آءِ سي سي ون ڊي ٽيم آف دي ايئر جو اعلان، ڪو به پاڪستاني شامل ناهي

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) مينز ون ڊي ٽيم آف دي ايئر 2023ع جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن ڪو به پاڪستاني رانديگر جاءِ ناهي ٺاهي سگهيو.
ڀارت جي روهت شرما کي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن رته ڪپتان سميت 6 رانديگر ڀارت جا آهن.


سال 2023ع جي بهترين ٽيم ۾ روهت شرما کانسواءِ شُڀمَن گِل، ويرات ڪوهلي، محمد سراج، ڪُلديپ ياديو، ۽ محمد شامي شامل آهن.
ون ڊي ورلڊ ڪپ 2023ع جي فائنل جي هيرو آسٽريلوي بيٽر ٽرويس هيڊ ۽ ايڊم زمپا به سال جي بهترين ٽيم جو حصو بڻايو ويو آهي.

آءِ سي سي ون ڊي ٽيم آف دي ايئر جو اعلان، ڪو به پاڪستاني شامل ناهي
ان کانسواءِ نيوزيلينڊ جي ڊيرل مچل، ڏکڻ آفريڪا هينرڪ ڪلاسن ۽ مارڪو جنيسن کي به ون ڊي ٽيم آف دي ايئر ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.