ڪراچي: نيپا چورنگي وٽ کليل گٽر ۾ ڪِري پيل معصوم نينگر جو 14 ڪلاڪن کانپوءِ لاش هٿ

ڪراچي: نيپا چورنگي وٽ کليل گٽر جي مين هول ڪِري پيل معصوم نينگر جو 14 ڪلاڪن کانپوءِ لاش هٿ آيو آهي.
ريسڪيو اختيارين موجب، نينگر جو لاش واقعي واري هنڌ کان لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلوميٽر پري نالي مان هٿ آيو.
ريسڪيو اختيارين نينگر جو مڙهه فوري طور سردخاني منتقل ڪري ڇڏيو آهي.
نينگر جي سڃاڻپ 3 ورهين جي ابراهيم ولد نبيل طور ٿي آهي، هو پنهنجي ڪٽنب سان گڏ ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ شاپنگ لاءِ آيو هو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪراچيءَ جي علائقي گلشن اقبال نيپا چورنگي ويجهو ٽن ورهين جو نينگر کليل گٽر ۾ ڪري پيو هو.
واقعو رات اٽڪل 11 وڳي پيش آيو، جنهن کانپوءِ ريسڪيو اهلڪارن ٻار جي ڳولا شروع ڪئي، پر هو ناڪام رهيا.
ان کانپوءِ آپريشن عارضي طور روڪيو ويو، ريسڪيو آپريشن روڪڻ کانپوءِ ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳري مشينري گهرائي ۽ واقعي واري هنڌ جي کوٽائي ڪئي وئي.
ان واقعي بعد مڇريل ماڻهن احتجاج ڪيو ۽ روڊن تي ٽائر ساڙي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي.
علائقي واسين جي احتجاج سبب ڀرپاسي وارن روڊن تي ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي، جڏهن ته يونيورسٽي روڊ نيپا کان حسن اسڪوائر ايندڙ ۽ ويندڙ ٽريڪ ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو هو، جنهن کي هاڻي کوليو ويو آهي.
ان کانسواءِ مڇريل ماڻهن ميڊيا تي پڻ حملو ڪيو ۽ گاڏين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا، جڏهن ته آفيس ويندڙ شهرين کي زبردستي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، احتجاج سبب امدادي ٽيمن ريسڪيو آپريشن روڪي ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.