سنڌ جي شعور کي ووٽ ڏيڻ لاءِ نڪري پئو 

تحرير: اي اي عباسي

هاڻي چونڊن ۾ باقي ڪجهه ڏينهن وڃي بچيا آهن، هن ڀيري هڪ دلچسپ ڳالهه سامهون اها آئي آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ انجي شريڪ چيئرمين آصف زرداري سان سنڌ جون سڀئي سياسي، مذهبي، سماجي، قومپرست، پي ٽي آءِ، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس، تحريڪ لبيڪ پاڪستان، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ سول سوسائٽي هڪ ٿي مقابلو ڪرڻ لاءِ 8 فيبروري تي شڪست ڏيڻ لاءِ ڏسجن ٿيون، جيڪڏهن اهڙي صورتحال آهي ته پ پ پ انهيءَ حالت ۾ پاڻ کي ڪيئن بچائي سگهندي؟، پيپلز پارٽي خلاف سنڌ جون سڀئي تنظيمون پارٽيون ۽ هر ٻيو ماڻهو اهو ڇا لاءِ سوچڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ته پ پ پ بجاءِ هاڻي پ پ پ جي ڳڙهه لاڙڪاڻو ۾ ئي پ پ پ جي ڪٽر مخالفن يعني “لاڙڪاڻو عوامي اتحاد” گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي ڊي اي جي حمايت يافته اميدوارن کي ووٽ ڪيو وڃي. سنڌ جي اڪثر عوام جي اها سوچ  بڻجي وئي آهي ته تير بجاءِ هاڻي انتخابي نشان ڪرين، انتخابي نشان ستارو ۽ ٻين انتخابي نشانن کي ووٽ ڪيو وڃي.

سنڌ جا ماڻهو انهيءَ تير جي نشان کان ايڏا الرجڪ غصو ڇو کائڻ لڳا آهن ؟ ضرور انهيءَ پٺيان اهنجن، تڪليفن، دردن ۽ اذيت ڀري تاريخ سمايل آهي. انهن وزيرن جا رويا ووٽ ڏيندڙ سان وک وک تي غلامن وارو رويو روا رکڻ ۽ اسان جي ڌرتيءَ سان ٻه اکيائي ڪندڙ ماڻهو جيئن هن ڀيري به ڪامياب ٿين ٿا ته پوءِ سنڌ جي ماڻهن جي قسمت جي لاءِ ڇا چئي سگهجي ٿو؟ خدا تعاليٰ به انهيءَ قوم جي قسمت نه بدلائيندو آهي جيڪي پنهنجي قسمت بدلائڻ جا خواهشمند نه هجن. دعا سان گڏ دوا جي به ضرورت آهي جيڪي ڪرپٽ ماڻهن جي گرفتاريءَ تي سنڌ جي مٿان حملو قرار ڏين ۽ جڏهن سنڌ جا سرموڙ ڪونڌر پٽ جدا ڪيا وڃن انهن کي گولين جو کاڄ بڻائي چچريل لاشن ۽ سڙيل لاشن جي صورت ۾ سنڌ جي مائرن کي گهوٽ پٽن جا تحفا ڏنا وڃن ته اتي مسلسل اقتدار جي نشي ۾ مست رهندڙ وزير ۽ انهن جا وڪائو ماڻهو آواز ڇو نه ٿا اٿارين ۽ انهيءَ کليل بي حيائي ۽ بي شرميءَ کي سنڌ مٿان حملو ڇو ٿا قرار ڏين انهيءَ ايڏي وڏي ڳالهه تي انهن جا وات ڇو بند ٿي وڃن ٿا ؟

اڄ جڏهن چونڊن جو وقت آيو آهي ته انهن وزيرن کي وقت ڪيئن مليو آهي جو اهي اچي پنهنجن تڪن ۾ سالن جون تعزيتون ڪرڻ لاءِ وڏيون گاڏيون ڳوٺن ٻهراڙين ۾ به ڪاهي وڃڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا آهن ؟ اهي سنڌ ۾ ٻوڏ جي وقت ڪٿي هئا؟…. انهن وزيرن جو احتساب ڪرڻ جو هيءُ سونهري موقعو نه وڃائڻ گهرجي،

انهيءَ نوجوان گذريل جنرل اليڪشن 2013ع  ۾ 32 هزار کان وڌيڪ ووٽ  کنيا.جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته عباسي خاندان ۾ اهڙي نوجوان جي خوبين ۽ قيادت مان فائدو وٺڻ لاءِ هاڻي 8 فيبروري تي چونڊن ۾  پير سائين پاڳاري جي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي انتخابي نشان  (ستاري ) کي ڀرپور ووٽ ڪري لاڙڪاڻي شهر ۾ پي ايس 11 تي بئريسٽر ڪاظم علي خان عباسي، پي ايس 12 باقراڻي لاڙڪاڻي تي معظم علي خان عباسي، اين اي 195 تي اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، ٻئي طرف خيرپور ميرس ۾ معظم علي خان عباسي اين اي 204 تي انهن کي ووٽ ڪري  ڪا عملي تبديلي آڻيو  ۽ ڪوڙن آسرن، دلاسن، ٺڳين بجاءِ عمل جي ميدان ۾ هڪ ئي آواز ۽ هڪ ئي قيادت معظم علي عباسيءَ جي حمايت يافته ستاري نشان وارن کي ووٽ ڪيو وڃي.جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ ڪا به دغا، فريب ۽ ڪوڙو واعدو نه ٿيندو بلڪ سماجي سياسي دانشورانه سوچ مطابق لاڙڪاڻي جي عوام جي خدمت ڪرڻ جو جذبو سامهون ڏٺو ويندو.جنهن سان اسان جو شهر لاڙڪاڻو جيڪو کنڊرن  ۾ تبديل آهي انهيءَ جي واهر ٿيڻ لڳندي ۽ لاڙڪاڻي شهر جون گهٽيون روڊ رستا جيڪي موهن جي دڙي جو ڏيک ڏيئي رهيا آهن اهي ضرور پير سائين پاڳاري جي حمايت يافته اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ سان پئرس جي دعويٰ نٿي ڪري سگهجي پر گهٽ ۾ گهٽ لاڙڪاڻو شهر جي پراڻي حيثيت ته ضروري بحال ڪرائي سگهجي ٿي ۽ هن شهر جي شهرين جا بنيادي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا.جنهن ۾ بجلي، پاڻي، روڊ رستا،ڊرينيج سسٽم درست ڪرائڻ سميت ٻيا مسئلا حل ڪرائي سگجهن ٿا.

لاڙڪاڻي شهر جو توڙي خير پور ميرس جو عوام شعوري طور تي سگهارو ۽ مضبوط آهي اهو ڪنهن به طرح هڪ ڀيرو ستاري واري چونڊ نشان کي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ قائد شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي بنيادي پارٽي مخلص ۽ خير خواهه پارٽي اڳواڻن عباسي برادريءَ جي ڏنل پارٽي قربانين جي بنياد تي ضرور چونڊن ۾ هاڻي لاڙڪاڻو عوامي اتحاد ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي اميدوارن جيڪي لاڙڪاڻي شهر جي بهتري لاءِ سوچڻ لوچڻ ۽ پنهنجي علائقي کي سنوارڻ جو جذبو رکڻ جو عهد ڪري چڪا آهن. جيڪڏهن واقعي اسان کي پنهنجن شهرن جي ڪجهه تبديلي گهرجي ۽ شهرن کي به ڪجهه بنيادي حق ملڻ جو موقعو فراهم ڪرڻو آهي ته پوءِ عباسي خاندان جي مخلص قيادت ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ۽ نوجوان قيادت  معظم علي عباسي، ڪاظم علي خان عباسي  کي ووٽ ڪرڻ لاءِ 8 فيبروري خميس ڏهاڙي هڪ منظم ۽ شعوري انداز ۾ هڪ دفعو ضرور آزمائڻ لاءِ نئين سياسي قيادت کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻو پوندو جنهن سان سنڌ جي شهرن وستي واهڻ جي تبديلي رونما ٿي سگهي ٿي.

اسان گهڻن ميرن، پيرن، ڀوتارن ، رئيسن، سرمائيدارن ، جاگيردارن کي بار بار آزمايو آهي هڪ دفعو پنهنجي ئي نوجوان قيادت مان پنهنجا ئي هڏ ڏوکي ۽ همدرد چونڊڻا پوندا انهيءَ لاءِ ڪنهن به دڙڪي دهمان بجاءِ حقيقي عوامي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ گهرجي، اسان مان هر ماڻهو جو سڀني جو ووٽ وڏو قيمتي آهي جنهن سان اسان جي علائقن جي ترقياتي وابسته آهي انهيءَ لاءِ اسان کي پنهنجو ووٽ سمجهي سوچي ڪري اهڙن نمائندن کي ووٽ ڪرڻ کپي جيڪي اسان جي نمائندگيءَ جا حقيقي حقدار هجن نه ڪي سفارشي، دڙڪي، دهمان، ياري بادشاهي جي ڪري ووٽ کي اسان ضايع ڪري ڇڏيون.

اسان کي هاڻي اجتماعي سوچ جو مظهر بڻجي ڪري پنهنجي سنڌ پنهنجي شهرن پنهنجن علائقن وستين واهڻن نگر نگر جي مالڪي ڪرڻ پنهنجن ماڻهن مان ئي مخلص، نيڪ نيت انساني همدرديءَ سان سرفراز ۽ منور اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ کپي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.