انور پيرزادي جي ارضيات ۾ دلچسپي

جيئن انسان هڪ اسرار آهي، ان کي ڄاڻڻ جي ضرورت آھي. اھڙي طرح ليکڪ، شاعر، محقق به ھڪ اسرار آھي. جنھن بابت لکڻ جو مقصد سندس زندگي جي ڳجهي راز کي ظاهر ڪرڻ آھي. جيڪو ڪنهن حد تائين سندس راز جي نئين پھلو کي ظاهر ڪرڻ ۽ ان کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ھوندي آهي. اهڙن مضمونن سان شخص جي زندگي جي مفهوم کي ظاهر ڪري سائنسي سوانح حيات جي تخليق تي عمل ڪيو وڃي ٿو.

چارلس آگسٽين سينٽ ٻئي جي مطابق ھر ليکڪ منفرد حقيقي تخليقي شخصيت ھوندو آھي. اِن شخصيت جي ٺاھڻ ۾ ادبي وراثت ۽ سياسي ماحول شامل ھوندو آھي. ان کي سمجڻ لاءِ شاعر کي شخصيت جي حيثيت ۾ ڏسڻ گھرجي. جڏھن ته ڪوتلوياريوسڪي ليکڪ جي شخصيت جو تعين سندس ڏات ۽ فني صلاحيتن جي ذريعي ٺھڻ تي زور ڏئي ٿو. ھو سمجهي ٿو ته لکيڪ جي تخليق سندس دور جي يادگري جو دستاويز آھي. تخليق جي توانائي دستاويز کي ڍانچي شڪل ڏئي روح ڀري لڪيل مقصد حاصل ڪرڻ جي تلقين سان گڏوگڏ سندس مقصد حاصل ٿيڻ تائين لاٽ کي ٻاري رکي ٿي. جيئن انور جو سنڌ جي ڌرتيءَ جي خشڪ نڙي کي آلو ڪرڻ وارو آواز ۽ هڪ دستاويز آھي .

ھونئن ته ٻلھڙيجي سان ناتو ۱۹۶۹ ۾ جڙيو، پر انور سان پھرين ملاقات ڪراچي ۾ ننڍپڻ جي دوست گهنشام سان گڏ ۷۰ جي ڏھاڪي ۾ ٿي. پوءِ ملاقاتن جو سلسلو سنڌيونيورسٽي، ڪراچي، گلشن حديد تائين  جاري رھيو. آخري ملاقات ٽيليفون تي ٿي ھئي. انور سان ھر موضوع تي ڪچھري ٿيندي ھئي پر اسانجو جو مرڪزي موضوع سنڌ جي ارضيات ھوندو ھو. جبلن تان چونڊيل پٿر ۽ پنڊپاھڻ آڻڻ ۽ انھن جي سڃاڻپ ۽ تشريح ۽ سندس مشاھدو ڪچھري جا موضوع ھوندا ھئا. سنڌ جي ارضيات جي اھميت تي ڳالهھ ٻولهه ۾ وقت گذرندي خبر نه پوندي ھئي. سنڌ جي ارضيات تي لکڻ لاءِ وڏو زور ڏيندو ھو. بس اِن سلسلي ۾ ايترو لکندس ته اِي چنڊ انور کي چئجان مون سنڌي ۾ سنڌ جي ارضيات لکڻ شروع ڪئي آھي .

انور پيرزادو جي زندگي جي اڀياس ڪرڻ سان ظاهر ٿئي ٿو ته سندس ڪردار جي ڦلڪاري ۾ حب وطني، برادري ۽ اشتراڪيت، ڳوٺاڻي، شهري ثقافتي نموني، خلوص، سادگي، دنيا واري نظاري سان مشابهت رکندڙ، ۽ محقق جي نقطه نظر کان هرڪنهن لاءِ اعليٰ اخلاقي ورتاءُ جي رنگ ڀريل هو. ڦلڪار ۾ ڀريل رنگَ اِن سوچ جي اجازت ڏين ٿا ته هو مڪمل طور سنڌي قومي ڪردار جي پورائي ڪري ٿو. سندس لکڻي ۽ شاعري ۾ دوستووسڪي وانگر سانحو، مصيبت، آزمائش، زوال، قرباني، سچائي، خوبصورتي، خوداري، سنڌ جي جذبي جو عڪس ملي ٿو. انور جي مٿيون صفتون ۽ احَساسَ گهڻن دوستن جي لکڻين ۾ موجود آھن ۽ اڳتي به لکندا. پر انور جي سنڌ جي ارضياتي تاريخ سان لڳاءُ جو ذڪر ڪرڻ ضروري آھي.

سياحت ۽ رومانس جي شڪار انساني علم (Anthropology) جو محقق انور پيرزادو سنڌ جي جبلن جي اھڙن ھنڌن جو سير ڪيو جن جو سياح سير ڪرڻ جو خواب نه ڏٺو ھو. سنڌ جي انھن دور دراز جبلن جي خوبصورتي پٿرن ۽ پنڊپاھڻ گڏ ڪرڻ جي شوق کيس ماھر ارضيات ڪري ڇڏيو ھو. پوئين صدي جي ۸۰ جي ڏھاڪي ۾ جنھن وقت ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ جيالاجي شعبن ۾ سنڌيونيورسٽي جي پي ايڇ ڊي استادن جو جٿو فقط نصابي سرگرمين ۾ مشغول ھو ۽ تحقيق جي شعبي ۾ تجربيگاهن ۾ مٽي جا تھ چڙھي رھيا ھئا. اُن وقت ۱۹۸۹ع انور پيرزادو جو سنڌو درياهه جي مٿاڇري (Fluvial Geomorphology) جو اڀياس وڏي اھميت رکي ٿو. جنھن ۾ انور پيرزادي سنڌو درياهه جو ۲۲ ڏينھن اٽڪ کان ڪيٽي بندر تائين سفر ڪري درياهه جي مندائتي مٽاسٽا ۽ پيچ يا لھرائپ (Sinuosity) جي تفصيلي رپورٽ ڏئي ٿو. اڳ ۾ اھڙو ڪم انگريزن واپار شروع ڪرڻ جي خيال سان سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ ۱۹ صدي جي ۳۰ واري ڏھاڪي ۾ سنڌو درياهه جو سير ڪيو ھو. ڪتي جي قبر مضمون ۾ ڏاڙھياري جبل جي آبياتي ذخيرن جو حوالو ڏئي ٿو ته ڪاڇي جي ڪھاڻي ۾ سطحي پاڻيءَ سان گڏ زير زمين ذخيرن جي نشاندھي ڪري ٿو. متان وساريو ۾ ”اڇر“ اصطلاح جي سمجھاڻي سان خبر پوي ٿي ته سندي ۾ اڇر چرٽ (Chert) پٿر کي چيو وڃي ٿو. جنھن جو ٽٽڻ وارو پاسو ڏاڍو تيز ھوندو آھي. بن جي جبل جي ٿومي ٺھندڙ پٿر ۾ گرمائش گهڻي دير تائين رھڻ جي ڪري رڌپچاءُ لاءِ ڪم ايندو آھي.

ھن وقت سنڌ يونورسٽي جي جيالاجي شعبي ۾ سنڌ تي تحقيق ٿيڻ جي باوجود انور پيرزادي جا جبلن تان پٿرن ۽ پنڊپاھڻ جو هٿ ڪرڻ ۽ سندس ھٿ سان لکيل نوٽس وڏي اھميت رکن ٿا. جن جو تجزيو ڪري ترتيب ڏئي بھترين دستاويز تيار ڪري سگهجي ٿو. انهن پٿرن ۽ پنڊپاھڻن جي تشريح ۽ نوٽس کي ميوزم ۾ انور پيرزادو ڪارنر طور نمائش لاءِ رکجي ۽ ان سان گڏ ٻلھڙيجي ڳوٺ ۾ پڻ اهڙي ميوزم ٺاهي سگهجي ٿي. اھڙي ميوزم مون سائبريا جي ھڪ شھر ۾ ۹۰ ڏھاڪي ۾ ڏٺي هئي.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.