پ پ اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ وڪڻي پئي، اميدوارن کان عوام پڇاڻو ڪري: لال جروار

مقصودو رند(ن ع آ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو آهي ته پيپلز پارٽي اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ وڪڻي رهي آهي، اميدوارن  کان عوام پڇاڻو ڪري، زمينن تي قبضن واري معاملي تي جي ڊي اي به مجرماڻي خاموشي اختيار ڪئي آهي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، پي ايس 44 تي عوامي تحريڪ سانگھڙ تي نامزد اميدوار راڻو ڪُنڍاڻي ۽ ستار رند مقصودو رند ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ زرعي انقلاب جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضا برداشت نه ڪيا ويندا، نگران سرڪار کي سنڌ جون زمينون وڪڻڻ جو ڪو به اختيار ناهي، نگران سرڪار صاف شفاف اليڪشن ڪرائڻ بدران زمينن تي قبضن ۾ مصروف ٿي وئي آهي، سنڌ جو عوام اليڪشن ۾ حقيقي عوام دوست اميدوارن جي چونڊ ڪري، اليڪشنون حساب ڪتاب ۽ احتساب ڪرڻ موقعو فراھم ڪن ٿيون، سنڌ جا باشعور ووٽر گذريل پندرھن سالن کان سنڌ تي حُڪمراني ڪندڙ پيپلزپارٽي جي اميدوارن کان سخت پڇاڻا ڪن ۽ ھن اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ ۽ سنڌ کي تين وال ڪندڙ پارٽي جي اميدوارن کي ووٽ نه ڪن، ڪراچي ۾ ڳوٺ حاجي ابراهيم پنهور ۾ ايم ڊي اي جي حملي ۾ قتل ٿيل ڳوٺاڻي جي قتل تي غم ۽ غصي جو اظهار ڪندي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته سنڌين کان زمينون ڦري نسل ڪشي جي سازش سٽي وئي آهي. ايم ڊي اي طرفان ڪراچي ۾ قائم سنڌي وسندين تي حملو سنڌين جي نسل ڪشي برابر آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.