ڍاڪا(ويب ڊيسڪ) بنگلاديش پريميئر ليگ (بي پي ايل) ۾ پاڪستان جا 11 ڪرڪيٽر ايڪشن ۾ هوندا.
پاڪستان جي ڪيترن ئي ڪرڪيٽرن کي بي پي ايل جي نيلامي دوران فرنچائز خريد ڪيو ۽ ڪجهه رانديگرن معاهدا به ڪيا ويا آهن.
پاڪستاني ڪرڪيٽر خواجا نافع ۽ سفيان مقيم رنگپور رائيڊرز جو حصو بڻجي ويا آهن، جڏهن ته صاحبزادا فرحان، محمد نواز ۽ جهانداد خان راج شاھي وارئيئرز جي نمائندگي ڪندا.
احسان الله ۽ حيدر علي نوڪخالي ايڪسپريس جو حصو بڻيا آهن، عثمان خان ڍاڪا ڪيپٽلز ۽ ابرار احمد چٽاگانگ رائلز جي ٽيم ۾ آهي، جڏهن ته صائم ايوب ۽ محمد عامر سلهٽ ٽائيٽنز طرفان کيڏندا.
واضح رهي ته بنگلاديش پريميئر ليگ جون ميچون 26 ڊسمبر کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
You might also like