ڪراچي ۾ سنڌين خلاف ٿيندڙ سياست

تحرير: سراج ڪلھوڙو

حافظ نعيم  جي چرپر مان ھميشه سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ جي سياست نظر ايندي آهي. جنھن جو ثبوت سندس ڳلي ڦاڙ ڪوڪون  ۽ دانھون ھونديون آھن جن ۾ ھو چوندو رھيو آھي ته ڪراچيءَ  کي حق ڏيو ۽ وڌيڪ چوڻ ھوندو اٿس ته ڪراچيءَ  جي ادارن خاص طور پوليس وغيره ۾ غير مقامي ماڻھن کي رکيو ويو آھي، جنھن جو پاڻ کي ھو شديد مخالف قرار ڏيندو رھيو آھي.. ھڪڙي لحاظ کان ڏسجي ته ڪراچيءَ  ۾ غير مقامين کي نوڪرين داخلائن ۽ ٻين معاملن کي واقعي به ان پيماني تي نه اچڻ گهرجي. …..

پر اڃان وڌيڪ حيرت جي ڳالھه اھا آھي ته ھو غير مقامي ڪو غير سنڌين کي نه ٿو چوي سندس نظر ۾ ڪراچيءَ  ۾ قيام پاڪستان کانپوءِ  چوريءَ  زوريءَ  داخل ٿيندڙ ھندستاني ، پنجابي پٺاڻ ، بنگالي بھاري برمي افغاني وغيره سڀ ڪراچيءَ  ۾ مقامي آھن ۽ جيڪي اڄ جي ڏينھن تي به افغاني سواتي مالاڪندي گلگتي برمي روھنگيا وغيره داخل ٿين ٿا ته تن لاءِ انساني جذبو ڇلندي محسوس ٿئي ٿو… ۽ انھن جي رھائش کاڌ خوراڪ شناختي ڪارڊ ڊوميسائيل روزگار نوڪرين ڌنڌن ڌاڙين ووٽ جي داخلائن آدمشماريءَ  ۾ ڳڻپ وغيره لاءِ  مھينن جا مھينا ڌرڻا ھڻڻ لاءِ  تيار ٿي وڃي ٿو پر جڏھن ڪراچيءَ  جي ڪنھن. روڊ تي ڪنھن سنڌي پوليس جي سپاھيءَ  يا ڪنھن آفيس ۾ سنڌي ڪلارڪ يا ڪنھن محنت مزدوري ڪندڙ ماڻھوءَ کي ڏسي ٿو ته رڙيون ڪرڻ لڳي ته دادو لاڙڪاڻي نوابشاه وغيره جا غير مقامي ڪراچيءَ  کي کائي ويا، نه رڳو اھو پر ھن جي ھيانء تي ڪراچي جي ٻھراڙين جا ھزارين سالن کان رھندڙ سنڌي به وڏو بار آھن . جو ھن آدمشماريءَ  واري مامري تي نچي ڪڏي دانھون دھمان ڪري افغانين پٺاڻن ھندستانين وغيره کي ته وڌي چڙھي داخل ڪرائي ھڪ ھفتي جي پنجاھ لک وڌيڪ اندراج ڪرايو پر ڪراچيءَ  جي ڳوٺن توڙي باقي سنڌ جي شھرن جي آباديءَ  کي ڪاٽو ڪري ڇڏرايو… يقيني طور اھڙي مامري ۾ سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت سان گڏ مقتدر قوتن جو کيس آشيرواد ھيو .

حافظ نعيم جي اھڙن عملن کي ڏسندي اھو چئي سگهجي ٿو ته ھن جي نظر ۾ صرف ۽ صرف سنڌي غير مقامي آھن. ھي ڌرتي ڌڻين خلاف لڳاتار اھڙا عمل ئي ڪندو رھيو آھي جيڪي سندس جماعت جا وڏا بنگلاديش ۾ ڪندا رھندا ھئا.

حافظ نعيم جو لڳاتار مطالبو رھندو آھي ته ڪراچيءَ  کي حق ڏيو  ؟ ھو ڪراچيءَ  جا حق ڪنھن کان گهري رھيو آھي ؟ ۽ ڪنھن لاءِ  گهري رھيو آھي ؟ ڪراچي سنڌ جي گاديءَ  جو ھنڌ آھي ۽ سنڌي ماڻھن جو ئي شھر آھي… ڪراچيءَ  جا حق سنڌ جي حقن کان ڪي الڳ نه آھن ۽ سنڌ جي حقن جي تقاضا آھي ته سنڌ ۾ سنڌين جي مرضيءَ  کان سواءِ ڪو به ڌاريو ماڻھو نه ھجڻ گهرجي… پر حافظ نعيم سنڌ ۽ سنڌين جو احسانمند ٿي سنڌ ۽ سنڌين جي مفادن ۾ ڪجھه ڪرڻ ۽ ڳالھائڻ بدران سنڌ جي گاديءَ  واري شهر تي ڌرتيءَ  ڌڻين جي وجود تي اعتراض ڪري سندن نوڪرين ۽ داخلا وغيره تي ٻڙڌڪ مچائي ٿو ۽ ٻئي طرف پاڻ جھڙن ڌارين ڌوتن جي وڪالت ڪندي سندن لاءِ  حڪومتي ادارن کي بليڪ ميل ڪندو رھي ٿو.

جڏھن ته ڪراچيءَ  جي ھزارين ڳوٺن تي حملا ڪري قبضا ڪري ڏينھن ڏٺي ماڻھو ماري بحريه ٽائون جي نالي ۾ قبضا خور وڏي مافيا احتجاج ڪيو ته ان احتجاج تي پ پ سرڪار حملا ڪري ھڪ پاسي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ ٻئي پاسي سوين پرامن احتجاج ڪندڙ سياسي ڪارڪنن گرفتار ڪري ھر ھڪ مٿان ٽيهھ ٽيهھ ڪيس داخل ڪيا ويا…نه رڳو اھو پر پ پ حڪومت ڪراچيءَ  ۾ لکين افغانين  ۽ ٻين ڌارين جي غير قانوني قبضي ڪيل آبادين کي ريگيولر ڪرڻ جو سنڌ اسيمبليءَ  مان ٺھراء پاس ڪرايو.؟ جڏھن  ته تازو برسات متاثر سنڌي يا ڪجھه سال اڳ ٻوڏ متاثر سنڌين جڏھن ڪراچي جو رخ ڪيو ته ھڪ پاسي  پ پ حڪومت ته ٻئي پاسي انھن غير قانوني ڪراچيءَ  ۾ قبضو ڪري ويٺل ڌارين دھشتگردن جن ۾ افغانين سان گڏ بھاري برمي ھندستاني وغيره پڻ شامل ھئا تن سڀني  سندن رستي روڪ ڪئي ھئي.. ۽ خاص طور جماعت اسلاميءَ  جو نعيم سنڌين جي اچڻ تي سخت اعتراض واريو بيٺو ھيو ۽ روزانو ڪراچيءَ  جي مختلف چوراھن ۽ شاھراھن تي پنھنجي واٺن جي ھٿن ۾ ننڍا وڏا پينا فليڪس ۽ پلي ڪارڊ وغيره کڻائي بيھاري ڇڏيندو رھيو آھي جنھن ۾ ھي جملا لکيل ھوندا آھن ته ڪراچيءَ  ۾ غير مقامي پوليس نا منظور. ڪراچيءَ  ۾ غير مقامي کي تعليمي ادارن ۾ داخلا نه ڏيو، ڪراچيءَ  ۾ غير مقامين جا ڊوميسائيل ۽ شناختي ڪارڊ نه ٺاھيو.

جيتوڻيڪ جماعت اسلاميءَ  جي مقتدر حلقن وٽ موجوده وقت م اھا ساڳئي حيثيت نه رھي آھي ، پر پوءِ  به خاص طور ڪراچيءَ  ۾ جماعت اسلامي پنهنجو منفي ڪردار رکندي پئي اچي، جنرل ضيا جي آشيرواد سان ھڪ افغاني ستار ڪراچيءَ  جو ميئر بڻيو، ٻئي ڀيري به ھڪ ٻئي بڇڙي جنرل مشرف جي آشيرواد سان ھڪ ھندستاني نسل جو ڪراچيءَ  جو ميئر ٿيو، ۽ ٽيون ڀيرو حافظ نعيم ڪراچيءَ  جو ميئر بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي  ۽ ھن وقت وري عام چونڊن ۾ ساڳيو رڙيون ڪوڪون ڪندو رھي ٿو.ان مقصد لاءِ  ھو مقتدر حلقن کي پنھنجي وفاداري ۽ سنڌ دشمنيءَ  جو يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.