پيپلزپارٽي جا اميدوار هڪٻئي خلاف ئي بيٺل آهن

مجيد بلوچ

8  فيبروري 2024ع جون عام چونڊون ويجھو ايندي ئي ھر طرف اليڪشن وارو سماءُ ٿي ويو آھي ھر سياستدان ۽ ڪارڪن پنھنجن پارٽي کي ڪامياب ڪرائڻ جو خواھشمند آھي ھر دفعو ايندڙ اليڪشن ڪنھن جي کٽڻ سان ختم ٿيندي آھي ته وري ڪنھن جي ھار سان ختم ٿي وڃي ٿي جيڪا به پارٽي کٽي وڃي ٿي اُھا پورا پنج سال موج مستي ڪندي رھي ٿي ۽ جيڪو  ھارائي وڃي ٿي ته اُھو پنج سال روئيندو رھندو آھي ۽ ھر دفعا جي اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي کي ھارائڻ جا به ڪافي ھيلا وسيلا ڪيا ويندا آھن پر پيپلزپارٽي کي ڪا به پارٽي ھارائي نه سگھي آھي بظاھر عوام پيپلزپارٽي مان نفرت جو اظھار ڪري رھيو آھي ته پيپلزپارٽي پنھنجي مقبوليت وڃائي ڇڏي آھي پوءِ  به مڃڻو پوندو ته پيپلزپارٽي جو سنڌ ۾ ڪا به متبادل پارٽي نه آھي جو پيپلزپارٽي کي ٽف ٽائيم ڏئي سگھي جڏھن به اليڪشن ٿيندي آھي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ئي ميدان ماري ويندي آھي

پر ھن دفعي وري ھڪ ٻئي قسم جو ماحول جڙي پيوي پي ٽي آءِ مان باغي ٿيل لياقت جتوئي جي ڊي اي جي شڪل ۾ سامھون آيو آھي ٻئي طرف پيپلزپارٽي جا ئي ڪامورا يعني وڏيرا پنھنجو پاڻ ۾ ھڪٻئي جي سامھون بيٺل آھن جيڪڏهن اهو  رواج اليڪشن ڏينھن تائين ڪامياب رھي ٿو ته پوءِ  تمام مزيدار مقابلا ڏسڻ لاءِ  ملندا ان کان پوءِ  وري ھٿ کڻائڻ واري رسم به موجود آھي.

جيڪڏهن آخري ڏينھن تائين ڪير به ھٿ نه ٿو کڻي ته پوءِ  سخت مقابلا ٿيندا انھن ۾ اھو به ٿي سگھي ٿو ته جي ڊي اي جو ساڳئي تڪ ps83 تي بيھاريل اميدوار امداد لغاري کي به فائدو پھچي سگھي ٿو اُھو سڀ ڪجھه تڏھن ممڪن ٿيندو جڏھن بيٺل اميدوارن مان ڪير به ھٿ نه کڻي .

ٻئي طرف غور سان ڏٺو وڃي ته عوام جي درد.سورن کي ختم ڪرڻ لاءِ  ڪير به اليڪشن ۾ نه بيھندو آھي ھر ماڻھو پنھنجي مفادن جي لاءِ  اليڪشن ۾ بيھندو آھي ۽ پنھنجا نمبر ٺاھڻ لاءِ  ۽ پاڻ کي چمڪائڻ لاءِ  اليڪشن ۾ بيھندو آھي ۽ اڳتي ھلي اُھو آرام سان ھٿ کڻي ويندو آھي يا ان کي داڻو پاڻي ملي ويندو آھي ھٿ کڻائڻ لاءِ  يا ان کي ھٿ کڻائڻ لاءِ  هراسان به ڪيو ويندو آھي

ھن دفعي به جوهي ۾ پيپلزپارٽي ۾ وڏا اختلاف پيدا ٿيل نظر اچي رھيا آهن خاص طور تي اڳوڻي  ايم پي اي صالح شاھ جيلاني ۽ رفيق جمالي ۾ ڪافي اختلاف نظر اچي رھيا آھن رفيق جمالي چاهي ٿو ته ڪنهن به صورت ۾ ايم پي اي جي ٽڪيٽ صالح شاھ جيلاني کان کسي وڃي ڇو جو صالح شاھ جيلاني ۽ رفيق جمالي جي وچ ۾ ٺاھ ناھي چوندا آھن ٻه شينھن ھڪ ٻيلي ۾ رھي نه سگھندا آهن رفيق جمالي پنھنجي ضد کي اڳتي ڪندي پنھنجي برادرين جي چڱن مڙسن جي ماڻھن جا فارم ڀرائڻ لاءِ  راضي ڪري ورتو آھي چيو پيو وڃي ته لغاري سردارن ۾ ڊاڪٽر بنده علي لغاري شاهاڻين جي سردارن ۾ چاڪر خان شاهاڻي ۽ بوزدارن جي سردارن ۾ قادر بخش بوزدار جمالين جي سردارن ۾ ڌاتل خان جو پٽ پريل خان جمالي کي ميدان ۾ آندو ويو آهي جيڪي سمورا پيپلزپارٽي جا آهن رفيق جمالي ننهن چوٽي جو روز لڳائيندو ته پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ صالح شاھ کي نه ملي پر صالح شاھ جي ٽڪيٽ پڪي آهي ڇو ته رفيق جمالي گروپ ان کان پهريان به ڪوشش ڪئي هئي ته مخصوص سيٽ ڊاڪٽر سجيلا لغاري بدران ميڊم عزرا ميمڻ کي ڏني وڃي ان ۾ به اُھو اڳ ۾  ناڪام ويو ھو

هاڻي جيڪڏهن پ پ ٽڪيٽ صالح شاھ کي ملي ته جمالي گروپ انهن چئن مان ٽن  وڏيرن کان هٿ نه کڻائي ته صالح شاھ جو کٽڻ ناممڪن ٿي سگھي ٿو ڇو ته جمالي گروپ جي ليڊ وڏي آھي، ڇو ته شاهاڻين جي رئيس وٽ ووٽ جيڪي ٽنڊو رحيم خان ڇني شاھ حسڻ ۾ بوزدارن جا ووٽ جيڪي يوسي ڇني ۾ آهي اهي بوزدارن جي سردار جي چوڻ تي ۽ جمالين جا ووٽ جيڪي يوسي بهاولپور يوسي ڦلجي سميت پوري تڪ ۾ جمالين جو ووٽ جمالي سردارن  جي چوڻ تي اميدوار کي ملندا آهن، باقي ڊاڪٽر بنده علي خان هٿ کڻي وڃي ٿو ته پوءِ  لغارين جا ووٽ جي ڊي اي جي بيٺل اميدوار امداد خان کي ملي سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.