ووٽن جي سيزن اچڻ سان ئي ووٽ وٺندڙ اميدوار ميدان تي اچي نڪتا آھن ماڻھن جي ڳوٺن ۽ شھرن ڏانهن رخ رکيو اٿن ڪٿي ڪٿي کين نوجوانن جي سوالن پڇڻ تي ڏکايون به ٿين ٿيون ته ڪٿي کين پوڙھا پراڻن هچائن کي وڏي مان مرتبي سان رلين سان سيگاريل کٽن ۽ صوفا سيٽن ۽ ڪرسين تي ويهاريو خدمت چاڪري ۾ لڳا پيا آھن هي اهي پراڻيون هچائون آھن جن مان ته ڪن 30 سالن تائين مسلسل ته ڪن 15 سال سنڌ جي عوام مٿان حڪمراني ڪئي آھي ڪي ته هر حڪومت جو حصو رهيا آھن نواز ليگ هجي پ پ پ هجي پرويز مشرف هجي يا ڪا ٻئي سرڪار پر اهي اقتدار جي ڪرسي تي ويٺا رهيا آھن ۔
هي اهي ڀوتار سردار وڏيرا پير مير آھن جن پنهنجي اقتدار دوران عوامي ادارا پنهنجي هٿ ۾ ير غمال ڪري رکيا هئا ۽ پنهنجي مرضي مطابق پسند نا پسند تي آفيسر رکي انهن جي هٿان ملڪ ۽ عوامي مال ، دولت لٽي هئي، عام ماڻھن جاڪم آفيسن مان سڌو سئون ڪرڻ تي نه صرف اڻ اعلانيل پابندي هئي پر رشوت جي عيوض جائز ڪم به سفارش تي ڪيو ويندو هو ۔
هن وقت نگران حڪومت آھي پر سندن ڪمدار آفيسر سندن ئي پويان هلندا رهن ٿا ڇاڪاڻ جو آفيسر يا ڪامورو سمجهي ٿو ته اليڪشن کان پوءِ سندن پڇاڻو وري ساڳيو ڀوتار ڪندو ۔ جنهن جو مطلب آھي ته ميرٽ تباھ ڪري صرف آپي شاهي جي روايت کي قائم رکيو ويو آھي.
8 فيبروري تي قومي اليڪشن آھي اليڪشنن ۾ ووٽر پنهنجي ووٽ حق استعمال ڪري پنهنجي مسقبل جو فيصلو ڪندو ۔ هي ووٽ اهو هٿيار آھي جنهن سان انسان پنهنجي معاشري تبديل ڪري سڌاري سگهي ٿو يا ٻيهر بگاڙي سگهي ٿو اهو ووٽر جي سمجهه شعور ۽ جرئت تي آھي ته پنهنجي انساني نسل ۽ سنڌ وطن لاءِ ڪهڙو فيصلو ٿو ڪري ۔ ووٽرن کي هڪ ڳالهھ رکڻ گهرجي ته انسان پنهنجي زندگي سان پيار ڪري ٿو ۽ ڪڏهن به پنهجي هٿن سان سواءِ تنگ دستي ڪڏهن به پنهنجو انت نه آڻيندو آھي بلڪ انسان حالتن کان مجبور ٿي زندگي جو ڏيو خودڪشي جي روپ ۾ وسائي ٿو ۔ موجوده بک ۽ بد حالي وارين حالتن جي ڪري سنڌ جو ماڻھو اجتماعي خدڪشيون ڪري رهيو آھي ۔ انهن حالتن کي پيدا ڪندڙ ڪير آھي ؟ سماج کي ترتيب ڏيندڙ ڪير آھي ؟۔ هڪ ته فطرت طرفان ڪجھه مشڪل حالتون پيدا ڪيل هونديون جن کي انسان مهاڏو اٽڪائيندو رهيو آھي مسئلن بک کي وسائڻ لاءِ پيٽ ڀرڻ لاءِ پورهيو ڪرڻ ۽ اوگهڻ ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو تيار ڪرڻ پيرن ۾ جتي پائڻ وغيره ۔
انهيءَ فطري ڪارج کي انسان پورو ڪرڻ لاءِ محنت ڪري ٿو يا ٻين جي محنت تي ڏاڍ مڙسي تيعياشيون ڪندو آھي ۔ اهو اڃ کان ڪيتريون صديون اڳ سسٽم جاري هو ۽ هن وقت به ڪٿي ڪهڙي روپ ۾ ڪٿي ڪهڙي روپ ۾ جاري آھي ۔ بين الاقوامي سامراج کان وٺي ملڪي سمراج تائين ۽ ملڪي سامراج کان ويندي مقامي سامراج تائين مطلب انسان جو استحصال جاري آھي ۔ اهيو ڪيئن رڪبو ؟اهو به ڏاهن ماڻھن طئي ڪيو آھي ته جيستائين انسان هٿان انسان غلام رهندو معاشرن هٿان معاشرا غلام رهندا تيستائين مظلوم ۽ ظالم ٻئي طبقا موجوده رهندا ۽ استحصال جاري هوندو ۔
پر افسوس جو اڄ جديد دور ۾ جت انسان کي ووٽ جي ذريعي پنهنجي ايماندار ۽ انسان دوست ، ملڪ دوست حڪمرانن چونڊڻ جو موقعو ملي ٿو ته اتي پنهنجي پاڻ مٿان پاروٿيون هچائون وڏيرا جاگيردار ۽ سموريون شامتون آڻڻ جا ذميوار بڻجن ٿا ۔ جنهن کان پوءِ پٽڻ ۽ رڙيون ۽ روڄ راڙو ڪرڻ اسان جي عادت بڻجي ويئي آھي ۔ هڪڙي حساب سان ته روڄ راڙو برداشت ڪرڻ جوڳو هوندو آھي جڏهن هڪڙو دفعو غلطي ڪجي ٿي ۽ پوءِ چئجي ته ادا اهو صحح آھي ڇاڪاڻ انسان کان غلطي ٿيندي آھي ، پر بار بار اهڙي روش اختيار ڪرڻ ۽ ان تي افسوس ڪرڻ ڪنهن به سچائي جي ثابتي نه آھي ۔ جيڪي ماڻھو پاڻ مٿان شامتن آڻڻ جا ذميوار بڻبا آھن پوءِ رڙيون ڪندا آھن ته ادا ظلم ٿي رهيو آھي. مهانگائي بدحالي ۽ تعليم صحت روزگار تباھ برباد ٿي ويو حڪمرانن ظالمن مان جهلجي رهيا آھيون ۔انهن کي جاڳائيندو ۽ خبردار ڪندو هلان ته انهن شامتن آڻڻ جا اسين خود ذميوار آھيون جڏهن اسان جو وارو اچي ٿو يعني ووٽ ڏيئڻ جو ان وقت اسين پنهنجي ڪيل غلطين ۽ بک بدحالي مهنگائي بدامني سنڌ جي وسيلن ،ڌن۽ دولت جي لٽ ڦر ۽ مشڪل وقت سڀ وساري ڇڏيون ٿا ۽ ساڳي چريائپ خوف ڊپ ۽ وائڙي ڪيفيت ۾ اچي وري پنجن سالن لاءِ انهن ڀوتارن ۽ هچائن کي پنهنجي مٿان مڙھي ڇڏيون ٿا ،جن جي بد نعيتي ڦرلٽ عياشين ناانصافين ۽ لاقانو نيت وغيره جون ڪوڪون داهون ڪندا رهيا آھيون.
انهن هچائن خلاف جيڪڏهن پاڻ پنهنجي ووٽ وارو هٿيار صحيح استعال ڪري هنن مان جند ڇڏايون ته ڪير به پاڻ کي ڏوهاري ۽ غلط نه ليکيندو ۽ نه ڪير توهان کي ميار ڏيندو ته 30 سالن جون ملڪ جي۽ عوامي دولت وسيلن جي تباهين جا مرتڪب ڀوتارن چوڌرين کي ووٽ ڇو ڪو نه ڏنو ۔ ڏهن مان نو اهي ووٽر آھي جيڪي غريب ۽ پورهيت طبقي سان تعلق رکن ٿا جن کي ڀوتار وڏيرو ”ڪت خلق “سمجهندو آھي. هو اٽڪلبازي ۽ مڪر سان مختلف روپن ۾ غريب ۽ پورهيت طبقي مٿان اثر انداز پاڻ کي ڪندو رهي ٿو ڪٿي پنهنجي رعب ۽ دٻدٻي کي قائم رکڻ خاطر خانگي توڙي سرڪاري عملدار استعمال ڪرڻ لاءِ حرام جي دولت خيرات ڪندو آھي ڪٿي غريبن ۽ بي پهچن کي غنڊن هٿان بي عزتو ڪرائيندو ۽ بليڪ ميل ڪندو آھي ۔ انهن سڀني کي رد ڪري تبديلي آڻڻ نئون سماج جوڙڻ لاءِ نوان ماڻھو اسيمبلي ۾ پهچائڻ جي جرئت ڪريو.