي هن تڪ تان اڳ به پ پ جو اميدوار اڳوڻو گهرو وزير سهيل انور سيال هڪ تير سان ٻه شڪار ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. پر ان وقت يعني 2018 جي اليڪشن ۾ صورتحال مختلف هئي. ان وقت سندس مقابلي ۾ هاڻوڪي تحريڪ انصاف جي سينيٽر سيف الله ابڙو ۽ ان وقت جي جي ڊي اي سان سلهاڙيل ۽ هاڻوڪي پ پ اڳواڻ سيد اڪبر شاهه راشدي هئا. جيڪي پ پ جي مقابلي ۾ ڪمزور هئا.
هاڻوڪي اليڪشن ۾ پ پ جي سهيل انور سيال سان سردار معظم علي عباسي پاڻ مقابلو ڪري رهيو آهي. بظاهر ٻنهي اميدوارن جي پوزيشن ڏاڍي مضبوط ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هي مقابلو به ڏاڍو دلچسپ ته آهي ئي پر مقابلي تي ڊبل شرطون انهن ئي رکيون آهن جيڪي ڏاندن جي گوئن تي شرطي شرطون رکندا آهن. اوٺا چوڪ تان جڏهن منهنجو گذر ٿيندو آهي جيترا ماڻهون اوتريون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن. پر هن ڀيري ٻنهي جي وارڊن يعني تڪ کي ٽوڙيو ويو آهي. پي ايس 12 ۾ سياسي اثر رسوخ انڙ برادران جو به آهي. وري به سرسي تير جي پڪي لڳي ٿي. باقي والله اعلم. اچون ٿا پي ايس 13 تي هن تڪ تي هميشه سخت مقابلا ٿيندا رهيا آهن. 2001 واري اليڪشن ۾ اڳوڻو صوبائي وزير حاجي الطاف حسين انڙ ڪاميابي ماڻي ۽ پ پ جي اميدوار کي لوهه جا چڻا کارايا. تڏهن هي تڪ پي ايس 35 هيو. ان کان پوءِ 2013 جي اليڪشن ۾ حاجي الطاف حسين خان انڙ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ پ پ جي ٽڪيٽ تي سوڀ ماڻي. وري 2018 جي اليڪشن ۾ ساڳئي تڪ تي عادل الطاف حسين انڙ جي ڊي اي جي ٽڪيٽ تان پ پ اميدوار حزب الله ٻگهيو سان مقابلو ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي ميدان ۾ لٿو. عادل الطاف حسين انڙ 44000 ووٽ کنيا ۽ پ پ اميدوار حزب الله ٻگهيو 40000 ووٽ کنيا. ٻن ڏينهن کان پوءِ ووٽن ۾ هيرا ڦيري ڪري عادل الطاف حسين انڙ کي 4000 هزار ووٽن جي فرق سبب ڌانڌلي ڪري هارايو ويو. اهڙي طرح حزب الله ٻگهيو ڪامياب ٿي ويو. ان کان پوءِ جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ عادل الطاف حسين انڙ ۽ عدنان الطاف حسين انڙ پ پ جي ايم پي اي ۽ پ پ جي ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو کان ۽ صوبائي وزير سهيل انور سيال کان يونين ڪائونسلون کٽيون ۽ مٿين اميدوارن جوڻيجو ۽ ٻگهيو کان ٽائون ڪاميٽي ڏوڪري ۽ ٽائون ڪاميٽي باڊهه کٽي ورتيون. انڙ برادران پنهنجي طاقت ۽ سياسي وزن کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو.
هن ڀيري 5 نومبر 2023 تي عادل الطاف حسين انڙ ۽ عدنان الطاف حسين انڙ ڪراچي ۾ پ پ جي عورتن واري صوبائي صدر محترمه فريال ٽالپر صاحبه سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي. سنڌ جي سياسي معاملن کي بهتر نموني ڏسندڙ ۽ حل ڪندڙ محترمه فريال ٽالپر جي انڙ برادران پاران پ پ ۾ شموليت ڪرڻ تي سرهائي ٿي. ۽ انڙ برادران کي پ پ ۾ اچڻ تي ڀليڪار ڪندي کيڪاريو. هن وقت پي ايس 13 لاڙڪاڻي جي تڪ جي سيٽ عادل الطاف حسين انڙ کي ڏني ويئي آهي. انڙ برادران جو پ پ ۾ شموليت ڪرڻ سان تڪ جو عوام ڏاڍو خوش ۽ گد گد ٿيو آهي. مون سميت اڄ تائين اڪثر دوست نچندا ۽ ڪڏندا رهن ٿا. بلڪل ائين ڄڻ خوشي وچان حواس ئي وڃايل هجن. عادل الطاف حسين انڙ جي پوزيشن نه صرف مضبوط بلڪه مضبوط ترين آهي. ۽ اميد آهي ته هن ڀيري عادل الطاف حسين انڙ هڪ لک کان مٿي ووٽ کڻي سنڌ ۾ پهريون پوزيشن ماڻي وٺندو. ڇاڪاڻ ته سندس مقابلي ۾ ڪو خاص طاقتور اميدوار مد مقابل ناهي.
لاڙڪاڻي ۾ هن وقت پ پ جي مقابلي ۾ جي ڊي اي آهي. ان کان علاوه اين اي 201 جيڪا هاڻي اين اي 195 آهي. ان تڪ ۾ سهيل انور سيال ۽ عادل الطاف حسين انڙ بطور پ پ سان وابسطه ايم پي ايز اچي وڃن ٿا. پهريان 2018 ۾ اين اي 201 تي پ پ جي ٽڪيٽ تي خورشيد احمد جوڻيجو ايم اين اي چونڊيو. هن ڀيري اهو تڪ سردار نظير احمد ٻگهيو حوالي ڪيو ويو آهي. جيڪو اين اي 195 تي بيٺل آهي. سندس مقابلي ۾ جي ڊي اي جو ڊاڪٽر صفدر عباسي بيٺل آهي. ڊاڪٽر صفدر عباسي سردار معظم علي عباسي جو چاچو آهي. بظاهر ڪو ايڏو وڏو مقابلو ناهي پر پوءِ به خطرو آخري بال تائين هوندو آ. هن ڀيري به سردار نظير احمد ٻگهيو جي سرسي جيڪا وڏي مارجن طور ٿيندي اها انڙ برادران جي ڪري. ڇاڪاڻ ته انڙ برادران جو هي تڪ اباڻو تڪ آهي ۽ عوام سان ڏکي سکي وقت ۾ ٻگهين کان وڌيڪ ويجهڙائپ وارو رشتو رکيون پيو اچي. سهيل انور سيال توڙي نظير احمد ٻگهيو کي سرسي ڏيارڻ ۾ عادل الطاف حسين انڙ ۽ عدنان الطاف حسين انڙ جو اهم ۽ ڪليدي ڪردار تصور ڪيو ويندو.