سنڌ ۾ 70 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪولن ۾ داخل ٿيڻ کان محروم

دنيا ۾ مڃيل اصول آھي تھ مستقبل کي بھتر ڪرڻ جي لاءِ تعليم بنيادي حق آھي،اسان وٽ انگن اکرن تي ڪو گھڻو ڌيان نھ ڏنو ويندو آھي، انڪري ڪنھن بھ شعبي جي ڇنڊڇاڻ ۽ جائزي جي لاءِ تفصيل نھ ھئڻ برابر ھوندا آھن،ڪجھه غيرسرڪاري ادارا اھڙا انگ اکر گڏ ڪندا آھن،جن جي آيل رپورٽن کي اختياريون رد ڪري ڇڏينديون آھن، پر انھن جي جاچ ڪرڻ يا ان ۾ ظاھر ڪيل مسئلن ڏانھن گھٽ ئي ڌيان ڏنو ويندو آھي.

پر تازو آيل رپورٽ گھڻي ڇرڪائيندڙ آھي،جنھن ۾ اختيارين ۽ حڪومت جي لاڳاپيل ادارن جي ڪيل دعوائن جي پت وائکي ٿي رھي آھي.رپورٽ موجب سنڌ جا لکين ٻارڙا اسڪولن ۾ داخل ٿيڻ کان محروم آھن،ڪيترائي اسڪول بند پيل  آھن تھ ساڳئي وقت  اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ پڻ آھي. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن پاران سال 2021ع ۽ 2022ع  جي تعليمي صورتحال بابت پڌري ڪيل رپورٽ ۾  ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ جا 70 لک کان وڌيڪ ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آهن، جڏهن ته زميني صورتحال کي ڏسندي اسڪولن کان ٻاهر رهندڙ انهن ٻارڙن جو انگ 90 لک کان به وڌي وڃڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.داخل نھ ٿي سگھندڙن ۾ نياڻين جو وڏو انگ آهي. ھن کان ڪجهه ڏينهن اڳ مختلف سماجي ادارن جي سرويز ۾ ڳڻتي جوڳي ڳالهه سامهون آئي هئي ته سرڪار پاران بند پيل اسڪول کولڻ جي دعوائن باوجود سڄي سنڌ ۾ 10 هزار کان وڌيڪ اسڪول اڃا بند پيل آهن، سنڌ جا هزارين بند پيل پرائمري اسڪول نھ کلي سگھيا آهن، ٻوڏ جي تباھڪارين جي ڪري سوين اسڪول ڊھي پٽ ٿيل آهن، اسڪولن جون عمارتون زبون حالي جو شڪار ٿيل آھن، اسڪولن ۾ استادن ۽ ٻي عملي جي کوٽ بھ پوري نھ ٿي سگھي آھي،جڏهن ته 25 هزار کان وڌيڪ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي، اميدوار استاد گذريل ٽن سالن کان آفر آرڊر ۽ جوائننگ ليٽر ملڻ جي انتظار ۾ ويٺل آهن.

ملڪ ۾ اسڪولن ۾ داخل نھ ٿي سگھندڙ ٻارڙن بابت هڪ رپورٽ به سامهون آئي آهي، جنهن ۾ سنڌ ٻيو نمبر صوبو آهي جتي 70 لک کان وڌيڪ ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آهن. انهن ٻارڙن جي اسڪول کان ٻاهر هجڻ جو وڏو سبب غربت ۽ معاشي بدحالي ٻڌايو ويو آهي.

سنڌ جي تعليم جي حوالي سان هڪ ٻي رپورٽ شايع ٿي هئي ته سنڌ جي 3 ھزار 278 اسڪولن ۾ رڳو ھڪ ھڪ استاد مقرر ٿيل آھن، اسڪولن کان ٻاهر رهندڙ ٻارڙن جو تعداد سنڌ جي ڪل آبادي جو 40 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، 5 سالن کان 16 سالن جي ڄمار وارن ٻارڙن ڪڏهن اسڪول ۾ پير ناهي پاتو.

پيپلزپارٽي جي گذريل حڪومت، سنڌ ۾ بند پيل اسڪول کولڻ، استادن جي کوٽ پوري ڪرڻ ۽ اسڪولن کان ٻاهر رهندڙ ٻارڙن کي اسڪولن تائين آڻڻ جي لاءِ سال 2020ع ۾ ڪوششون شروع ڪيون ھيون،جنهن ۾ آئي بي اي ذريعي استادن کي مقرر ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو، پر اڃا تائين سنڌ جا هزارين اسڪول بند هجڻ جا انڪشاف ٿي رهيا آهن، سڄي ملڪ ۾ اسڪول جي عمر کي پھچندڙ 2 ڪروڙ 62 لک ٻار  اسڪولن کان ٻاهر آهن،جنھن ۾ پنجاب پهرين نمبر تي آھي جتي وڌ کان وڌ ٻار اسڪولن ۾ داخل نھ  آهن، وس وارن کي ھن اھم ترين معاملي ڏانھن فوري طور ڌيان ڏئي ڪري ان کي بھتر ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي گھرج آھي.

ڪجھھ وقت اڳ سنڌ جي گھڻگھرن جي ھڪ پروگروام ۾ اھا ڳالھھ بھ سامھون آئي ھئي تھ سنڌ ۾ ڪافي وقت کان رڳو ھڪ ڪمري واري عمارت ۾ اسڪول قائم آھن،جيڪڏھن ان طرف سوچجي تھ ھڪ ڪمري ڪيترن شاگردن کي پڙھائڻ جي گنجائش ممڪن آھي، تھ اھو بھ اھم مسئلوآھي.اھو درست آھي تھ تعليم واري شعبي ۽ تعليم جي پھرين ذميواري حڪومت ۽ ان سان لاڳاپيل تعليمي کاتي جي آھي پر اھو بھرحال سموري سماج جي ذميواري آھي،جنھن ۾ سياسي سماجي ڌرين کي بھ ھن مسئلي ڏانھن ڌيان ڏئي ، سنڌ ۾ تعليم جي معيار ۽  مقدار کي وڌائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ گھرجي.جيئن ھن اھم معاملي جي لاءِ وقت جي حڪومت تي دٻاءِ وجھي سگھجي ۽ سنڌ جي مستقبل کي سنوارڻ ۾ اڳيان وڌي ڪري دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلي موجب ان سان مقابلو ڪري سگھجي.

گھوٽڪي جي ڏھن مغوين کي حڪومت بازياب نه ڪرائي سگھي

اتر سنڌ ۾ وري ڌاڙيلن جون ڪارروايون وڌي ويون آھن،جنھن ڪري اتي جي ماڻھن جي زندگيءَ قيدين واري بڻجي وئي آھي،ٻن ھفتن دوران گھوٽڪي ضلعي اندر ڏھن کان وڌيڪ ماڻھون اغوا ٿي ويا آھن، جيتوڻيڪ پوليس ۽ حڪومت جو چوڻ آھي تھ اھي ڌاڙيلن کي ناس ڪرڻ جي لاءِ آپريشن ڪري رھيا آھن، پر ھن جو مجموعي طور ان جو سماج تي ڪو اھڙو اثر نھ پيو آھي،جنھن سان ڏوھارين جون ڪارروايون رڪجي ويون ھجن.

ملڪ ۾ عام چونڊن جون سرگرميون بھ جاري آھن تھ وري ڌاڙيل ماڻھن کي اغوا ڪرڻ جي عمل ۾ بھ رڌل آھن پر ھن وقت تائين ڪنھن بھ جماعت اھڙن ڏوھن جو ڪو ذڪر نھ ڪيو آھي.سنڌ ۾ ٿيندڙ اغوا جي وارداتن بعد ھاڻي ڄڻ تھ اھڙا واقعا معمول جو حصو بڻجي ويا آھن،جن تي ڪو رسمي احتجاج بھ نٿو ٿئي.ٻين لفظن ۾ سنڌ جو ماڻھو پاڻ مٿان ٿيندڙ اھڙي ظلم ۽ بدامني کي سھڻ جو عادي ٿي ويو آھي.

ٻئي پاسي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا آھن جيڪي عام ماڻھو کي ڪنھن بھ قسم جو تحفظ ڏيڻ ۾ ڪامياب نھ ٿيا آھن،جنھن ڪري غريب ۽ بي پھچ ماڻھن ۾ خوف طاري آھي.حد جي پوليس يا وري اتان جا سردار ۽ وڏيرا ھاڻي ڪنھن ماڻھو کي اغوا واري واقعي تي رواجي ڳڻتي جو اظھار بھ نٿا ڪن.

نگران حڪومت اچڻ سان ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي جي لاءِ پروگرام جوڙيو ھو،جنھن سان اھا اميد پئدا ٿي ھئي تھ، امن امان ٿيندو ۽ ماڻھون ڪنھن حد تائين سک جو ساھ کڻندا پر تاحال اھڙي ڪا بھ صورت پئدا نھ ٿي آھي.جنھن ڪري نگران حڪومت مان بھ ماڻھون بيزار ٿي ويا آھن.

اختيارين کي عوام جي تحفظ جي لاءِ تڪڙا  قدم کڻي مغوين کي آزاد ڪرائڻ ۽ ڏوھارين جي خلاف عملي ڪارروائي ڪري حڪومت جي رٽ قائم ڪرڻ ۽ قانون تي عمل ڪرڻ گھرجي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.