پ پ سنڌين کي اقليت ۾ آڻڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو:صنعان قريشي

ڪراچي(پ ر) سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پيپلزپارٽي جو مُک ڪردار رهيو آهي، سنڌ جي زمينن کي غير قانوني طور تي وڪرو ڪري بحريا ٽائون جهڙا غير قانوني منصوبا جوڙي ڌارين کي مڪمل سپورٽ ڪري آباد ڪيو پيو وڃي.
اهڙن خيالن جو اظهار جسقم چيئرمين صنعان قريشي ڪراچي ان سائيڊ سينٽرل جيل اي ٽي سي 15 ڪورٽ ۾ ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته بحريا ٽائون سنڌ دشمن منصوبو آهي، جنهن خلاف احتجاج ڪرڻ جي ڏوھ ۾ پيپلزپارٽي جي سرڪار اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا جن ڪيسن کي ڀوڳي رهيا آهيون.
هن چيو ته 25 فيبروري تي سنڌ جي زمين تي قبضي، سمنڊ، درياھ، ٻيٽن، جبل، وسيلن تي قبضي خلاف ٺٽي ۾ تاريخي ريلي ڪڍي ويندي، جنهن ۾ شرڪت جي سنڌي ماڻهن کي دعوت ڏيان ٿو.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي، ٺٽو، ڄامشورو، ڪوٽڙي ۾ ڪارخانن ۽ فيڪٽرين سنڌين جي روزگار جا در بند آهن، جنهن تي خاموش نٿو رهي سگهجي، سنڌين جي روزگار جا در کوليا وڃن ٻي صورت ۾ سرمائيدارن جي اهڙي پاليسي خلاف احتجاج ڪيو ويندو،
هن چيو ته سنڌ جي انچ انچ جا وارث آهيون، سنڌ جي غير آباد زمين هجي، صحرا هجي، جبل هجن، ٻيلا هجن، درياھ هجي، سمنڊ هجي ان جا وارث اسان سنڌي آهيون، سنڌ مٿان ڪنهن به شڪل ۽ ڪو به قبضو برداشت نه ڪنداسين، جڏهن ته اشرف ڪلهوڙو، آصف رضا مگسي، ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ، ايڊووڪيٽ جمن پنهور ،ايڊووڪيٽ ڪاظم مهيسر ،ايڊووڪيٽ سيف سمون ،ايڊووڪيٽ اصغر ناريجو ،ايڊووڪيٽ ساجد راڄپر ۽ ٻيا موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.