پل صراط ۽ پوڙھيءَ جي جرئت

ڄام صنم سنڌي

عوام جي ڏک سک، ترقي ۽ تباھي جو گھڻو تڻو ذمو خود عوام تي ئي ھوندو آھي جتي عوام ظلم سھندو رھي پر بغاوت يا آواز بلند نه ڪري ته اتي حڪمران وڌيڪ ڇڙواڳ، ظالم ۽ بي حس بڻجي ويندا آھن نه ته منجھن خوف خدا رھندو آھي نه وري احساس ندامت کين عوام جي حق تلفي معمولي ڳالھه محسوس ٿيندي آھي ڇو ته عوام پنھنجي حقن جي ھٿ چراند تي پڇاڻي جي ھمت ۽ جرئت ئي ناھي رکندو عوام جي اھا روش کين حقن کان عدم دلچسپي يا وري بزدلي جي ذمري ۾ آڻي حڪمرانن ۽ سندن درٻارين کي شھه ڏيڻ جو اھم ڪارڻ بڻبي آھي.جنھن سبب کين صديون روئڻو ۽ رسوا ٿيڻو پوندو آھي.

ھڪ ننڍڙو پر ھمت ۽ جرئت سان ڀريل قصو ياد اچي رھيو اٿم، ڪنھن وقت ۾ ھڪ بادشاھ ھو جنھن کي گھمڻ ڦرڻ جو ڏاڍو شوق ھوندو ھو ان ڪري اڪثر سير ۽ سياحت ۾ مشغول رھندو ھو. ھڪ پوڙھي عورت تنھن وقت ۾ جھنگ ڀرسان رھندي ھئي وٽس ھڪ مينھن ھئي جيڪا سڄو ڏينھن جھنگ ۾ چرندي ۽ شام جو پوڙھي وٽ موٽي ايندي ھئي پوڙھي ان جي کير تي گذر سفر ڪندي ھئي. ھڪ ڏينھن بادشاھ جا سپاھي پوڙھيءَ وٽ اچي چوڻ لڳا ته تنھنجي مينھن ڏاڍي سگھي متاري آھي اھا اسان کي وڪڻي ڏي، پوڙھيءَ چيو مان اڪيلي عورت آھيان ڪو ٻيو ذريعو به نه اٿم انھيءَ مينھن جي کير تي گذران ڪري جي رھي آھيان جي اھا وڪڻي ڇڏيندس ته ڇا کائيندس پيئندس. ان ڪري مان اھا مينھن نه وڪڻندس سپاھين چيو نه وڪڻندينءَ ته اسين زوريءَ مينھن ڪاھي وينداسين ۽ ڪھي کائي ڇڏينداسين. سپاھين ڪيو به ائين ئي پوڙھي عورت کي ڏاڍو ڏک ٿيو ان بادشاھ کي دانھن ڏيڻ چاھي پر غريب عورت کي بادشاھ تائين پھچڻ نه ڏنو ويو ھڪ ڏينھن بادشاھ سير تان موٽي رھيو ھو پوڙھي کي ڪنھن ٻڌايو ته بادشاھ پل تان گذرندو سو پوڙھي لڪي وڃي پل تي ويھي رھي جيئن ئي بادشاھ پل تان گذريو ته پوڙھي ڊوڙي اڳيان اچي سندس گھوڙي جي واڳ پڪڙي ۽ بادشاھ کي اھڙو جملو چيو جو بادشاھ چڪرائجي گھوڙي تان ھيٺ ڪري پيو پوڙھيءَ چيس ”بادشاھ تنھنجا سپاھي منھنجي مينھن زوريءَ ڪھي کائي ويا آھن تون ٻڌاءِ ته ان جو حساب ھن پل تي بيھي ڏيندين يا پلصراط تي“؟ بادشاھ اھو ٻڌي زمين تي ڪري پيو ۽ چوڻ لڳو ته ”مان ان جو حساب پلصراط تي نه ڏئي سگھندس ان ڪري جيڪو حساب وٺين ھن پل تي ئي وٺ.“

ڇا توھان ڪڏھن ھڪ مينھن ته ڇا پر اوھان جا سڀ حق کائيندڙن کي ائين اڳ وٺي ڪڏھن پڇيو آھي ته ھُو حساب ڪٿي ڏيندا؟ ڇا اوھان پنھنجي حقن جي ڦرجڻ  ۽ کسجڻ تي ڪڏھن ايترو بيچين ۽ بي سڪون ٿيا آھيو؟ ڇا اوھان پاڻ کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪڏھن ايتري جستجو ڪري بادشاھن جا دڳ پڪڙيا آھن؟ ڇا اوھان ڪڏھن حڪمرانن کان اھڙو سوال ڪرڻ ۽ واڳ پڪڙڻ جي جرئت ڪئي آھي؟ ڇا اوھان ڪڏھن حساب گھرڻ جي ھمت ۽ پڇاڻي جي سگهھ ساري آھي؟ ڇا اوھان جا حڪمران ڪڏھن حساب جي خوف کان ڪرسيءَ تان پٽ تي ڪريا آھن يقينن نه، ته پوءِ بدلاءُ ڪيئن ايندو؟ ياد رکو ته جيسين سزا ۽ جزا، پڇاڻي ۽ پڪڙ جي عمل کان پري رھندئو تيسين نه ته اوھانجا حاڪم ۽ حڪمران پلصراط جي خوف کان پٽ تي ڪرندا ۽ نه وري اوھان پنھنجي حقن جو حساب ۽ انصاف وٺڻ لاءِ پاڻ ۾پوڙھيءَ واري جرئت پيدا ڪري سگھندو.

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.