خانپور ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ، ننڊ پيل پيرسن قتل

خانپور (ن ع آ ) خانپور ڀرسان ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيرسن محمد پنھل جعفري قتل ٿي ويو ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ شڪاري جعفري ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيرسن محمد پناھ جعفري قتل ٿي ويو، اطلاع ناپر  ڪوٽ پوليس واقعي ھر پھچي لاش ضروري ڪاروائي لاءِ خانپور اسپتال منتقل ڪيو، مقتول جي ڀائيٽين غلام حسين ۽ شھزادو جعفري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ھڪ سال اڳ مال جي چوري جي معاملي تان  جعفري ۽ ڪرسي جتوئي برادري ۾ جھيڙو ٿيو ھو، سال اڳ ڪرسي جتوئي اسان جو مال چوري ڪري وڃي رھيا ھئا ته مزاحمت تي ٻه جعفري برادري جي نوجوان حبيب ۽ منصور قتل ٿيا ھئا ۽ ھڪ ڪرسي جتوئي ڌر جو قتل ٿيو ھو سنھڙو ڪرسي جتوئي ۽ ھٿياربندن جي اسان جي ڳوٺ تي ڪاھ ڪري اسان جي پيرسن کي قتل ڪيو آهي، انصاف ڪيو وڃي، پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مال چوري جي پراڻي تڪرار تان جعفري برادري جو پيرسن قتل ٿيو آھي، شفاف جاچ ڪيون پيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.