غزا ۾ جنگ بندي تي اڳڀرائي نه ٿي، حماس جو ترڪي سان رابطو

دنيا ۾ وچ اوڀر ۾ جاري جنگ کي روڪڻ ۽ غزا ۾ جنگ بندي جي لاءِ ترڪي بھ سفارتي سطح تي ڪوششون شروع ڪيون آھن،حماس اڳواڻ اسماعيل ھانيا ترڪي جي پرڏيھي وزير ھاڪان فيدان سان ملاقات ڪئي آھي.

ھن وقت وچ اوڀر جي مسئلي تي ڪا بھ وڏي اڳڀرائي نھ ٿي سگھي آھي.سعودي عرب چيو آھي تھ فلسطين جي مسئلي حل ٿيڻ تائين  اسرائيل سان لاڳاپا قائم نھ ڪيا ويندا.جڏھن تھ غزا ۾ اسرائيل جي ڪارروائي ۾ ڪا بھ گھٽتائي نھ آئي آھي. غزا ۾ مارجي ويل فلسطينن جو ڪل انگ 15 ھزار 474 ٿي ويو آھي.زخمين جو تعداد 62 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آھي ۽ لکين ماڻھون بي گهر ٿي ويا آھن.

ان وچ ۾قطر ۾ رھندڙ حماس اڳواڻ اسماعيل ھانيا ترڪي جي پرڏيھي وزير   هاڪان فيدان سان ترڪي ۾ ملاقات ڪئي. جن جي ملاقات ۾ حماس وٽ مغوي بڻايل 250 ماڻهن جي آزادي ۽ جلد از جلد جنگ بندي بابت ڳالھيون ٿيون آھن.

گذريل سال ست آڪٽوبر کان غزا ۾ جنگ جاري آھي.جڏھن تھ دنيا جي سمورين سفارتي ڪوششن باوجود اسرائيل جنگ بندي جي لاءِ تيار نھ  آھي.اسماعيل ھانيا ۽ ترڪي جي پرڏيھي وزير وچ ۾متاثر علائقن ۾ امداد سميت مستقل امن بابت بھ ڳالھه ٻول ٿي آھي.اسرائيل جو چوڻ آھي تھ ھن وقت بھ حماس وٽ  لڳ ڀڳ 132 يرغمالي آھن. اي ايف پي جي رپورٽ  موجب 132 يرغمالين مان گهٽ ۾ گهٽ 27 جي باري ۾ خيال آهي ته اھي ماريا ويا آهن.

ست آڪٽوبر کان اڳ ترڪ شھر استنبول ۾ حماس جي سياسي اڳواڻن جي لاءِ ھڪ اڏي طور استعال ٿي رھيو ھو. بھرحال ڪجهھ اڳواڻن پاران اسرائيل جي ھن خطرناڪ حملي تي جشن ملھائڻ واري ويڊيوز سامھون اچڻ بعد ترڪي حماس اڳواڻ کي ملڪ ڇڏڻ جي لاءِ چيو ھو.پر ان بعد اسرائيل جي غزا ۾ وحشياڻي حملن ۽ ماڻھن جي قتل تي ترڪي مسلم دنيا ۾ سخت ترين نقاد مان ھڪ بڻجي ويو آھي.ترڪي صدر طيب اردوان تازو ھڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ھو تھ عالمي برادري جي ساک بري طرح متاثر ٿي آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.