بابا جي ياد ۾ روح مان نڪتل ڪجهه جذبا!

تحرير: ساڀيان سانگي

اڄ کان پورا ڇويهه سال اڳ اڄو ڪي ڏينهن يعني 25 جنوري 1997ع جي  ٿڌڙي رات جو اهو جسم هميشه لاءِ ٿڌو ٿي ويو؛ جيڪو هميشه حرارت سان رهيو. جنهن هميشه تعليم جي شعبي ۾ رهندي ماڻهن جي خدمت ڪئي. پيغمبري واري پيشي سان سلهاڙيل بابا خدا بخش سانگي پيغمبرن جي ڄمار جيتري عمر يعني 63 سالن جي ڄمار ماڻي. هاڻي هو نئين ديري جي ويجهو موهل ڳوٺ جي مسجد جي احاطي ۾ مٺيِ ۽ ٿڌي مٽي مٿان پائي سمهي رهيو آهي.

بابا خدا بخش سانگي سموري ڄمار متحرڪ رهيو. هو هڪ آدرشي ۽ آئڊيل استاد هو. سندس والد يعني اسان جو ڏاڏو بلاول سانگي زميندار هيو. کيس کجين جا باغ هئا. پر هن پنهنجي پٽ کي پڙهايو. بابا جي پروش موهلن ۾ سيدن وٽ سندن حويليءَ ۾ بيبين سان  گڏ ٿي. ڇاڪاڻ ته ابو کي جنم ڏئي سندن امڙ  گذاري وئي هئي. بيبي پڦا جو بابا کير شريڪ ڀاءُ هو.

بابا جڏهن تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي پوءِ حيدرآباد ويو ته پنهنجو گهر ۽ کجين جا باغ اتي(موهلن ۾) ٻن ستين بيبين کي ڏئي ويو.  جيڪي انهن جي زندگيءَ ۾ ته انهن کان واپس نه ورتائين پر اهي گذاري ويون ته به انهن جي مالڪن کي اهو چئي ڏئي ڇڏيائين ته مون بيبين کي باغ ۽ گهر ڏئي ڇڏيو ته ڏئي ڇڏيو.

بابا نامور استادن جي ڇانو ۾ تعليم جو سفر طئي ڪيو. ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ جو پيءُ محمد عيسا چنا صاحب بابا جو استاد هو. بابا جڏهن به حيدرآباد ويندو هو؛ هُو چنا صاحب کي ضرور سلام ڪرڻ ويندو هو. پاڻ سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي شعبي مان انگريزي ادب ۾ ماسٽرس ڪيائون .

ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي ۽ تاج صحرائي سميت ڪيترائي اديب سندس دوست هئا. هو اڪثر اسڪولن ۾ ادبي پروگرام ڪرائيندو هيو ۽ اسان ۾ به ادب سان دلچسپي پئدا ڪيائين. بابا خدا بخش سانگي، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب جي ويجهن دوستن مان هو. اڪثر ڀٽو صاحب بابا کي پاڻ وٽ گهرائي تعليم جي بهتريءَ لاءِ کائنس صلاحون وٺندو هو. ڀُٽي صاحب کي تعليم جي حوالي سان ڪنهن ٽريننگ لاءِ آمريڪا موڪلڻ پئي چاهيو؛ زور به ڀريو هو، پر بابا اهو چئي انڪار ڪيو ته "منهنجا ٻارڙا ننڍا آهن، آئون هنن کي اڪيلو ڇڏي نٿو وڃي سگهان.”

ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ کان پوءِ بابا ڪنهن حد تائين نا اميد ٿي ويو هو ۽ اڪثر ماڻهن جي ڪم علمي تي ڳڻتي ڪندو رهندو هو. بابا تعليم کاتي ۾ وڏن عهدن تي به رهيو، جن ۾ ڊي اي او، ڊائريڪٽر ۽ ٻيا عهدا شامل آهن. پر هن جي ويجهو استاد ٿيڻ کان وڏو ٻيو ڪوبه عهدو نه هيو.هو جنهن به ڳوٺ يا شهر ۾ ويو اتان جي ماڻهن سندس اعلي اخلاق سبب کيس پنهنجي گهر جو ڀاتي بڻايو،

نياڻين جي تعليم لاءِ هميشه هر گهر کي همٿايو، پٽن ۽ ڌيئن ۾ فرق کي مٽايو… اصول پرست هيو، نتيجي ۾ اهڙن اسڪولن ڏانهن بدلي ڪيو ويندو هو، جتي ڪوبه وڃڻ نه چاهيندو هو. پر بابا اهڙن اسڪولن کي به آباد ڪري ڇڏيندو هو. سندس چوڻ هوندو هو ته اسان وٽ تعليم جهڙي دولت کان وڌيڪ ٻي ڪا به دولت ناهي.

بابا اسان اولاد کي ڀرپور تعليم ڏني. نه صرف تعليم ڏني بلڪه هن اسان جي بهترين تربيت پڻ ڪئي. هو پُٽاڻي اولاد توڙي نياڻين جي اولاد ۾ ڪڏهن به فرق نه ڪندو هو. هن جتي پنهنجي پٽن کي آزادي ڏني؛ اتي اسان نياڻين تي پڻ ڪابه بندش نه لڳايائين. اسان نياڻين کي ڪو ايجوڪيشن ڏياريائين. سڀني جي سامهون اسان نياڻين جي صلاحيتن جي ڀرپور واکاڻ ڪندو هو؛ ان سان اسان ۾ خوداعتماديءَ جو جوهر پئدا ٿيو. نه صرف اسان کي بلڪه هن اسان جي امان کي به اهڙو ته اعتماد ڏنو جو بابا جي وڇوڙي کان پوءِ هن ئي اسان کي سنڀاليو. اڄ به اسان  پڙهيل لکيل هوندي به ڪٿي منجهي پوندا آهيون ته امان ئي اسان جي رهبر ۽ رهنما هوندي آهي.

بابا اڪثر اسان سڀني کي چوندو هو؛ ”جيڪو توهان کي درست لڳي ٿو؛ اهو ڀلي ڪيو، جيڪو درست نه لڳي اهو نه ڪيو“ ڇا درست هو؟ ڇا درست نه هو؟ بابا اسان تي ان مامري ۾ ڪڏهن به پنهنجي مرضي نه مڙهي. ان جو اهو نتيجو نڪتو جو سندس سموري اولاد اڄ وڏن عهدن تي فائز آهي. منهنجي وڏي ڀيڻ ڊاڪٽر خالده پروين مڃيل گائناڪولوجسٽ آهي. ڀائرن ۾ خالد پرويز نجي فرم ۾ اهم ذميواري نڀائي رهيو آهي، ٻيو ڀاءُ محمد ياسين سانگي پاڪ فوج ۾ ليفٽينينٽ ڪرنل آهي، ڀيڻ جگنو سانگي  ڪي ٽي اين جي پهرين عورت ڊائريڪٽر ۽ ڪشش ٽي وي جي پهرين ميوزڪ انچارج ڊائريڪٽر هئي، هن وقت هوءَ ولايت ۾ ڪم ڪري رهي آهي. آئون ڪاليج ايجوڪيشن ۾ سنڌي سبجيڪٽ جي ائسوسيئيٽ پروفيسر آهيان. منهنجي شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ”اڃان ڪائنات جيئري آ“ شايع ٿي چڪو آهي؛ ٽي ڪتاب شايع ٿيڻ لاءِ تيار آهن. لاشڪ ته بابا هڪ آئيڊيل انسان هو. سڀني سان پيار محبت سان پيش اچڻ سندس ڄڻ ته شيوو هو.

بابا خدا بخش سانگي نئين ديري، وارهه، باڊهه، ڏوڪري، قمبر سميت لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف هاءِ اسڪولن ۾ هيڊ ماستر ٿي رهيو ۽ هزارين شاگرد پئدا ڪيائين. ڇا اهڙا ماڻهو ڪڏهن مري سگهن ٿا؛ جيڪي ٻين کي زندگي عطا ڪندا هجن؛ ٻين کي اعتماد ڏيندا هجن، ٻين جي صلاحيتن کي اڀاريندا هجن؟ نه ڪڏهن به نه! هنن جي جسم ۽ روح جو تعلق ضرور ٽُٽي ٿو؛ پر هو ”فوت“ ڪو نه ٿا ٿين.

چوندا آهن

ماڻهو مري ويندا آهن،

ڳالھيون ياد رهنديون آهن

پر مان چوندي آهيان!

اهي سامهون

روپ ڍڪي روح ۾ رهي پوندا آهن

ايئن جو اکيون پوريو ته ”صاحب سامهون“

اوطاقون آباد ڪيون ويٺا آهن اندر جون،

پنهنجي ڳالهين سان، پنهنجي ديدارن سان.

هو گڏ آهن!

اکيون کوليو ته

درد جي لهر لپيٽ ۾ وٺيو ڇڏي!

ٻانهون ٻسيون

پاسو خالي

جيڪر سڄڻ سامهون اچي

ته ڀاڪر ۾ ڀريانس…

رهي به روح ۾

آهي به اکين جو ٺار

پو به دل چوي

هاءِ! هڪڙو ڀيرو

بابل! تنهنجي ٻانهن تي جيڪر ڪنڌ رکان…

سار جي ڇانوَ ۾

ڌرتتي پئي اڪران

پوءِ به چوان

هاءِ!!!

يتيميءَ جي ڪاري چادر اوڍڻ ڪيڏي ڏکي آهي!

 

اڄ بظاهر بابا گڏ ڪونهي“ پر هو پنهنجي ڳالهين، ڪردار، ٽهڪن، صلاحن، مشورن ۽ مُرڪن سان اسان جي وچ ۾ موجود آهي. پر سندن ياد جيءُ جهوري ٿي وجهي.

 

اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا

ڳلن تان ڳوڙهن جون، بودون بس نه ڪن

سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي

(شاھ سائين)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.