KURRA CHEE

امر جليل

اها هندستان ۾ اسان جي شامل ٿيڻ  ۽ هندستان تي ڇائنجڻ کان اڳ جي ڳالهھ آھي.تڏھن هندستان دنيا جي قومن لاءِ هڪ پرڪشش ۽ دل موھيندڙ ملڪ هو. سڀني کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو هو. دنيا جي هن خطي ۾ ازلي۽ اوائلي ڪشش هئي. هندستان هڪ تھ دولتمند ۽ ڏسڻ جھڙو ملڪ هو، ٻيو اھو تھ دلفريب ۽ موھيندڙ ملڪ ھو.

ملڪ گيري جي لالچ ۾، ويڙھاڪ ملڪ وقفي وقفي سان هندستان تي حملا ڪندا رھيا. پورچوگيز وارا آيا، ڊچ آيا. فرانس وارا آيا. برطانيا وارا آيا.سڪندر اعظم جي اڳواڻي ۾ يوناني آيا. عرب آيا. غزنوي آيو. افغاني آيا. ترڪ آيا.روايت آھي تھ  يورپ مان ويڙھاڪ  قبيلن پڻ  پنهنجي قسمت آزمائي ھئي. انهن قومن سنڌ تي ڌيان نه ڏنو. مان يورپ وارن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، نه ته انگريز کان گهڻو اڳ عربن سنڌ فتح ڪئي ھئي. پر انگريز وڌيڪ هوشيار هئا. هندستان تي مڪمل قبضي ڪرڻ کان پوءِ انگريزن سنڌ جي حڪمرانن سان سٺا لاڳاپا قائم ڪيا ۽ حيلن بھانن سان پنهنجو وفد مستقل طور سنڌ ۾ ڇڏي ڏنو.انگريزن مستند دستاويز تيار ڪيا. دستاويز ۾ سنڌ جي چپي چپي جو تجزيو ڪيو.دٻيل لفظن ۾ ڪولاچي کي جديد بندرگاهه ۾ تبديل ڪرڻ جي ڳالهه  ڪئي. جيتوڻيڪ سنڌ جا حڪمران ڪافي عرصي تائين افغانن کي پابندي سان ڀتو ڏيندا رهيا ھئا، پر افغانن کي سنڌ ۾ شڪارپور کان اڳتي  ڪجھھ بھ نھ پئي سمجهيو.

سنڌ  مغلن جي ماتحت بھ رهي. پر مغلن کي ڪولاچي جي اهميت سمجهھ ۾ نھ آئي.هڪ ڀيري ميرن جي اجازت سان انگريزن سنڌو درياهه جي رستي افغانستان تي حملو ڪيو ھو، پر شڪست کائي واپس موٽي آيا ھئا. ان کان پوءِ افغانستان ۽ سنڌ جا لاڳاپا ڇڪتاڻ وارا ٿي ويا. هڪ ڀيري راجا رنجيت سنگهه سنڌ جي حڪمرانن کي سنڌ تي حملي جي ڌمڪي ڏني هئي. سنڌ جي حاڪمن گهٻرائجي انگريزن سان معاهدو ڪري ڇڏيو  ته جيڪڏهن  ڪڏھن بھ سنڌ تي سکن ڪاهه ڪئي ته انگريز سنڌ جو بچاءَ ڪندا. 1843ع ۾ سر چارلس نيپئر وڙھندي سنڌ فتح ڪئي. اڳ ۾ ئي تيار دستاويزن ۾ ڏنل تجويزن موجب ڪولاچي کي جديد بندرگاهه ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو . اڏاوتي ڪم سمنڊ جي کاري پاڻيءَ سان نه پيو ٿئي. سفارتي لاڳاپن دوران انگريزن کي پتو ڪري ورتو تھ ڪولاچي جي ڀرپاسي ۾ مٺي پاڻيءَ جو ايترو وڏو ذخيرو يا ذريعو نه هو،جو  جنھن سان ايتري اوڏي تعميراتي ڪم ۾ ھٿ وڌو وڃي.تنھنڪري ڪولاچي کان ٽيھھ، پنجٽيهه ميل پري ”ڊم لوٽي“ نالي ايڏي وڏي انگريزن  پنج کوهه کوٽرايا. سنڌو جي پاڻيءَ سان کوهه پاڻمرادو ڀرجڻ لڳا. ڊم لوٽي کان ڪيماڙي جي علائقي تائين پائيپ لائيون وڇايون ويون. اهڙي طرح ڪراچي بندرگاهه جي اڏاوت شروع ٿي. ان جڳهه کي ڪياماڙي جو نالو ڏنو ويو.  جڏهن ايڏي وڏي پيماني تي ڪم شروع ٿئي ٿو، تڏهن ان تي سوين مزدور، مستري، واڍا، انجنيئر ان ڪم سان سلھاڙجي وڃن ٿا.

 تنهنڪري انهن لاءِ ڪالوني ٺاهي وئي. انگريز مڪمل ڌيان سان ڪم جي سارسنڀال ڪندا ھئا. انھن جو ننڍيون وڏيون ڪوٺيون ٺھيون، ڪاغذي ڪارروائي جي لاءِ هڪ دفتر ٺهيا، جتي انگريز بندرگاهه تي ٿيندڙ ڪم ڪار جو حساب ڪتاب رکندا هئا.

اها ھئي جديد شھر ڪراچي جي ٺھڻ جي شروعات.انگريز آفيسرن لاءِ ڪلب ٺاهيو ويو.ڪالونيءَ ۾ رهندڙ مزدورن، واڍن، مسترين ۽ ڪاريگرن جي سهولت لاءِ ننڍا وڏا دڪان کلي ويا.هڪ ننڍڙي بازار ٺهڻ لڳي. ڪالوني ۾ رهندڙ  پنهنجن ٻارن ٻچن  سميت بندرگاهه جي ڀر ۾ اچي آباد ٿي ويا.ٻارن لاءِ اسڪول کوليا ويا. انهيءَ وچ ۾ انگريزن پنهنجي جوڙيل رٿا مطابق بندرگاه مان مال کڻي وڃڻ ۽ آڻڻ لاءِ ريل جون پٽڙيون  وڇائڻ شروع ڪري ڇڏيون. ڪراچي جي خوبصورت سٽي اسٽيشن ٺهي. ڪجهه وقت کان پوءِ انگريزن ريل جون پٽڙيون ڪوٽڙي تائين وڇايون. بندرگاه تي مال بردار۽ مسافر جهازن جي آمدرفت جي لاءِ ڊيڪ تعمير ڪيا ويا. ڪراچيءَ کان بمبئي، سورت، ڪلڪتھ ۽ مدراس جي ڪنارن تائين رابطو قائم ٿيو.  گوا، بمبئي، ڪلڪتھ، سورت ۽ مدراس جا ماڻهو ڪٽڪن جا ڪٽڪ ڪراچيءَ اچڻ لڳا.  آهستي آهستي ڪراچي ۾ ڪاروباري مرڪز کلڻ لڳا. گوا مان گھڻا تڻو عيسائي ڪراچيءَ آيا ۽ صدر جي علائقي ۾ تمام وڏي تعداد ۾ آباد ٿي ويا.انھن صدر ۾ ئي  پنهنجو خوبصورت مرڪز ٺاهيو، جيڪو اڄ به گوئن ايسوسيئشن جي نالي سان صدر ۾ جهانگير پارڪ جي ڀرسان، بمبينو سينيما جي سامهون موجود آهي. گوئنز پنهنجو عاليشان ڪرڪيٽ گرائونڊ بھ ٺاهيو. اھو ڪرڪيٽ گرائونڊ پاڪستان  ٺهڻ کان پوءِ به پراڻي نمائش جي ويجهو فعال رهيو.ڏسندي ئي ڏسندي صدر تي ڪرسچن ڇائنجي ويا.بمبئيءَ ۽ ڪلڪتھ مان ايراني وڏي تعداد ۾ آيا، پاڻ سان پنھنجو ڪاروبار پڻ کڻي آيا.

ڪراچي ۾ ايراني هوٽل کلڻ لڳا. اهي ماڻهو سڏجڻ ۾ پارسي سڏبا هئا. ڪراچي ۾ پارسين جون وڻندڙڪالونيون ٺهڻ لڳيون. پارسين دل کولي ڪراچيءَ تي خرچ ڪيو. خوبصورت پارڪ ۽ عمارتون تعمير ڪرايون. ان وچ ۾  سنڌ جي ٻين علائقن مان پڙهيل ڳڙهيل ۽ واپاري هندو وڏي تعداد ۾ ڪراچي آيا برنس روڊ ۽ فريئر روڊ تي عاليشان فليٽ ٺهرايا  جيڪي اڄ به موجود آهن، پر بي توجھي جي ڪري زبون حالي ۾ آهن. ماڻھن جي سھولت جي لاءِانگريزن ڪراچيءَ ۾ ٽرام جي پٽڙين جو ڄار وڇايو.اسان ماڻھن ٽرامون بند ڪري پٽڙيون اکيڙي ڇڏيون.انگريزن جي دور جون جيڪي خوبصورت عمارتون ھيون اسان بدصورت بڻائي ڇڏيون. ڏسندي ئي ڏسندي  ڪراچي ۾ ويھھ پنجويھھ سئنيمائون ھلڻ لڳيون.ٽي چار ٿيٽر ڪم ڪرڻ لڳا. ان کان پوءِ ڪراچيءَ ڪڏهن به پوئتي مڙي نھ ڏٺو.

ابتدائي دور ۾ انگريزن ڪراچيءَ کي ھن طرح لکندا ھئا، kurra chee .

 (روزاني جنگ تان ورتل)

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.