عورت کي هراساني کان بچائڻ تي انٽرنيشنل ايٿليٽ راڊن ۽ ڏنڊن سان وار ڪري قتل

روهتڪ(ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست هرياڻا جي شهر روهتڪ ۾ عورت کي هراساني کان بچائڻ تي انٽرنيشنل ايٿليٽ روهت کي قتل ڪيو ويو.
پوليس موجب، جهيڙو سيلفي وٺڻ تان ٿيو، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته بين الاقوامي پيرا ويٽ ليفٽنگ ايٿليٽ روهت مٿان شادي جي تقريب ۾ اٽڪل 10 مهمانن هٿيارن ۽ ڏنڊن سان حملو ڪيو، کيس شروعاتي طور اسپتال نيو ويو، پر ٻه ڏينهن علاج هيٺ رهڻ کانپوءِ دم ڏئي ڇڏيو.
ذريعن موجب، تقريب دوران راهول نالي همراهه نشي جي حالت ۾ عورتن بابت گٿن لفظن جو استعمال، جنهن جي روهت مخالفت ڪئي، جنهن تي جهيڙو ٿيو پر مهمانن ۾ وچ ۾ اچي معاملو ٽاري ڇڏيو.
رپورٽن موجب، شادي جي تقريب تان واپسي دوران راهول ۽ سندس ساٿين روهت جي گاڏي روڪي مٿس ڏنڊن ۽ لوهه جي راڊن سان حملو ڪيو، جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.