لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته جماعت اسلامي وٽ ملڪ ترقي ڪرڻ جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ فارمولو آهي. عوام ملڪ ۾ ٽنهي پارٽين کي رد ڪري. 8فيبروري تي قوم کي غلطيون سڌارڻ جو ڏينهن آهي. نوجوان ملڪ بچائڻ لاءِ تراجي کي ووٽ ڏيئي. هاڻي قوم کي آپشن تبديل ڪرڻ جو وقت آهي. جماعت اسلامي جي ڪاميابي حقيقي معني ۾ عوام جي ڪاميابي آهي،اين اي 6ديرپائن جي تعلقي ميدان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اڳوڻن حڪمرانن ملڪ ۾ اهڙي ڪابه اسپتال نه ٺاهي آهي جتي هو پنهنجو علاج ڪرائي سگهن. روٽي ڪپڙا ۽ مڪان، تبديلي ۽ پاڪستان کي ايشين ٽائيگرز بڻائڻ جي دعويدارن وٽ هاڻي ڪوبه پروگرام نه آهي جيڪو عوام کي ٻڌائين. خزانو خالي آهي ۽ ڪروڙين ماڻهو مهانگائي جي دٻاءُ ۾ آهن سراج الحق چيو ته حڪمرانن پنهنجي پيءُ جي ملڪيت سمجهي ملڪي خزاني کي لٽي ڦري تباھ ڪري ڇڏيو ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ ملڪيتون ۽ پنهنجا ٻارڙا ٻاهرين ملڪن ۾ پڙهائن ٿا. هن چيو ته هنن ملڪ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي مهانگائي بدامني ۽ بي روزگاري عروج تي پهچي وئي آهي. هن چيو ته سابق حڪمرانن نه فلسطين نه ڪشمير لاءِ آواز اٿاريو آهي هن چيو ته اسان اقتدار ۾ اچي فلسطين ڪشمير لاءِ جدوجهد ڪنداسين ملڪ کي بي روزگاري مهانگائي جي باھ مان ڪڍي روزگار ڏينداسين بي روزگارن کي روزگار الائونس ڏينداسين. هن چيو ته قوم کي گهرجي ته پنهجي تقدير بدلائڻ لاءِ صرف ۽ صرف تراجي جي نشان کي ٺپو هڻي پنهجي ۽ ملڪ جي تقدير بدلائڻ لاءِ جماعت اسلامي جي اميدوارن کي ڪامياب ڪيو جنهن سان ملڪ خوشحال ۽ عوام خوشحال ٿيندو.