ڪوئيٽا (م ڊ ) بلوچستان جي مختلف ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن پاران اليڪشن جي حوالي سان سڪيورٽي ايڊوائزري جاري ڪئي وئي آهي، ڪوئيٽا، ڪچي، ڪوهلو، خضدار، مستونگ جي ڊپٽي ڪمشنرن چونڊ اميدوارن کي سڪيورٽي ايڊوائزري جاري ڪندي عوامي گڏجاڻين کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي.ايڊوائزري موجب چونڊ مهم ۾ تخريبڪار سياسي اڳواڻن کي نشانو بڻائي سگهن ٿا. عورت آپگهاتي بمبار اجتماعن ۽ اڳواڻن کي نشانو بڻائي سگهي ٿي، سڪيورٽي ايڊوائزري ۾ اميدوارن کي ان معاملي کي تمام گهڻي اهميت ڏيڻ جو چيو ويو آهي.