ٺٽو پي ايس 76: جماعت اسلامي جي اميدوار خلاف درخواست رد

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي  تي ٻڌل بينچ پي ايس 76 ٺٽي مان جماعت اسلامي جي اميدوار محمد علي خان جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف  درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت درخواست رد ڪندي جماعت اسلامي جي اميدوار کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. جماعت اسلامي جي اميداور محمد علي جي دستاويزن جي منظوري خلاف غلام مرتضيٰ درخواست داخل ڪئي هئي، هن عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته محمد علي اليڪشن ڪميشن کي غلط معلومات ڏني آهي ته محمد علي هڪ ئي وقت ٻن ادارن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. درخواستگذار جو چوڻ آهي ته علي اڪبر اسپتال ۽ الخدمت فائونڊيشن ٺٽي ۾ ايڊمنسٽريٽر طور ڪم ڪري رهيو آهي، اميدوار ملڪيت ۽ آمدني بابت ڪوڙ ڳالهايو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.