انڪل! اوھان اليڪشن ۾ ويھندا يا ليٽندا ؟

وسعت الله خان

ھن کان وڌيڪ جوش خروش تھ 14 آگسٽ کان ٻه هفتا اڳ ۾  نظر اچڻ شروع ٿي ويندو آھي،رمضان کان 20 ڏينهن اڳ نظر اچڻ شروع ٿيندو آھي.ھن کان وڌيڪ ولولو تھ انڊيا پاڪستان ڪرڪيٽ ميچ کان ھڪ مھينو اڳ محسوس ٿيڻ لڳندو آھي،ھن کان وڌيڪ ھلچل تھ عيد الاضحيٰ جي ٻڪرا پڙي ۾  ٻھ هفتا اڳ شروع ٿي ويندي آهي.ھن کان وڌيڪ سرگرمي تھ ڪنهن به ڳوٺ ۾ شادي کان 18 ڏينهن اڳ محسوس ٿيڻ لڳندي آهي.

بظاهر جوش وخروش ۾ گھٽتائي پنهنجي جاءِ تي پر ائين بلڪل به ناهي ته ووٽرن جي روئي مان ڪو خوف يا گھٻراهٽ جھلڪي رھي ھجي،بلڪھ چھرن تي اھو اطمينان وکريل آھي جيڪو عام طور تي شادي،طھرن،عقيقيھ وغيرھ جي تقريب ۾پروفيشنل ايونٽ مئنيجرز يا ڪمپنين حوالي ڪرڻ بعد نظر ايندو آھي.دعوت جي ڪارڊ لکڻ، ڇپائڻ، ورھائڻ واري، مٿي جي سُور کان وٺي مينيو جي چونڊ، وينيو  جي سجاوٽ، مووي ٺاهڻ جي جھنجھٽ ۽ مهمانن جي آمد و رفت، پارڪنگ ۽سيڪيورٽي سميت ھر هڪ شيءِ جو انتظام جڏھن پروفيشنل ايونٽ مئنيجرن جي هٿ ۾ ھجي تھ پوءِ ڪھڙي پريشاني.

هن ملڪ ۾ تھ اهڙيون چونڊون ٿينديون آهن جو، ڪيترن ئي تڪن ۾ عورتن کي ووٽ ڏيارڻ پسند نھ ڪيو ويندو آهي.هن ملڪ ۾ ھڪ صوبو اھڙو بھ آهي،جتي جيڪڏھن  قومي يا صوبائي اسيمبليءَ جي اميدوار کي 50 هزار رجسٽرڊ ووٽن مان 537  پون تھ چونڊيل قرار ڏنو ويندو آھي.ايتري تائين، جو هن ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر تي ٻه اڍائي ڏهاڪا اھڙا بھ گذريا آهن جڏهن  ماڻھن کي گهرن ۾ ويٺي ووٽ وجهڻ جي سهولت مليل رهي.

مان پاڻ اھڙو ووٽر آهيان،جنهن 2002،2008۽2013 جي چونڊن ۾ گهر ويٺي پنهنجو بنيادي حق استعمال ڪيو. اھا سھولت مون يا منھنجي گھر وارن خود حاصل نه ڪئي ھئي، پر انھن ڏنڊي وارن مهيا ڪري ڏني ھئي،جيڪي ڊي ڊيِ،کان ھڪ شام اڳ اچي ٻڌائي ڇڏيندا ھئا تھ ،انڪل توھان ڪٿي وڃي، پولنگ اسٽيشن، بوٿ وغيره ڳوليندا ايڏي رش ۾.. اسان آهيون نھ ۽ پوءِ پولنگ کان پوءِ اسان کي اطلاع بھ ڏنو ويندو ھو تھ،انڪل اوهان جو ووٽ ٿي ويو آهي،ٿينڪ يُو..

اھا سھولت ڪراچي جي ڪيترن ئي شهرين کي 2013 کانپوءِ ٿيندڙ چونڊن لاءِ نھ ڏني وئي هئي.ان ڪري 2018 ۾ پاڻ وڃي ووٽ وجھڻ جي زحمت ڪرڻي پئي.پر ٻئي ڏينهن ،ٽي وي،جي خاص ٽرانسميشن ڏسي احساس ٿيو ته جيڪڏهن اسان رزلٽ ٽرانسميشن سسٽم (RTS) وانگر ويھي رھون ھا تھ، گهٽ ۾ گهٽ پولنگ اسٽيشن تي اچڻ وڃڻ جي تڪليف کان ھن ڀيري بھ بچي وڃون ها ۽ ڪا سٺي فلم ڏسي وٺون ها.

پر هن دفعي، پهريون ڀيرو لڳي ٿو ته پروفيشنل ايونٽ مينيجرز جي ھوندي ڪنھن کي ڪا آلتو فالتو پريشاني نھ ٿيڻ گهرجي. سڀني دعوتي ڪارڊن جي پٺين پاسي تي جڳهه تي پهچڻ لاءِ ممڪن روٽس جو نقشو موجود آهي. دعوتيل سياسي جماعتن ڪارڊز تي ميز۽ سيٽ نمبر ڄاڻايل آهن. گيٽ ڪريشرز کي پري رکڻ جا انتظام اڳي کان وڌيڪ فول پروف نظر اچن ٿا. اهڙي طرح سمورو ايونٽ نھايت شفاف طريقي سان خيرخوبي سان انجام تي رسندو، انشاالله. ڪنهن زماني ۾ اهو رواج هو ته اهڙن ايونٽس کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪو نھ ڪو چاچو،پڦي يا مامو ان ڳالهھ تي رسي ويندو ھو، تھ فلاڻي کي ڇو گھرايو ۽ فلاڻي کي ڇو نه گهرايو. دعوت ڏيندڙ پاڻ دعوت کڻي ڇو ڪونھ آيو،ڪنھن غير جي ھٿان ڇو موڪلرايو.اھي سڀ بائيڪاٽي منتظر رھندا ھئا تھ تقريب واري گھر مان ڪو نھ ڪو انھن کي پرچائڻ ضرور ايندو ۽ اسان جي پراڻي انا جي لڄ رکندو.

هاڻي تھ رڳو ايتري ڳڻتي ھوندي آھي تھ اسان کي دعوت ملندي يا نھ. ڇو ته نوان ايونٽ مئنيجرز اهڙن ناز نخرن کڻڻ جا عادي نھ آھن.بلڪه جيترا گهٽ مهمان ھوندا اوترو ئي مينيج ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي آهي.هر اليڪشن کان اڳ اھو جتائڻ جي لاءِ تھ ،اليڪشن ڪيترو خطري وارو ۽ نازڪ ڪم آھي ۽ اھو ڪرائڻ ڪيرو وڏو قومي احسان آهي،باقاعدھ ھڪ ڳري فضا تخليق ڪرڻ جي اشتھاري فن جو مظاھرو ڪيو ويندو آھي.مثال طور، فلاڻي فلاڻي اڳواڻ کي، فلاڻي فلاڻي ڏينهن تي فلاڻي فلاڻي هنڌ،تي جلسي ڪرڻ، جلوس ڪڍڻ يا ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪرڻ ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي،ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.ڪو بھ ڀوت چنبڙي سگھي ٿو.ٽڪراءَ جو خطرو آھي،ٿي سگھي ٿو بم بھ ڦاٽي پئي،اسان يا ادارو ذميوار نھ ھوندا. پر پوءِ به جيئن تيئن  اليڪشن عمل مڪمل ٿي ويندو آھي،ڇاڪاڻ  اصل اليڪشن پولنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ شروع ٿيندي آهي.8 فيبروري تي جڏهن عوامي دعوت گذري ويندي،ان کان پوءِ خاص کي کاڌو ملندو.

پري پول رگنگ ڇا ٿيندي آهي، اھو تھ مونکي ناھي پتو.البتھ 2015 کان اڳ ڪراچيءَ جي رهاڪو جي حيثيت ۾ اهو ضرور ٻڌڻ لاءِ ملندو هو، ته ڪالهه اڌ رات کان پوءِ ڪجھھ لوفر صورت بائيڪرز اسان جي علائقي جي هڪ  مخالف اميدوار ڀائي نعمان ( فرضي نالو ) وٽ آيا ھئا ۽ بس ايترو چئي ويا تھ، انڪل اسان اوھان جي عزت ڪريون ٿا، ان ڪري پڇا ڪري رهيا آهيون ته، سڀاڻي نالي واپس وٺڻ جو آخري ڏينهن آهي،توهان ڇا سوچيو آهي؟ ويھندا يا ليٽندا ؟

هاڻي اھڙو ڪجھه گهٽ ۾ گهٽ ڪراچيءَ ۾ ٻڌڻ ۾ نٿو اچي. چترال کان مڪران تائين ٻڌڻ ۾اچي ٿو.هاڻي لوفر صورت بائيڪرز اھو ڪم نٿا ڪن، پروفيشنل ڪندا آهن ۽ جڏهن ’ڀائي،آل از ويل‘ جو اشارو ملي وڃي، تھ پوءِ آل از ويل ٿي ويندوآهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.