عمران خان ماضي بڻجي ويو، نالو نه کڻو ، عرب بادشاهه

لاهور ( عوامي آواز نيوز ) پاڪستان جي سياست ۾ عمران خان ماضيءَ جي تاريخ بڻجي چڪو، اها ڳالهه ابوظهبي جي بادشاهه پاڪستان جي هڪ سينيٽر سان ڪچهري دوران ڪئي.
نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سينيٽر ڪچهري دوران ٻه ٽي ڀيرا عمران خان جو نالو کنيو ته ابوظهبي جي بادشاهه کيس چيوته مهرباني ڪري عمران جو نالو نه کڻو، ڇوته هو پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ماضي جو باب بڻجي چڪو آهي.
ٻئي طرف لاهور هاءِ ڪورٽ جي هڪ جسٽس جيڪو چوڌري ڀائرن جو به ويجهو سمجهيو ويندو آهي ، ان هڪ ڪچهري ۾ هڪ سرڪاري آفيسر کي چيو ته اسان چاهيون ٿا ته عمران خان کي آزاد ڪري 6 مهينن لاءِ وزيراعظم ڪيو وڃي ، 6 مهينن کانپوءِ عمران خان جو نالو وٺڻ وارو به ڪير نه هوندو، سرڪاري آفيسر چيوته هڪ جج جي واتان اها ڳالهه ٻڌي حيران رهجي ويس.
سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته ابوظهبي جي بادشاهه جيڪا ڳالهه عمران خان بابت چئي آهي ان مان محسوس ٿئي ٿو ته عرب حڪمرانن کي ضرور اسٽيبلشمينٽ اهو باور ڪرايو آهي ته مستقبل ۾ عمران خان جو سياست ۾ ڪوبه ڪردار نه هوندو، ان ڪري ابو ظهبي جو بادشاهه اعتماد سان چوي ٿو ته عمران خان هاڻي ماضي آهي ان جو ذڪر بيڪار آهي
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 23 جنوري 2024 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.