چونڊن جو ماحول ۽ ووٽر جي ذميواري

فدا ميراڻي

عام طور ايئن ٿيندو ھو ملڪ جون وڏيون جماعتون پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن جو پوري ملڪ ۾ مقابلو ٿيندو ھو جيڪا جماعت اڪثريت ۾ کٽي ايندي ھئي ان جي حڪومت ٺھندي ھئي پوءِ اڳتي ھلي ٻين جماعتن به سياست ۾ ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان  ڪردار ادا ڪيو ۽ پنھنجي منشور مطابق پنھنجي اڪثريتي علائقن مان کٽي آيون ته انھن کي پڻ حڪومت ۾ شامل ڪيو ويو ته ڪنھن مھل اپوزيشن ۾ به ھونديون آھن اھي سڀ سياسي جماعتون جڏھن پنھنجو وقت پورو ڪري وري ٻيھر عوام وٽ ووٽ وٺڻ لاءِ  وينديون آهن ته عوام کي پنھنجي ڪارڪردگي ٻڌائينديون آھن ته اسان پنجن سالن ۾ ھي ڪردار ادا ڪيو.

جيڪڏھن پاڻ ھن دفعي خاص ڪري سنڌ جي سياستدانن جيڪي اڪثر حڪومت ۾ رھيا انھن تي نظر ڦيرايون ته پندرھن سالن کان اڪثر ساڳيا چھرا نظر اچن ٿا جنھن ۾ خانداني سياست ڪندڙ پڻ شامل آھن جيئن سکر جا سيد،گھوٽڪي جا مھر،ٺٺي جا شيرازي،ھالا جا مخدوم،خيرپور جا وساڻ وغيره شامل آهن جيڪي مسلسل چونڊون کٽي آيا عوام کي ترقي ،ڀلائي،تعليم وغيره جا ٻول ڏيندا آيا پر سندن اھي لفظي ٻول سيلاب ۽ برساتن ۾ غلط ثابت ٿيا جن سياستدانن گذريل اليڪشن ۾ عوام کي چيو ته اسان سياست فقط عوام جي خدمت خاطر ڪيون ٿا مرڻ جيئڻ عوام سان آھي ھر ڏک سک ۾ عوام سان گڏ آھيون پر تمام خطرناڪ حالتن ۾ اھي چونڊيل نمائنده عوام ۾ نظر نه آيا .

گذريل برساتن ۽ ٻوڏ جيڪا تباھي مچائي ڇڏي جنھن سبب عوام پنھنجن ٻارن ٻچن سميت روڊن تي دربدر ٿيو کائڻ پئيڻ لاءِ  ڪجهھ نه ھجڻ سبب بکون ڪٽڻ تي مجبور ھو ته مٿن  حڪومت کي ٿورو گھڻو رحم پيو مختلف ضلعن ۾ ھنگامي بنيادن تي سنڌ سرڪار فنڊ جاري ڪيا جيڪي کائڻ پيئڻ ،ٽينٽ سٽي قائم ڪرڻ وغيره ۾ استعمال ڪيا ويا پر انڌير نگري ھجڻ سبب انھن ۾ به ڪرپشن ڪئي  وئي جنھن جون عوام ميڊيا تي پڻ رڙيون ڪيون ته اسان کي ڪجهھ به ڪو نه مليو وري به انھن کي مليو جيڪي سيلاب ۽ برساتن  جا متاثر ئي نه ھئا،اھڙي طرح جيڪڏھن ان مسئلي تي نظر ڦيرايون ته غريب مستحق ماڻھن کي امداد ڇو نه ملي ته سنڌو سنئون انھن چونڊيل نمائندن جي نااھلي ثابت ٿيندي ڇاڪاڻ ته مختلف تڪن مان چونڊيل نمائندا پاڻ عوام جي وچ ۾ نه آيا علائقي جي وڏيرن،پارٽي ليڊرن کي استعمال ڪري رھيا ھئا جن متاثرن سان جٺيون ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ايتري حد تائين بي گھر ٿيل ماڻھن لاءِ  آيل خيمه وڪرو ڪيائون جنھن جي نشاندھي پڻ ميڊيا تي ٿي چڪي آهي ،تيز برساتن ۾ جڏھن عوام کي ماني ڏيڻ جي نالي تي ديڳيون پچائي ڏنيون پيون وڃن ته اھي به مخصوص ماڻھن حوالي ڪري ڪرپشن ڪئي وئي جنھن خلاف مختلف ضلعن ۾ ڊي سيز پاران جاچ پڻ ڪرائي وئي ان کان سواءِ گھر گھر سروري ڪرائي بي گھر ماڻھن کي پئسا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو جيڪي پڻ غريبن کي اڪثر نه ملي سگھيا

ھي ڪلور فقط ٻوڏن ۽ برساتن ۾ عوام سان ڪيا ويا ٻين مسئلن تي نظر وجهنداسين ته غريب مسڪين عوام سدائين نظراندازي واري نشاني تي ھوندو جيئن تعليم ته غريب به حاصل ڪري ٿو ته امير به حاصل ڪري ٿو پر ٻنھي جو مقصد فقط ھڪ ئي آهي  ته پڙھي ڪري روزگار سان لڳي وڃون ملڪ جي  خدمت به ڪيون ته پنھنجي زندگي جو گذر سفر به سٺي نموني ڪيون پر تازو ڪميشن سروس جي نوڪرين ۾  به سياستدان پنھنجي سياسي طاقت جو استعمال ڪري غريبن مسڪينن جي اھل نوجوانن کي پٺتي رکرائي ڇڏيو ۽ سفارشي ڪلچر ۽ پئسي جي ڏيتي ليتي تي ڪيترائي نااھل پاس ڪرايا جيڪو ھڪ تعليم سان ۽ عوام جي خوابن سان ھڪ ظلم ھو ۽ اھڙي عمل سان غريبن مسڪينن ۾ مايوسي ڦھلجي وئي.

ٻئي طرف حڪومت جي ڪارڪردگي تي مجموعي نظر وجھون ته صحت کاتو ھجي يا وري روينيو ،پوليس،آبپاشي وغيره ته انھن ۾ به ڪرپشن عروج تي ھجڻ سبب غريبن مسڪينن کي پنھنجا حق نه ملي سگھيا ڇاڪاڻ ته اھڙن کاتن جا ذميدار آفيسر به چونڊيل نمائندا مقرر ڪرائيندا آهن اھڙا آفيسر وري نمائندن جا نوڪر بڻجي ويندا آهن جيئن تازو ڀاڻ جي شديد بحران ۾ به سياست کي وچ ۾ آڻي مقامي سطح جي سياسي وڏيرن کي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار جي پاور ذريعي پرچين تي ڀاڻ ڏئي غريب مسڪين ھارين کي محروم ڪيو ويو جنھن لاءِ  روز جي بنياد تي غريب ھاري دانھون ڪندا رھيا ڪنھن به دانھن نه ٻڌي ويچارا بليڪ تي ڀاڻ خريدڻ تي مجبور آھن،پوليس کاتي جي ٻڌ ڇوڙ تي باقاعده مقامي سطح تي سياست ڪئي پئي وڃي چونڊيل نمائندن جي خاص ماڻھن کي فرمائش تي ٿاڻن تي مقرر ڪرايا وڃن ٿا جيڪي پنھنجي مرضي ھلائڻ ۾ وس نه ٿا گھٽائن چوڻ جو مقصد ان سموري ظلم جي داستان ۾ فقط ۽ فقط غريب بي سهارا ئي ماڻھو نشانو بڻيو آھي.

ايندڙ عام چونڊن ۾ اھڙو متاثر عوام پاڻ سان ٿيل ظلم جو حساب ڪتاب وٺڻ لاءِ  پنھنجو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو ڪيترن اميدوارن جيڪي ماضي ۾ حڪومتن ۾ رھيا انھن جي رستا روڪ سميت مختلف طريقن سان رڪاوٽ پئجي سگھي ٿي پر جيڪڏھن عوام انھن جي ٻولن کي ٻيھر مڃي ورتو اليڪشن مھم جي تقريرن ۾ ڪوڙن واعدن تي اعتبار ڪيو ته ممڪن آهي وري ٻيھر پنج سال اھڙا ڪلور عوام کي ڏسڻا پوندا ان لاءِ  عوام کي گھرجي ته ووٽ جو استعمال ان اميدوار جي حق ۾ ڪيو جيڪو اوھان جي روز جي زندگي واري  بنيادي سھولتن کي توھان تائين پھچائڻ جو ذريعو پھچڻ ۾ آسان ھجي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.