دهشتگردن جي حملن جو امڪان، اسلام آباد جون چار يونيورسٽيون بند

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سيڪيورٽي خدشن سبب اسلام آباد جي چئن يونيورسٽي کي ٻئي حڪم اچڻ تائين بند ڪيو ويو آهي.رپورٽ موجب سيڪيورٽي ادارن اسلام آباد ۾ ڪجهه تعليمي ادارن تي حملن جو امڪان ظاهر ڪندي ان حوالي سان ٿريٽ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ حملن ۽ سيڪيورٽي خدشن سبب چار يونيورسٽين کي بند ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد جي ڏورانهن علائقن ۾ رات دير سان سيڪيورٽي ادارن سرچ آپريشن به ڪيا آهن انهن ۾ ڪنهن کي گرفتار ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي حوالي سان ڪي به اطلاع سامهون نه اچي سگهيا آهن.ٿريٽ الرٽ ۾ پابندي مڙهيل تنظيم طرفان يونيورسٽين تي حملن خاص طور تي آپگهاتي حملن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب اهڙين يونيورسٽين ۾ قائداعظم يونيورسٽي، نيشنل ڊفينس يونيورسٽي، ايئر يونيورسٽي ۽ بحريه يونيورسٽيون شامل آهن جنهن کي اڻڄاتل مدي جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي ۽ شاگردن کي ان حوالي سان رات دير سان آگاهه ڪيو ويو آهي.
آءِ جي اسلام آباد ڊاڪٽر اڪبر ناصر چيو ته اسلام آباد ۾ غير قانوني اجتماعن تي مڪمل پابندي آهي جيڪڏهن ڪوبه غيرقانوني اجتماعن جي ڪوشش ڪري ٿو ته اسان ان کي ٻڌائيندا آهيون ته ڪنهن به اڳواٽ اطلاع يا امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اجتماع نٿا ڪري سگهجن.
عوام افواهن تي ڌيان نه ڏئي. غيرضروري قدم نه کنيا وڃن جنهن سان سيڪيورٽي جي صورتحال جو امڪان هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.