نيپا واقعي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي، ذميوار جماعت اسلامي آهي چوندس ته ماڻهو ناراض ٿي ويندا: ميئر ڪراچي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ميئر ڪراچي مرتضيٰٰ وهاب چيو آهي ته ڪالهه رات نيپا چورنگي ويجهو مين هول ۾ جيڪو ٻار ڪريو، اهو سيوريج نه پر برساتي نالو هو، ڏک جي گهڙي ۾ نينگر جي وارثن سان گڏ آهيان،پر معاملي کي سياسي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰٰ وهاب چيو ته ان ماءُ ۽ پيءُ جي تڙپ جو احساس آهي ۽ پونئرن سان افسوس جو اظهار ڪيان ٿو، متاثر خاندان جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي، پر ڪالهه رات ان معاملي تي سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا ڏاڍي بدقسمت شيءِ آهي.
هن چيو ته 500 ميٽر واري حصي کي کوٽي چڪا آهيون، نينگر جي ڳولا جو ڪم جاري آهي، سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ حاصل ڪري رهيو آهيان ته معاملو ڇا آهي، ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن کي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي ته ڪنهن مشينري کان روڪيو، جيڪڏهن ائين آهي ته قانوني ڪارروائي ڪنداسين ۽ جيڪڏهن عملي جي ڪوتاهي ثابت ٿي ته سندن خلاف پڻ ڪارروائي ڪئي ويندي.
مرتضيٰٰ وهاب چيو ته گذريل هڪ سال دوران 88 هزار مين هول ڪور لڳايا ويا آهن، واٽر ڪارپوريشن 55 سيڪڙو يو سي چيئرمينز کي ڍڪڻ ڏنا آهي، انڪوائري ڪرائيندس ته شهر جي وچ ڊپارٽمينٽل اسٽور ۽ اسپتال جي ڀرسان مين هول ڪيئن کليل هو، مين هول ڪيئي ڏينهن کان کليل هو يا کوليو ويو هو، اهو چيڪ ڪيو ويندو.
ميئر ڪراچي چيو ته ڪالهه رات پيش آيل واقعو سياسي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، تنقيد ڪندڙ ماڻهو ان کي سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪندا، واٽر ڪارپوريشن کي ڪا شڪايت نه ملي هئي.
هن چيو ته هو متاثر خاندان ۽ والدين سان گڏ آهي، مان حڪومت جو حصو آهي، اهڙي قسم جي چڙڏياريندڙ ڳالهه ٻولهه سان معاملا حل ناهن ٿيندا، برساتي نالي تي ٽائون ۽ ڪي ايم سي ٻئي ڪم ڪندا آهن، معاملي جي هر رخ جي مڪمل جاچ ڪنداسين.
مرتضيٰٰ وهاب وڌيڪ چيو ته ان علائقي جو ٽائون چيئرمين جماعت اسلامي جو آهي، جيڪڏهن مان چوان ته ذميواري جماعت اسلامي جي آهي ته ماڻهو ڪاوڙجي ويندا، منافقت کي ظاهر ڪرڻ کان پٺتي نه هٽندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.