بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ڌرڻي ڇا ڏنو ڇا ورتو!

بلوچ يڪجھتي ڪميٽي پاران جبري گمشدگين خلاف اسلام آباد ۾ ھنيل ڌرڻو ٻن مھينن کان پوءِ بنا ڪنھن نتيجي ختم ڪري پنھنجي پنھنجي علائقن ڏانھن موٽي ويا آھن. سوين معصوم ٻارڙا، عورتون ۽ مرد ان اميد تي بلوچستان کان سوين ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئه ڪري اسلام آباد ڪھي آيا ھئا ته وفاقي راڄڌاني، جتي پارليامينٽ، وزيراعظم ھائوس، عدليه سميت رياست جا سمورا ٿنڀا موجود آھن. اتي سندن شڪايت جو ازالو ٿيندو ۽ کين انصاف ملندو، پر سندن اميدن تي ڪير به پورو نه لٿو ۽ ھو ٻن مھينن جي انتظار ۽ پرامن احتجاج کان پوءِ نراس موٽڻ تي مجبور ٿي ويا آھن.

ڊسمبر ۽ جنوري جي سخت سياري ۾ اسلام آباد پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي ويٺل بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جي ماڻھن پاڻ سان پنھنجي پيارن جو ظاھر نه ٿيڻ واري ڏک سان گڏ ملڪي ادارن توڙي ميڊيا بابت به ڪيئي شڪايتون پڻ کڻي ويا آھن. سندن اھي شڪايتون جائز ۽ حقيقت تي ٻڌل آھن، بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان سان جيڪوڪجھه ٿيو اھو سڀ ياد ڪيو ويندو، اسلام آباد ۾ جيڪو نفرت جو پيغام ڏنو ويو اھو کڻي وينداسين، رياست جي غير انساني پاليسين ۽ روين کي عوام جي عدالت ۾ وٺي وينداسين، عدليه مجرماڻي خاموشي اختيار ڪئي، سيڪيورٽي ادارن اسان تي تشدد ۽ ھراسان ڪيو، ميڊيا اسان جي خلاف مھم ھلائي، ھن وڌيڪ چيو ته اسان رياست مخالف ناھيون، ھڪ سازش تحت اسان جي خلاف اھڙو تاثر ڦھلايو پيو وڃي ۽ ان کي ھٿي ڏني پئي وڃي.

نفرت ھميشه معاشري ۾ بگاڙ پيدا ڪندي آھي،  نفرت وڏي نقصانڪار شئي ٿيندي آھي، جيڪا ڪنھن وڏي تباھي جو ڪارڻ پڻ بڻجندي آھي، نفرت جو ھڪ وڏو نقصان اھو به آھي ته اھا انسان کي بي حس بڻائي ڇڏيندي آھي.  ھونئن ته اجتماعي طور نفرت اسان کي وڏو نقصان ڏئي چڪي آھي، پر الائي ڇو ھن ملڪ جي اشرافيه کي ان ڳالھه جو احساس نٿو ٿئي ۽ اھا اڄ به ان رستي تي روان دوان آھي، جتان پنجاھه سال اڳ ڌڪ کاڌو ھو، جڏھن ته سمجھداري رستو مٽائڻ ۾ آھي.

رستو مٽائڻ ته رھيو گھڻو پري پر اھا پنھنجا رويا مٽائڻ ۽ ھوڏ تان لھڻ لاءِ به تيار نظر نٿي اچي، ڇو ته ڪجھه وقت  اڳ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان بک ھڙتال تي ويٺل سنڌي قومپرستن ڏانھن به ڪو حڪومتي عملدار لڙي نه ايندو ھو ۽ اھي به ايئن ئي پنھنجو احتجاج بنا ڪنھن نتيجي ختم ڪندا ھئا، جيئن ھاڻ بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جي ماڻھن ڪيو آھي.

جڏھن ملڪ ۾ عوام جي پرامن احتجاج کي ڪا اھميت نه ڏني ويندي ۽ سندن داد رسي نه ڪئي ويندي ته ظاھر آھي، اھي پنھنجي جدوجھد جو طريقيڪار مٽائڻ لاءِ مجبور بڻجي ويندا، ڇاڪاڻ ته ماڻھو احتجاج ۽ جدوجھد بھتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪندا آھن، بي اثر بڻجي ويل جدوجھد تي ڪير به وقت ضايع ناھي ڪندو.

خبر ناھي ته اسلام آباد مان مايوس ٿي ويل بلوچن جو آئنده جو لائحه عمل ڪھڙو ھوندو،  پر عدم تشدد جي حامي ۽ پر امن جدوجھد ۾ يقين رکندڙ ماڻھن کي ھٿياربند ويڙھه ڪندڙ گروھن اڳيان شرمسار ضرور ٿيڻو پيو ھوندو، جيڪڏھن بلوچ عورتن ۽ ٻارڙن سان ڪلڀوشن جھڙو ورتاءُ ڪيو وڃي ھا ته بلوچستان جي ماڻھن ۾ پنھنجائپ جو احساس پيدا ٿئي ھا ۽ معاملو وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خطرو ختم ٿي وڃي ھا.

  • ڪراچي جي عدالت جو فيصلو ۽ ڪوٽ لالو ۾ عورت جي تذليل

 

خبر موجب ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ مٺو  ۾ جوابدارن عورت سان اجتماعي ڏاڍائي ڪري سندس مٿو ڪوڙي ڇڏيو، مٿس تشدد پڻ ڪيو ويو ۽ کيس جسم تي ڏنڀ پڻ ڏنا ويا. متاثر عورت ريحانه صحافين کي ٻڌايو ته جوابدارن چيو ته تنھنجي مڙس ڏانھن پلاند رھيل ھو، جيڪو اڄ پورو ٿيو.

عورت سان ٿيل ظلم نه رڳو دھشتگردي آھي پر اھو عمل قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ ھڪ وڏو چينلج پڻ آھي. سنڌ ۾ عورتن توڙي ٻارڙن سان زيادتي وارن واقعن ۾ ڏينھون ڏينھن تيزي اچي رھي آھي، جنھن جو وڏو سبب جوابدارن کي جوڳي سزا نه ملڻ آھي. عدالتن ۾ اھڙا سوين ڪيس رولڙي جو شڪار آھن، جن تي ڪيئي سال گذري وڃڻ کان پوءِ به ڪو فيصلو نه اچي سگھيو آھي.

ڪورٽن جا چڪر ڪاٽيندي ڪاٽيندي جوابدارن کان وڌيڪ فريادي وڌيڪ ڀوڳيندو آھي ۽ ڄڻ ھڪ قسم جي سزا ڪاٽيندو آھي، جنھن کان تنگ اچي ڪيئي ماڻھون پنھنجي ڪيس تان ئي ھٿ کڻي ويندا آھن.

تازو ڪراچي جي ھڪ عدالت جاويد نالي ھڪ شخص کي ٽي سال سزا ٻڌائي کيس جيل ڀيڙو ڪري ڇڏيو آهي، جنھن تي الزام ھو ته ھن پنھنجي گھرواريءَ سان جبري ھم بستري ڪئي ھئي.

ھونئن ته ان قسم جا واقعا سڌريل ملڪن ۾ ٿيندي ٻڌبا ھئا، جتي جج ته ھوندا آھن پر وٽن ڪيس نه ھجڻ جي برابر ھوندا آھن.

اسان جي ملڪ ۾ ھيءُ فيصلو پنھنجي نوعيت جو انوکو فيصلو آھي. اھڙا فيصلا ملڪ جي سڀني عدالتن ۾ پيل نه رڳو زيادتي جي ڪيسن تي اچڻ گھرجن پر عدالتن کي اھڙي مڙسي جبري گم ڪيل ماڻھن بابت به ڪرڻ گھرجي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.